
27/03/2024
ڪو وقت ⏰ھيو
جڏهن ڳوٺ ۾ ٿريشر لڳڻ تي زميندار کان وڌيڪ
ڳوٺ جا ٻارڙا خوش ٿيندا هئا...
۽ سڀن کي قميص جي جهولي ۾ حصو ملندو هو
جيڪو وڃي ڳوٺ جي هٽ/
دڪان تي وڪڻي خوب شيون وٺندا هئا! 🤗
واءُ ڪو اھڙو لڳو جو محبتون مٽجي ويون
پيار وارن پيچرن تي رونقون گھٽجي ويون😞
سنڌ ۾ توهان کي ھاڻي ھن قسم جي تصوير ڳولڻ سان به نه ملندي، ڳوٺ ۾ ٿريشر لڳندا ھيا ته سڄي ڳوٺ جا ٻار ميڙا ڪري مالڪ اڳيان بيھندا ھئا، مالڪ ۽ ھاري ڪشاده دل ۽ سخي ھوندا ھيا ،اسان ھاڻي معاشري تي معيار ڏئي ويٺا آهيون، انسان معاشري کي ٺاھيندو آهي،
معاشرو انسان ناهي ٺاهيندو ! 🙄
ڳوٺ ساڳيا، زمينون ساڳيون پر ماڻهو مٽجي ويا !🥷