PAK Nation

PAK Nation Social Connection

سیشن کورٹس خانیوال کے باہر لگے ترازو کے پلڑے چوری ہوگئے
10/07/2026

سیشن کورٹس خانیوال کے باہر لگے ترازو کے پلڑے چوری ہوگئے

ڪاجول پنهنجي جواني ۾ ڪاري ۽ ڪوجهي ھئي پوءِ شھرت ۽ دولت ملڻ کانپوءِ ڪراڙپ ۾ به خوبصورت ۽ حسين لڳي رھي آھي.. اڄ ڪاجول جون ...
10/07/2026

ڪاجول پنهنجي جواني ۾ ڪاري ۽ ڪوجهي ھئي پوءِ شھرت ۽ دولت ملڻ کانپوءِ ڪراڙپ ۾ به خوبصورت ۽ حسين لڳي رھي آھي..
اڄ ڪاجول جون تازيون تصويرون ڏسي مونکي مرشد جون ايليا جو ھڪ شعر ياد اچي ويو..

جو رعنائی نگاہوں کے لیے فردوس جلوہ ہے "
لباس مفلسی میں کتنی بے قیمت نظر آتی
یہاں تو جاذبیت بھی ہے دولت ہی کی پروردہ
" یہ لڑکی فاقہ کش ہوتی تو بد صورت نظر آتی..!

نوٽ واندو ويٺو ھئس سوچيم توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته پئسو ڪمايو پئسو 😁



ٹرنک اور پیٹیاں بنانے والے بھائیوں تک یہ پیغام پہنچاو کہ جب بھی ٹرنک یا پیٹی بناو تو اسکی کنڈی الٹی لگاو،کیونکہ الٹی کنڈ...
04/05/2026

ٹرنک اور پیٹیاں بنانے والے بھائیوں تک یہ پیغام پہنچاو کہ جب بھی ٹرنک یا پیٹی بناو تو اسکی کنڈی الٹی لگاو،کیونکہ الٹی کنڈی ٹرنک یا پیٹی کے بند ہونے پر خود بخود بند نہیں ہوگی،جس سے ان معصوم بچوں کی جانیں بچائی جا سکتی ہیں جو کھیل کود میں ان ٹرنک اور پیٹیوں میں چھپ کر جانیں گنوا دیتے ہیں۔۔

عوام سے دُعاؤں اور تیار رہنے کی اپیل ایک بہت بڑا پتھر وزیراعظم ہاؤس جاتا دیکھا گیا ہے 😎جمعہ کے دن وزیراعظم صاحب یہ بڑا پ...
30/04/2026

عوام سے دُعاؤں اور تیار رہنے کی اپیل ایک بہت بڑا پتھر وزیراعظم ہاؤس جاتا دیکھا گیا ہے 😎
جمعہ کے دن وزیراعظم صاحب یہ بڑا پتھر دل پر رکھ کر پیٹرولیم مصنوعات 50 سے 100 روپے تک کا اضافہ کریں گے
😄

12/04/2026

زرعي زمين جي ڪلاس ٻنن جا تڪرار ۽ لئنڊ روينيو ايڪٽ جا رجسٽر . ........................................................
علي محمد لغاري " کيسانوي "
ڇنڇر 11 اپريل 2026ع

انگريزن ، جڏھن مير ٽالپرن کان حڪومت کسي پنھنجي ھٿ وس ڪئي تہ سال 1888ع ۾ زمين جي سروي ۽ ماپ ڪري زمين کي ايراضي ۾ ورھائي گهنٽن ايڪڙ ، چار ايڪڙ ، اٺ ايڪڙ ، بلاڪ ۾ ورھائي انهن جي ايراضيء موجب حدبنديون ڪري دنگ نشان ۽ ڪلاس ٻنا ڪڍي نروار ڪري اتي پٿر ھنيا تہ ڪٿي مٽيء جون دڙيون ٺاھي دنگ نشان ۽ ڪلاس ٻنا نروار ڪيا تہ جيئن ڪٿي بہ ايراضي ، دنگ نشان ۽ ڪلاس ٻنن جو تڪرار نہ ٿئي . ان مقصد لاء نقشا ، اتارا ۽ ڏھا بہ ٺاھي تيار ڪري رڪارڊ تي رکيا ويا . ان سان گڏو گڏ انگريزن لئنڊ روينيو بمبئي ڪوڊ 1879 تيار ڪري رائج ڪيو ۽ ان سان گڏ روينيو متعلق ٻيا قانون بہ پاس ڪري انهن جا ڪتاب ڇپائي رائج ڪيا . ان وقت بمبئي لئنڊ روينيو ڪوڊ ۾ اندازاَ پندرھن 15 فارم تيار ڪري رائج ڪيائون . انگريزن وارو قانون سنڌ لئنڊ روينيو بمبئي ڪوڊ 1879 ، سال 1967ع تائين سنڌ ۾ رائج ھو . صدر ايوب جي دؤر ۾ سال 1967ع ھلندي ، انگريزن واري قانون سنڌ لئنڊ روينيو بمبئي ڪوڊ 1879 جي جاء تي سنڌ لئنڊ روينيو ايڪٽ 1967جي نالي سان نئون ايڪٽ پاس ڪري سنڌ ۾ لاڳو ڪيو ويو . ان ايڪٽ ۾ بہ اھي ساڳيا 15 فارم برقرار رکيا ويا . جن ۾ فار م نمبر يارھون ، چڪاس پتر جي نالي سان موجود آھي . جنھن جو مقصد آھي تہ روينيو کاتي جا مقامي عملدار مختيارڪار ۽ وليج اسٽاف يعني تپيدار پنھنجي تپي جي ديھن ۽ حدن ۾ ڪلاس ٻنن جي دنگن نشانن ۽ حدن کي قائم رکڻ لاء ھر ڏھين سال ڪلاس ٻنن ۽ دنگن نشانن جي چڪاس ڪري اتي پٿر ھڻي ڪلاس ٻنن ۽ انهن جي دنگن نشانن کي برقرار رکڻ جا پابند آھن تہ جيئن دنگائي ڪلاس ٻني جي کاتيدارن وچ ۾ ڪلاس ٻني ۽ دنگ نشانن تان تڪرار نہ ٿين ڇاڪاڻ ڪلاس ٻني جي دنگ نشان سان ڪنھن بہ دنگائي کاتيدار يا ان جي ھارين پاران کئونس ڪرڻ سان جهيڙا ٿين ٿا ، جنھن ۾ خون بہ ٿين ٿا ، ٿيا بہ آھن ۽ دشمنيون پيدا ٿين ٿيون .
اھو ئي سبب آھي جو لئنڊ روينيو ايڪٽ 1967ع قانون موجب ڪلاس ٻني جي دنگ نشان سان کئونس ڪرڻ ، ڪڇا ھڻي ٻئي جي زمين کڻڻ ، دنگن نشانن جي صورتحال بگاڙڻ ھن سنڌ لئنڊ روينيو ايڪٽ 1967ع موجب ڏوھ آھي . اھڙي ڏوھ کي روڪڻ لاء حد جو مختيارڪار ، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ لاڳاپيل وليج اسٽاف يعني تپيدار پابند آھن تہ اھي ھر ڏھين سال ڪلاس ٻنن جي دنگ نشانن جي چڪاس ڪري انهن کي پيمائش ۽ ايراضيء موجب سڌا ڪري پٿر ھڻڻ ، برجي ٺاھڻ يا مٽيء جي دڙي ٺاھي نروار ڪري برقرار رکي اھڙي درستي يا چڪاس ڪرڻ جي رپورٽ فارم يارھون چڪاس پتر ۾ رکڻ جا پابند آھن .
جيڪڏھن اھو ڪلاس ٻنن جي دنگنن نشانن کي ھر ڏھين سال چڪاس ڪري فارم يارھون ۾ ڪلاس ٻنن جي دنگن نشانن جي درستيء جي داخلا ٿيندي اچي تہ جيڪر ڪلاس ٻنن تان ڌرين ۾ تڪرار ختم ٿي وڃن ۽ تڪرارن ۾ جاني نقصان کان بہ بچي سگهجي ٿو .
ڏٺو ويو آھي تہ سال 1888ع ۾ انگريزن جي سروي ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوء وري سروي نمبرن جي ڪلاس ٻنن جي دنگن نشانن جي ھر ڏھين سال تہ پري ٿيو پر اڄ تائين چڪاس ئي نہ ٿي آھي . اھوئي سبب آھي جو روينيو کاتي جي عملدارن جي لاپرواھي ۽ عدم ذميواريء جي روز بروز زمين جي سروي نمبرن جي ڪلاس ٻنن جي دنگن نشانن تان جهيڙا ٿين ٿا ۽ ٿيندا پيا اچن ، جنھن ۾ ڌرين جو جاني ۽ مالي نقصان بہ ٿيو آھي ۽ ٿئي پيو .

جڏھن ڪو متاثر کاتيدار ، ڪلاس ٻني جا دنگ نشان نروار ڪري ڏيڻ ۽ ايراضي جي رڪارڊ موجب ماپ ڪري ڏيڻ لاء درخواست ڏي ٿو تہ روينيو عملدار ۽ وليج اسٽاف يعني تپيدار بااثرن ۽ ڏاڍن مڙسن جو پاسو کڻي يا تہ ماپ نہ ڪندا يا ان کي ڊوڙائي ڊوڙائي بيزار ڪري ڀڄائي ڇڏيندا يا ڳري رشوت جي گهر ڪندا جيڪا ھيڻو کاتيدار ڏيئي نہ سگهندو تہ ماپ يا نشان بہ نروار نہ ڪري ڏيندا ان کي پيا ڊوڙائيندا آھن .
خدا نہ خواستہ انسان جي صبر جو پيمانو اٿلي پوي روينيو عملدارن جي اھڙي ڪوتاھيء سان ڪلاس ٻني جي دنگ نشانن تان ڌرين ۾ تڪرار جي نتيجي ۾ ڪو جاني نقصان ٿي پوي تہ ان جو ذميوار ڪوتاھي ڪندڙ لاڳاپيل روينيو عملدار ٿي سگهن ٿا .
ان سان گڏو گڏ ڳوٺ جي نيڪ مرد جو بہ ڪم آھي تہ ھو ڪنھن جي ڌر ٿيڻ بجاء حق سچ چئي متاثر سان انصاف ڪري پنھنجي ئي ڳوٺ ۾ امن ۽ قرب محبت جي فضا قائم ڪري .

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when PAK Nation posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share