26/08/2026
🌙 عيد ميلادالنبي ﷺ | عقيدت ۽ محبت جو روح پرور اظهار
ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ نصرالله عباسي، چيئرمين صفورا ٽائون راشد خاصخيلي، ميونسپل ڪمشنر سڪندر علي، ممتاز اسلامي مفڪر ڊاڪٽر جميل راٺوڙ ۽ ٻين معزز شخصيتن سان گڏ گلشن اقبال بلاڪ 10-A مان عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ نڪتل عقيدت ڀريي جلوس ۽ منعقد ٿيل محفلِ ميلاد ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي پرچم ڪشائي کان پوءِ خصوصي دعا گهري وئي، جڏهن ته محفلِ ميلاد ۾ ڊاڪٽر جميل راٺوڙ ۽ ٻين علمائن سڳورن عظمتِ رسول ﷺ، سيرتِ طيبه ۽ تعليماتِ نبوي ﷺ تي ايمان افروز خطاب ڪيو.
ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ نصرالله عباسي چيو ته خاتم النبيين حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ جي سيرتِ طيبه اسان لاءِ هدايت ۽ نجات جو روشن رستو آهي. دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي تڏهن ئي حاصل ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسين الله پاڪ ۽ سندس محبوب رسول ﷺ جي تعليمات تي مضبوطيءَ سان عمل ڪريون.
چيئرمين صفورا ٽائون راشد خاصخيلي چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سيرتِ طيبه هر انسان لاءِ دنيا ۽ آخرت سنوارڻ جو بهترين نمونو آهي. اسان کي گهرجي ته هن بابرڪت موقعي تي اهو عزم ڪريون ته پنهنجي زندگي حضور اڪرم ﷺ جي تعليمات ۽ سيرتِ پاڪ مطابق گذارينداسين.
جلوس ۾ وڏي انگ ۾ عاشقانِ رسول ﷺ شرڪت ڪري پنهنجي والهاڻي محبت، عقيدت ۽ احترام جو اظهار ڪيو.
🤲 الله پاڪ اسان سڀني کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرتِ طيبه تي سچي دل سان عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين يا رب العالمين
Deputy Commissioner East Karachi
Village Wasoo Kalhoro.
نوجوان اتحاد واسو ڪلهوڙو
Village Welfare and Development Forum, Deh Wasoo Kalhoro