30/07/2026
خواجه سرا الائينس پاران پيٽرول جي قيمتن جي واڌاري ۽ ڪمر توڙ مھانگائي خلاف ڪراچي پريس تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ،احتجاجي مظاھري ۾ خواجه سرا الائينس ۽پاڪستان زنده باد بيسڪ آرگنائيزيشن خواجه سرا ونگ جي مرڪزي چيئرپرسن بنديا رانا، جيئا فائونڊيشن چاندي شاھ، زحرش خان،شھزادي رائو،لتا شا، شمع نظر انجم، شيري کان علاوه سوين خواجه سرائن شرڪت ڪئي ھنن پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌاري ۽ ڪمر توڙ مھانگائي خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا ۽ حڪمرانن کي چتاء ڏيندي چيو ته اسان کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي روزانو پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌارو مھانگائي کي چوٽ چڙھندي ڏسي غريب ۽ مسڪين بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، ڳاٽي ڀڳي مھانگائي سبب بيمار دوائن جا پئسا نه ھجڻ سبب تڙپي تڙپي پنھنجي موت پاڻ مري رھيا آھن اسان مجبور ٿي روڊن تي نڪتا آھيون اگر مھانگائي تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو پيٽرول جي قيمتن ۾ گھٽتائي نه ڪئي وئي ته اسان گورنر ھائوس تي احتجاج ڪنداسي خدارا اسان کان جيئڻ جو حق نه کسيو، اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي ته اسان ڪو سخت قدم کڻون مھانگائي تي فوري ڪنٽرول ڪيو وڃي، پيٽرول جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪئي وڃي