20/06/2025
🌍 اسرائيل کان پاڪستان تائين: هڪ سازش جو سفر
اسرائيل جي سرحد اردن سان ملندي آهي.
اردن جي سرحد شام سان،
شام جي سرحد عراق سان،
۽ عراق جي سرحد ايران سان ملي ٿي.
ايران جي سرحد پاڪستان سان ملي ٿي.
هاڻ، جڏهن تاريخ جا ورق پلٽجن ٿا ته خبر پوي ٿي:
جڏهن بادشاه حسين جي دور ۾ اردن اسرائيل سان امن معاهدو ڪري ٿو،
ته اسرائيل سڌو شام جي سرحد تائين پهچي وڃي ٿو،
۽ موساد اتي سرگرم عمل ٿي وڃي ٿو.
شام ۾ حافظ الاسد رنڊڪ بڻجي ٿو،
تنهنڪري اتي 14 سال ۽ 3 مهينا گهرو ويڙهه جو ماحول پيدا ڪيو وڃي ٿو.
ان دوران شام جي فضائيه ۽ فوج مڪمل طور تي تباهه ڪئي وڃي ٿي،
ملڪ قرض ۾ ٻڏي ٿو،
ڀاءُ ڀاءُ جو ڳلو ڪٽي ٿو،
۽ نيٺ بشار الاسد کي هٽايو وڃي ٿو.
اقتدار تي الجولاني اهڙي حالت ۾ قبضو ڪري ٿو
جو اسرائيلي جنگي جهاز جڏهن چاهن،
شام جي اينٽ کان اينٽ وڄائين ٿا،
۽ شام جا ماڻهو صرف بيبسي سان آهون ڀرن ٿا.
هاڻ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ صرف عراق بچي ٿو.
پهريان عراق کي هٿيار ڏنا وڃن ٿا،
ايران ۾ خوني انقلاب آرايو وڃي ٿو،
۽ پوءِ عرب ۽ عجم، يعني عربن ۽ فارسين کي پاڻ ۾ وڙهايو وڃي ٿو.
هي خونريزي 8 سال تائين جاري رهي ٿي –
نه ڪو فاتح، نه ڪو مفتوح.
جڏهن اسرائيل ڏسي ٿو ته عراق ۽ ايران جنگ ۾ آهن،
ته هو پنهنجي جنگي جهازن ذريعي تموز نيوڪليئر پلانٽ تي بمباري ڪري ان کي تباهه ڪري ٿو،
اهو چئي ته ان سان اسرائيل جي امن کي خطرو آهي.
ان کانپوءِ عراق کي شه ڏني وڃي ٿي،
۽ هو ڪويت تي حملو ڪري ٿو.
جيئن ئي هو ڪويت جي سرحد پار ڪري ٿو،
آمريڪا پوري دنيا کي گڏ ڪري،
عراق جي اينٽ کان اينٽ وڄائي ٿو.
پر پوءِ به عراق ۾ ڪجهه جان باقي رهي ٿي.
2003ع ۾ ساڳيو اسرائيل آمريڪا کي قائل ڪري ٿو ته عراق اهڙا هٿيار ٺاهي رهيو آهي
جيڪي وڏي پيماني تي تباهي آڻي سگهن ٿا.
عراق بار بار يقين ڏياري ٿو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي،
هو عالمي ايٽمي توانائي واري اداري کي مڪمل رسائي ڏئي ٿو،
پر انهي اداري جا ماڻهو جاسوسي تي لڳي وڃن ٿا.
ان کانپوءِ عراق تي تباهه ڪندڙ حملو ٿئي ٿو،
شيعا مليشيا سرگرم ٿي وڃي ٿي،
ڀاءُ ڀاءُ جو ڳلو ڪٽڻ لڳن ٿا،
عراق جي فوج ۽ فضائيه مڪمل تباهه ٿي وڃي ٿي،
سونهري ذخيرا لوٽي ڇڏيا وڃن ٿا،
۽ صدام حسين کي ڦاسي ڏني وڃي ٿي.
هاڻ پاڪستان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ صرف ايران بچي ٿو.
اسرائيلي جنگي جهاز جڏهن چاهن،
اردن، شام ۽ عراق جي مٿان بي خوف اڏامي سگهن ٿا،
بمباري ڪري سگهن ٿا،
۽ انهن کي روڪڻ وارو ڪوبه ناهي.
پوءِ اچي ٿو 12 جون 2025ع جو اهو لمحو،
جڏهن بنا ڪنهن پيشگي جواز جي،
اسرائيل ايران جي نيوڪليئر مرڪزن تي بمباري ڪري ٿو.
ايران جا اهم جنرل ۽ سائنسدان انهن جي ٻارن جي آڏو رت ۾ لٽايا وڃن ٿا.
ڌمڪي ڏني وڃي ٿي ته اهي حملا تيسين جاري رهندا،
جيستائين ايران جو ايٽمي پروگرام مڪمل طور تباهه نه ٿي وڃي،
ڇو ته ان سان اسرائيل کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
اسرائيل جو وزير دفاع ڌمڪي ڏئي ٿو:
"جيڪڏهن ايران دفاعي قدم کنيا ته تهران کي ساڙي رک ڪري ڇڏينداسين."
اهي حملا ۽ جوابي حملا ٽي ڏينهن کان جاري آهن،
۽ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته اهي ڪڏهن ختم ٿيندا.
هاڻ تصور ڪريو – خدا نه ڪري –
جيڪڏهن ايران به شام ۽ عراق جيان ختم ٿي وڃي،
ته پوءِ
ته پوءِ اسرائيل جا 300-400 جنگي جهاز
پاڪستان جي اندر ڪنهن به وقت
بنا ڪنهن رنڊڪ جي اچي سگهن ٿا
۽ پنهنجا هدف نشاني تي آڻي سگهن ٿا.
۽ ان تي مستزاد،
انهن کي "اکنڊ ڀارت" جا خواب ڏسندڙ گوبر آچاريه جهڙن ماڻهن جي حمايت حاصل هوندي،
انهن جا اڏا ۽ اڳواڻ ساڻ هوندا،
۽ فضا ۾ ايندھن جي به ضرورت نه پوندي.
ته ڇا اسان انهي لمحي جو انتظار ڪنداسين؟
يورپ ۽ آمريڪا جي انسان دوستي، انصاف جا معيار، ۽ دعوائون هاڻ صرف نعرن تائين محدود ٿي ويا آهن.
اهي تڏهن ئي واڪا ڪن ٿا،
جيڪڏهن سندن دم تي پير پوي،
نه ته باقي راوي چين ئي چين لکي ٿو.
---
🧠 سوچڻ لاءِ سوال:
ڇا اسان هن خطري کي نظرانداز ڪري سگهون ٿا؟
يا وقت اچڻ کان اڳ ئي جاڳڻ گھرجي؟
🖊️
هي فڪري تجزيو ۽ خطي جي صورتحال تي هي تنبيهي نظر
ايڊووڪيٽ سردار بختيار علي بروهي پاران پيش ڪيل آهي،
جنهن جو مقصد قومي شعور کي جاڳائڻ،
خطري جي وقت کان اڳ سجاڳي پيدا ڪرڻ،
۽ پاڪستان لاءِ حڪمتِ عمليءَ تي سوچ ويچار کي هٿي ڏيڻ آهي.
وقت جو تقاضو آهي ته اسين خاموش نه رهون—
جيڪي قومون پنهنجن اردگرد جي سازشن کي نظرانداز ڪن ٿيون،
اُهي تاريخ ۾ صرف صفحن جو حصو بڻجي وينديون آهن،
رستا نه!
---
🔁 شيئر ڪريو، سوچ وڌايو، سچ جا آواز بڻجو
#جاڳرتا