02/12/2024
آء ته توکي سهڻي سڄڻ جون سنتون يار ٻڌايان
سنتون يار ٻڌايان ساريون بدعتون تو کان ڇڏايان
1 توحيد تي هلڻ هڪ رب کان گهرڻ محبوب مٺي جي سنت آ
ڪري عمل ڀلو پنهنجي رب کي ويٺو ريجهايان
2 غيرن کان گهرڻ وري شرڪ ڪرڻ بيڪار سا بدعت آ
پري تنهن کان رهي دنيا آخرت يار بچايان
2 ڪري صبر ادا وري شڪر ڪرڻ اعلى عمل هي آهن
ڪم سهڻا ڪري مرسل سان
نينهن نڀايان
3 ماتم ڪري جسم مان رت ڪڍڻ غير شرعي ڪم هن
قرآن ۾ سوين اهڙيون آيتون توکي يار پڙهايان
4 سلام ڪرڻ ۽ مرڪي ملڻ آقا انور جي سنت آ
ڪري عمل سنت تي پو سني يار سڏايان
5 هٿ ٻڌڻ ۽ جهڪي ملڻ هي سراسر يار بدعت آ
سڀ ڳالهيون مٺا توکي کولي ٿو سمجهايان
6 قبرن تي وڃي اتي قل پڙهڻ مدني جي سهڻي سنت آ
ڀليون ڳالهيون سکي ايمان مان پنهنجو وڌايان
7 قبرن تي جهڪڻ تن کان گهرڻ گناه سميت بدعت آ
ڇڏي عمل ڪنا شبير بس دنيا آخرت پنهنجي سنواريان
# # # # # # # # # # # # # # # # # # # # # # # # # # # # # # # # #