K.N Shah

K.N Shah We have been working since 2015 to raise the voices of poor people. Admin Gulshair Ali Bhutto
(5)

Permanently closed.

Our goal is to become a voice for the underprivileged and stand against oppression and injustice.

06/06/2025

جيڪب آباد ۾ افسوسناڪ حادثو: گيس ڀرڻ دوران سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، اليڪٽريشن مستري شهيد، هڪ زخمي
رپورٽ Gulshair Ali Bhutto
جيڪب آباد ۾ افسوسناڪ حادثو: گيس ڀرڻ دوران سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، اليڪٽريشن مستري فوت هڪ زخمي جيڪب آباد شهر ۾ اڄ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ اليڪٽريشن مستري ف*ج ۾ گئس ڀري رهيو هو ته اوچتو سلينڊر زور دار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. حادثي جي نتيجي ۾ مستري موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ٻيو شخص سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ترت ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. عين شاهدن موجب، گيس ڀرڻ دوران مناسب حفاظتي اپائن جي کوٽ سبب حادثو پيش آيو. پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي

پنجاب پوليس جي ڪارروائي: حافظ آباد جي وحشيانا زيادتي ڪيس جا هڪ جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو ٻن جي تلاش جاري حافظ آبا...
06/06/2025

پنجاب پوليس جي ڪارروائي: حافظ آباد جي وحشيانا زيادتي ڪيس جا هڪ جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو ٻن جي تلاش جاري

حافظ آباد (خصوصي رپورٽ Gulshair Ali Bhutto )
ضلع حافظ آباد جي علائقي مانگٽ اونچا ڀرسان هڪ انتهائي وحشيانا ۽ شرمناڪ واقعي سنڌ ۽ پنجاب سميت سڄي ملڪ جي ضمير کي جنجهوڙي وڌو آهي، جتي ٽي بااثر جوابدارن هڪ شادي شده جوڙي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري، مڙس کي ٻڌي، زال سان اجتماعي زيادتي ڪئي. چٿين شخص انهيءَ عمل جي وڊيو به ٺاهي.

واقعي جا تفصيل پوليس ذريعن موجب هيٺين ريت آهن:

متاثر ٿيل جوڙو نوشهره ورکاں مان واپس اچي رهيو هو، جتي هو رفع حاجت لاءِ مانگٽ اونچا ڀرسان رڪيو. اتي بااثر ۽ هٿياربند جوابدارن جوڙي کي اغوا ڪري، ويران هنڌ وٺي ويا. اتي نه صرف زال سان زيادتي ڪئي وئي، پر مڙس کي تشدد ڪري سامهون رکيو ويو. بعد ۾ انهن تي زبردستي ڪري مباشرت ڪرائي وئي، جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي

متاثرين ڪافي وقت تائين بااثر ماڻهن جي خوف سبب خاموش رهيا، پر جڏهن وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ته انهن حوصلو ڪري پنهنجي ڳالهه سامهون آندي ۽ پوليس سان رابطو ڪيو.

پنجاب پوليس واقعو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ فوري طور خاص ٽيم جوڙي، ۽ جديد ٽيڪنيڪل ذريعن سان جوابدارن جو پتو لڳايو. پوليس مطابق جڏهن انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي ته جوابدارن فائرنگ ڪئي، جنهن تي پوليس پاران جوابي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. نتيجي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو
سوشل ميڊيا تي جيڪا وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٽن ڄڻن جون لاشون چارپائيءَ تي رکيل ڏيکاريون ويون آهن، اها وڊيو دراصل انهن جوابدارن جي ناهي، جن کي ان واقعي سان ڳنڍيو پيو وڃي.

تازين معلومات موجب پوليس مقابلي دوران ٽي جوابدارن مان هڪ کي هلاک ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي ٻنهين جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان ڇاپا هنيا پيا وڃن

صادق آباد ۾ هڪ ئي خاندان جا 25 اپينڊڪس آپريشن – خانگي اسپتال جو خوفناڪ انڪشافرپورٽ Gulshair Ali Bhutto  صادق آباد مان نڪ...
01/06/2025

صادق آباد ۾ هڪ ئي خاندان جا 25 اپينڊڪس آپريشن – خانگي اسپتال جو خوفناڪ انڪشاف
رپورٽ Gulshair Ali Bhutto

صادق آباد مان نڪرندڙ هڪ انتهائي افسوسناڪ خبر سامهون آئي آهي جتي هڪ ئي خاندان جي 25 ماڻهن جا اپينڊڪس جا آپريشن ڪيا ويا. توحيد ميڊيڪل ڪمپليڪس نالي خانگي اسپتال ۾ اهي آپريشن رڳو 15 ڏينهن جي اندر اندر ڪيا ويا. مريضن ۾ اڪثر ٻار ۽ عورتون شامل هيون، جن کي صرف پيٽ جي سور يا جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جي عام شڪايت هئي.

واقعو منظر عام تي اچڻ بعد، صحت کاتي جي ٽيم انڪوائري لاءِ اسپتال پهتي ۽ مريضن جو تفصيلي معائنو ڪيو. تحقيقاتي ٽيم پنهنجي رپورٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته اسپتال بنا ڪنهن درست طبي جاچ جي، صرف مالي مفاد خاطر بيجا سرجريون ڪري رهي هئي.

رپورٽ موجب، اسپتال وٽ پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو لائسنس ئي نه هو. آپريشن ٿييٽر ۾ نه صفائي جا معيار پورا هئا، نه ئي طبي عملي وٽ رجسٽرڊ سرٽيفڪيٽ موجود هئا. مريضن کان بنا سمجهاڻي جي آپريشن لاءِ صحيحون ورتيون ويون، ۽ انهن کي ڊڄائي چيو ويو ته "جيڪڏهن فوري آپريشن نه ڪيو ويو ته حياتي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي."

هڪ متاثر والد ٻڌايو:
"اسان جي پٽ کي فقط پيٽ ۾ سور هو، ڊاڪٽرن چيو ته اپينڊڪس آهي، فوراً آپريشن ضروري آهي. پوءِ خبر پئي ته ڪو به اپينڊڪس نه هو. اسان کي دوکي سان فيصلي تي مجبور ڪيو ويو."

واقعي جي خبر وائرل ٿيڻ بعد، صادق آباد جي عوام پاران شديد احتجاج ڪيو ويو، جتي ماڻهن اسپتال جي مالڪ ۽ ڊاڪٽرن خلاف فوري قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. پنجاب جي صحت کاتي اسپتال کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، ۽ جاچ رپورٽ تي ٻڌل وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن.

اهو واقعو واضح ثبوت آهي ته ڪيئن ڪجهه خانگي اسپتالون انساني جانن کي منافعي لاءِ استعمال ڪن ٿيون. حڪومت کي گهرجي ته اهڙين ڌانڌلين خلاف سخت قانون لاڳو ڪري ته جيئن ٻيهر ڪنهن معصوم جي زندگي سان راند نه ٿئي.

30/05/2025

فيض گنج
آرمي جي وردي پائي گاڏين کان ڀتو وٺندڙ ميجر سڏائيندڙ ھمراھ ساٿي سميت علائقي واسين جي مڙسي تي گرفتار نوجوانن پڪڙي نقلي ميجر کي ساٿي ۽ گاڏي سميت پوليس حوالي ڪري ڇڏيو پوليس حوالي ڪيو ويو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

مورو ۾ ڪئنالن خلاف هلندڙ احتجاج دوران زخمي ٿيل ڪامريڊ عرفان لغاري زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو
23/05/2025

مورو ۾ ڪئنالن خلاف هلندڙ احتجاج دوران زخمي ٿيل ڪامريڊ عرفان لغاري زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو

مورو واقعي جو زخمي عرفان لغاري نازڪ حالت ۾، رت جي اپيلمورو واقعي دوران زخمي ٿيل عرفان لغاري، جنھن کي منهن تي گوليون لڳيو...
21/05/2025

مورو واقعي جو زخمي عرفان لغاري نازڪ حالت ۾، رت جي اپيل

مورو واقعي دوران زخمي ٿيل عرفان لغاري، جنھن کي منهن تي گوليون لڳيون آهن، ھن وقت سول اسپتال حيدرآباد جي نيورو سرجري آءِ سي يو ۾ وينٽيليٽر تي آهي. سندس حالت انتهائي نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

ڊاڪٽرن موجب عرفان کي رت جي فوري ضرورت آهي. انساني همدرديءَ جي ناتي، جيڪي به دوست ويجها ۽ اهل آهن، مھرباني ڪري سول اسپتال حيدرآباد پهچي رت عطيو ڪن ته جيئن ھڪ قيمتي جان بچائي سگهجي.

21/05/2025

مورو مان تازه ترين صورتحال:

مورو ۾ پوليس لاش رکي ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين خلاف ڪارروائي ڪندي آنسو گيس جو استعمال ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي علائقي مان هٽائي ڇڏيو ويو.

Address

Khairpur Nathan Shah

Telephone

03223004080

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when K.N Shah posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share