Saeed Jatoi official

Saeed Jatoi official I am a journalist and social activist

ھڪڙي چٺي ٻٻرلوءِ جي بيباڪ بھادر ۽ سينئر صحافي ڀاءُ وڏيري اعظم خان مستوئي جي نانءُجيئن ته سائين اڄ آءُ اوھان سان ٻٻرلوءِ ...
31/05/2024

ھڪڙي چٺي ٻٻرلوءِ جي بيباڪ بھادر ۽ سينئر صحافي ڀاءُ وڏيري اعظم خان مستوئي جي نانءُ

جيئن ته سائين اڄ آءُ اوھان سان ٻٻرلوءِ جي ھڪ عام شھري جي حيثيت سان ھي چٺي اوھان جي نالي سان اوھان ڏي لکي رھيو آھيان. سائين عرض آهي ته الله پاڪ اوھان جي وڏي عزت ڪئي آھي ۽ رب جنھن کي چاھي عزت ڏي ۽ جنھن کي چاھي ذليل ۽ خوار ڪري. سڀ کان پھريان اوھان ٻٻرلوءِ جي وڏيراڻي گھراڻي جا چڱا مڙس به آھيون ۽ ٻيو صحافت ۾ ڪافي عرصو گذارڻ جي ڪري اوھان جا سٺا واسطا به جڙي ويا آھن. ۽ جنھن بھادري سان اوھان قلم جو بي دريخ استعمال ڪيو آهي ان ڪري سنڌ جي چند نمايان صحافين ۾ اوھان جو شمار ڪيو ويندو آهي. جنھن تي اسان ٻٻرلوءِ واسين کي وڏو فخر آهي. سائين منھنجو ھڪڙو ننڍڙو عرض آهي ته اوھان کي تمام سٺي نموني ڄاڻ ھوندي ته ٻٻرلوءِ ۾ ڪافي عرصي کان منشيات، شراب ۽ آڪڙا پرچي سرعام پئي ھلي، ۽ اڄ ڪلھ ته وري آئيس جھڙو خطرناڪ نشو به سرعام پيو وڪامجي. جنھن خلاف اوھان قلم سان به جنگ وڙهي آھي ۽ سنڌ جي نامور چينلن تي پڻ وڏي واڪ ان خلاف آواز اٿاريو آهي. جنھن جو اوھان جس لھڻو. پر انهن ايڏين اوھان ڪوششن جي باوجود به اھي سڀ ڪڌا ڌنڌا سرعام ھلن پيا. ان ڪري اوھان کي اسان جي درخواست آهي ته اوھان جا پوليس جي ايس ايڇ اوز کان وٺي ايس ايس پيز کان ٿيندي ڊي آئي جيز کان به ٿورو اڳتي آئي جي سنڌ تائين تمام سٺا تعلق ۽ واسطي آھن جنھن جي اسان کي خبر سوشل ميڊيا ذريعي پوندي آهي. ۽ ھر نيئن ايندڙ ايس ايس پيز کي اوھان پاران به ايتري ئي عزت ملندي آهي، ۽ اوھان کي به شاباس ھجي جو سنڌ جي خصوصيت مھمان نوازي کي برقرار رکندي انھن کي اجرڪون ۽ سنڌ جي سونھن ٽوپيون پارائي مقرري جو مبارڪون به ڏيڻ ويندا آهيون. ۽ بدلي ۾ اوھان کي به ايتري ئي عزت وٺندا آهيون. جنھن جا اوھان حقدار به آھيون. حالانڪ اوھان جي انھن ۾ ڪائي لالچ به نه ھوندي آھي، ڇو جو اڪثر سنڌ جا ٻه نمبر ڌنڌي ۾ ملوث صحافي ايس ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز جي خدمت ۽ خوشامد ڪندا آهن ته جيئن اسان جو ڪاروبار ھلندو رھي. پر الحمداللہ اوھان جا ته ھٿ بلڪل اھڙن مڪروهه ڌنڌن کان به پاڪ آھن. ان ڪري سائين انھن ايس ايس پيز کان مدد وٺي پنھنجي علائقي واسين کي اھڙي برائي کان بچايو. ۽ ٻٻرلوءِ ۾ سرعام ھلندڙ منشيات جوا آڪڙا پرچي ۽ آئيس جھڙي ڪھري نشي کان نوجوانن کي بچائڻ ۾ مددگار ٿيو. ڏسو لازمي ناھي ته ھروڀرو پوليس خلاف ڪجھ لکو ۽ بريڪنگ نيوز ھلايون. ھو به انسان آھن الله انھن جي به عزت ڪئي آهي. ۽ ڀائرن جھڙا دوست به آھن لازمي ناھي ته انھن خلاف لکو، بس انھن کان مدد وٺو ۽ منشيات ۽ آڪڙا پرچي ھلائيندڙن کي اندر ڪرائي ڇڏيو. جيڪڏهن اوھان ايئن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا سڄي ٻٻرلوءِ جو عوام اوھان جا ٿورا مڃيندو ۽ اوھان جي ٻچن کي به دعا ڪندو. باقي سائين ماڻھون وڏا حرامي اٿو، چوڻ وارن جو ڪنھن منھن بند ناھي ڪيو. ڪنھن شيطان ماڻھون مونکي چيو منھنجو نالو راز ۾ رکجان، جيڪو گل وارو پٽ مصطفي آهي نه اھو ڀائو اعظم جو صفا ويجھو مائٽ اٿئي ڪڏھن ڪڏھن پوليس ڇاپو ھڻندي آهي ته شراب وڃين ڀائو اعظم جي گھر لڪائي ايندو آهي. ۽ آڪڙا پرچي ھلائيندڙن ۾ مين ڊيلر عمران مستوئي ۽ حليم مستوئي به صفا پنھنجا اٿس ۽ عمران سان ته سڪو ڏينھن ان جي آفيس ۾ ڀائو اعظم پاڻ ويٺو ھوندو آھي. باقي آئيس جو جيڪو ڊيلر اٿئي نه ڪاشف ميمڻ اھو ته با وڏيري اعظم جي سڄي ٻانھن اٿئي. جنھن تي مون چيومانس ھل ڪوڙا شيطان ڀڃ ھتان ڳوٺ جي چڱي مڙس تي الزام ٿو ھڻين. سائين ھي ٿي ماڻھن جا حال. تنھن ڪري سائين اوھان کي عرض رکجي ٿو ته اوھان جا ادي نفيسه شاھ سان به سٺا واسطه آھن مھرباني ڪري پنھنجو ڪردار ادا ڪريو. جيئن مان انھن شيطان ماڻھن کي جواب ڏئي سگھان ته ڪنھن چڱي مڙس تي ايئن الزام ناھن ھڻبا. ڀائو اسان جي ڳوٺ جو وڏيرو به آھي ته صحافي به ۽ پيپلز پارٽي جو ٻٻرلوءِ جو مظبوط قلعو به ان کان سواءِ پارٽي ڪجھ به ناھي. ادي نفيسه شاھ کان جنھن ڏينھن وڏيرو اعظم ڪاوڙيو نه ان ڏينھن پيپلز پارٽي ھڪڙو به ووٽ نه کڻي سگھندي. ان ڪري ادي نفيسه شاھ به مجبور آھي.

03/04/2024

ڪنڌڪوٽ ڌاڙيلن جي قھري ڪاروائي.....
ڏوهارن جي فائرنگ ۾ خيرپور جو رھواسي رستي ويندڙ عنايت الله تنيو قتل جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي 2 اغوا ٿيڻ جا اطلاع.....

03/04/2024

انڙ پل وٽان ڌاڙيل مسافرن سان ڀريل ڪوچ اغوا ڪري ويا

03/04/2024

ٻٻرلوءِ پوليس ايس ايس پي خيرپور جي حڪمن کي ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو،جڏھن ته ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي سڄي ضلعي مان 29 منشيات فروش گرفتار ڪيا ويا جن مٿان ايف ائي آرون پڻ ڪٽيون ويون. پر افسوس ٻٻرلوءِ ۾ سرعام آڪڙا پرچي ۽ منشيات شراب ۽ آئيس جو ڌنڌو ھلندڙ پوليس اعتڪاف ۾ ويٺل. اسان ٻٻرلوءِ واسي ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ٿا ڪريون ته سڄي ضلعي جيان ٻٻرلوءِ ۾ به آپريشن ڪري شراب آئيس ۽ آڪڙا پرچي ھلائيندڙن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃين جيئن ٻٻرلوءِ جو نوجوان نشي ۽ جوا جي آزار کان بچي پنھنجو مستقبل سنواري سگھي.

صحافت جي پاڪ پيشي کي پنھنجو ڌنڌو بڻائيندڙ سکر جي بدمعاش سالار اڄ شام جڏھن ڏي آئي جي سکر عبدالحميد کوسو ايس ايس پي سکر عا...
02/04/2024

صحافت جي پاڪ پيشي کي پنھنجو ڌنڌو بڻائيندڙ سکر جي بدمعاش سالار اڄ شام جڏھن ڏي آئي جي سکر عبدالحميد کوسو ايس ايس پي سکر عابد بلوچ ۽ ايس ايس پي خيرپور زبير نظير شيخ کي پنھنجي خان فارم ھائوس تي افطار ڪرائڻ کانپوءِ ٻٻرلوءِ ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ آڪڙا پرچي منشيات ۽ ايراني ڊيزل خلاف لکندڙ صحافين خلاف ان جي چمچمن ڌمڪين ڏيڻ سان گڏ فيڪ آئي ڊين تان ڪردار ڪشي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آھي.
بيباڪ ۽ بھادر صحافين کي ڌمڪين ڏيڻ خلاف اسان ڊي آئي جي سکر، ۽ ايس ايس پي خيرپور کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.


02/04/2024

ھڪ بيباڪ ۽ دلير صحافي جي فيڪ آئي ڊي تان ڪردار ڪشي ڪرڻ ايترو ئي واحيات عمل آھي جيترو ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي ڀڙوت ڪرڻ. جنھن ماڻھون پنھنجي صحافتي دور ۾ ھر ظالم کي للڪاريو ۽ ان خلاف قلم ذريعي پنھنجي جدوجھد جاري رکي. ان خلاف چڪلن تان منٿلي وٺندڙ لوسي صحافين ۽ ان جي واٺن جيڪي منشيات فروشي ڪندڙ آھن ان ذريعي تشدد ڪرائي ۽ گاڏي جا شيشا ٽوڙيا. جڏھن ھو صحافتي ميدان ۾ ھارائي چڪا آھن ته ان خلاف ڪوڙي ۽ بي بنياد پروپيگنڊا شروع ڪئي اٿن. ھي اھي ساڳيا ئي ماڻھون جن سعيد احمد جتوئي تي حق سچ لکڻ جي ڪري سکر ۽ خيرپور جي مختلف ٿاڻن تي 3 عدد ڪوڙيون ايف آئي آر ڪرايون ۽ ھڪ ڪوڙي ايف آئي آر سخي الياس تي ڪرائي ۽ ان جي گھر تي حملو به ڪيو. جڏھن اوھان جون سڀ تدبيرون خدا پاڪ جي ڪرم سان فيل ٿي ويون ۽ اوھين جھڪائي نه سگھيا آھيون ته ھاڻي گھٽيا ترين حرڪت ڪري سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ڪري رھيا آھيون. چڱو اھو به ڀلا آزمائي ڏسو. ٻٻرلوءِ جو ھر ھڪ ماڻھون ڪردار ڪشي ڪندڙن کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو. اسان اوھان لاءِ ڇا لکون. ھڪ دفعي وتايو فقير کي گڏھ زودار اِٽ ھنيئن وتايو فقير گڏھ کي ڏسي وراڻيو، ھاڻي وڌيڪ توکي ڇا چوان گڏھ ته تون اڳ ئي آھين.

ٻٻرلوءِ جي صحافين جون سوشل ميڊيا تي ھڪ ٻئي کي ڏنل ڌمڪين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.  ۽ کين صلاح ڏجي ٿي ته مھرباني ڪري ھڪ ...
02/04/2024

ٻٻرلوءِ جي صحافين جون سوشل ميڊيا تي ھڪ ٻئي کي ڏنل ڌمڪين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. ۽ کين صلاح ڏجي ٿي ته مھرباني ڪري ھڪ بئي جي خيالن ۽ اظھار جي آزادي جو خيال ڪيو وڃين. جيڪڏهن ڪنھن کي منشيات فروشي آڪڙا پرچي ۽ پوليس جي نا اهلي سٺي ٿي لڳي ته اھو سندس جو ئي نظريو ۽ موقف آھي جنھن سبب ھو خاموش آهي. وري جيڪڏهن اھي سڀ شيون ڪنھن ٻئي صحافي جي نظر ۾ خراب آھن ۽ معاشري کي تباھي ڪناري پھچائڻ جو سبب آھن. ۽ اھو صحافي ان خلاف قلم کڻي ٿو ته کڻڻ ڏيو. ھر ڪو پنھنجي گھر خوش. ايئن سوشل ميڊيا تي اچي ھڪ بئي کي ڌمڪيون ڏئي ماڻھون نه کلايو.

ارادي ۽ نيت ۾ فرق.صرف سمجھدار ماڻھن لاءِ.
02/04/2024

ارادي ۽ نيت ۾ فرق.
صرف سمجھدار ماڻھن لاءِ.

شڪارپورپاڪ فوج به غير محفوظ   ڳاهيجا ٿاڻي جي حد مين سکر لاڙڪاڻو روڊ تان 17 فوجي اهلڪارن کان روڪ رقم موبائيل فون سروس ڪار...
31/03/2024

شڪارپور
پاڪ فوج به غير محفوظ
ڳاهيجا ٿاڻي جي حد مين سکر لاڙڪاڻو روڊ تان 17 فوجي اهلڪارن کان روڪ رقم موبائيل فون سروس ڪارڊ ۽ ٻيو سامان ڦر !

31/03/2024

ٻڪري جي چور کي ھاف فرائي سنڌ پوليس کي گھرجي ته منشيات فروش سوئرن کي فل فرائي ڪري

ايس ايس پي خيرپور زبير نظير صاحب پاران گذريل ڏينھن نيشنل پريس ڪلب جي سٿ پاران ملاقات ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي ۽ صلاف...
30/03/2024

ايس ايس پي خيرپور زبير نظير صاحب پاران گذريل ڏينھن نيشنل پريس ڪلب جي سٿ پاران ملاقات ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي ۽ صلافين سان واعدو ڪندي چيو ته سڄي ضلعي مان منشيات فروشن، جوا ۽ آڪڙا پرچي ھلائيندڙ جي لسٽ تيار ڪئي وئي آھي جنھن ۾ 137 ماڻھن جي لسٽ تيار ڪئي وئي آھي جن خلاف ھڪ ھفتي اندر ايڪشن کنيو ويندو. ان ڪيل واعدي مطابق واعدي پوري ڪرڻ ۾ باقي 6 ڏينھن بچايا آھن ابتي ڳڻپ جاري آھي.

ھڪ ته فيسبڪ تي ويٺل ڪاپي پيسٽ شعور کان اچي ڦاٿا آھيون ڪو به ھاء پروفائل ڪيس خراب ڪرڻو ھجي. ان خلق کي ڏيو ھڪ منٽ ۾ ڪجھ سم...
30/03/2024

ھڪ ته فيسبڪ تي ويٺل ڪاپي پيسٽ شعور کان اچي ڦاٿا آھيون ڪو به ھاء پروفائل ڪيس خراب ڪرڻو ھجي. ان خلق کي ڏيو ھڪ منٽ ۾ ڪجھ سمجھڻ ۽ سوچڻ ۽ پڙھڻ بنا بس ڪاپي پيسٽ ڪري وائرل ڪري ڇڏين.
بابا خدا کي مڃيون معصوم نياڻي جو ڪيس خراب نه ڪريو سنگرار ۾ لڪومت ڪجھ به ايڪشن يا حرڪت نه پئي ڪري ۽ ھي ايف آئي آر به پراڻي آهي 2021 جي، ٻي ڪا به نيئن ايف آئي آر نه ٿي آھي۽ نه ئي ٿيندي ڇو جو زاھد شاھ وارا ايڏا طاقتور ۽ ظالم آھن جو پريا ڪماري جي پيءُ ماءُ کي بليڪ ميل ڪري پنھنجي حق ۾ پيا پريس ڪانفرنسون ڪرائيندا وتن جيئن حڪومت جي اکين ۾ ارام سام مرچ وجھي ڇڏجن. جيئن ڪنھن به حڪومتي ايڪشن کان بچي سگھجي پر ھاڻي سنڌي قوم پريا جي بازيابي تائين چپ ڪري نه ويھندي ڏينھون ڏينھن جدوجھد تيز ٿيندي ويندي.

29/03/2024

سچو ماڻھو اڪيلو ٿي ويندو آهي پر
ڀاڙين جي قطار ۾ ڪڏھن بـہ نه بيھندو

29/03/2024

سنڌ جو هڪ مطالبو هڪ صدا هڪ آواز هڪ للڪار
پريا ڪماري کي آزاد ڪريو

29/03/2024

خبردار
مايوس ماڻهوءَ جي چانهن بہ نہ پيو، اتساھ واري انسان کي پنهنجي حصي جي ماني به کارائي ڇڏيو.

ڪڻڪ تيار آهي ھاڻي لاباري لاءِ سنگت تياري پئي ڪري.ڌاڙيلن ته پاڻ ڏانھن انھن کي اچڻ ڪين ڏيندا غريب ھارين جا فصل بڪتربند گاڏ...
25/03/2024

ڪڻڪ تيار آهي ھاڻي لاباري لاءِ سنگت تياري پئي ڪري.
ڌاڙيلن ته پاڻ ڏانھن انھن کي اچڻ ڪين ڏيندا غريب ھارين جا فصل بڪتربند گاڏين ۾ کڻائي آفيسن ۾ ڪڻڪ جا انبار لڳايا ويندا.

25/03/2024
24/03/2024

سچ تي سختيون ضرور اينديون آهن...پر تاريخ گواھ آهي ته هميشه منافقت کي مات ملي آهي ۽ سچ سرخرو ٿيو آهي...!!

Copy

Address

Babarloi
Khairpur

Telephone

+923122266662

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Saeed Jatoi official posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Saeed Jatoi official:

Share