14/09/2025
سيٺارجا
رئيس وليداد خان لنڊ جي رھائش گاھ تي مسلم ليگ فنڪشنل جي تعلقه ٺري ميرواھ جي عھديدارن رئيس وليداد خان لنڊ، گل محمد لنڊ، ۽ سردار فقير محمد خان اسلامي جي وچ ۾ ھڪ اھم گڏجاڻي ٿي گذري جنھن ۾ ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو ھنن جو چوڻ ھيو ته چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڪامران عباس ڪٻر پاران وارڊ نمبر 3, 9 ۽ 11 جي عوام کي مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي جيڪو انتھائي ڏک جھڙي ڳالھ آھي ھنن جو اھو چوڻ ھيو ته پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا اھو نه سمجھن ته ٽائون جي عوام ننڌڻڪي آھي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل عوام سان ھر وقت گڏ آھي تمام جلد لائحه عمل جوڙي ٽائون جي ڪرپشن جي روپئي روپئي جو حساب ورتو ويندو