
01/09/2025
جيئن ته وزن لاءِ ڪلو گرام، فاصلي لاءِ ڪلوميٽر ۽ ايراضي لاءِ مرلا وغيره جا ماپ جا پيمانا استعمال ڪيا ويندا آهن، تيئن ئي مايع يا وهندڙ شين جي وهڪري ۽ خاص طور درياهن ۽ وهڪرن جي ماپ لاءِ جيڪو پيمانو استعمال ڪيو ويندو آهي، ان کي ”ڪيوسڪ“ (Cusec) چيو ويندو آهي۔
ڪيوسڪ (Cusec) اصل ۾ Cubic Foot per Second (في سيڪنڊ ۾ ڪعبي فٽ پاڻي جو وهڪرو) جو مخفف آهي۔
هتي اها ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ڪيوسڪ مان مراد ڪنهن به وقت ۾ في يونٽ پاڻي جو وهڪرو آهي، هي پاڻي جي ڪل مقدار نه آهي۔
هڪ ڪعبي يا Cubic Foot ۾ لڳ ڀڳ 28.32 لٽر پاڻي هوندو آهي۔
تنهن ڪري جيڪڏهن ڪنهن هنڌان هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ ڪعبي فٽ يعني 28 لٽر کان وڌيڪ پاڻي وهي ٿو ته ان پاڻي جي مقدار کي هڪ ڪيوسڪ چوندا آهن۔
ان ڪري جڏهن چيو وڃي ٿو ته فلاڻي هنڌان هڪ لک ڪيوسڪ جو ريلو گذرندو، ته ان جو مطلب آهي ته اُتان في سيڪنڊ ۾ لڳ ڀڳ 28,31,700 لٽر پاڻي وهي رهيو آهي۔
ان حساب سان ڀارت طرفان درياهه راوي ۾ 566,340 لٽر پاڻي ڇڏيو ويو، جيڪو پنجاب ۾ وڏي تباهي جو سبب بڻجي رهيو آهي۔
سيلابي ريلن سبب ڪيترائي ڳوٺ صفحي هستي تان مٽجي ويا، ڪيترائي نشيبي علائقا ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا۔
ڪجهه شهرن ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترن هنڌن تي جاني نقصان جون به خبرون اچي رهيون آهن۔
ايندڙ ڏينهن ۾ ان مان وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي