12/09/2026
رڳو هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ سمجهي نظرانداز نه ڪجو
آخر اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟
هي منظر رڳو عباس جي بدحالي جو منظر ناهي؛ هي اسان جي سماج لاءِ هڪ سوال آهي.
اڳتي اچو، عباس جو علاج ڪرايو اچو ته تماشو ڏسڻ بدران، سندس هٿ پڪڙيون
سنڌ يونيورسٽيءَ جو هونهار عباس، اڄ ڪچري جي ڍيرن ۾ پنهنجو مستقبل ڳولي ٿو
هي ڪهاڻي ڪنهن هڪ عباس جي ناهي، هي انهن سڀني نوجوانن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي نشي جي چنبي ۾ ڦاسي پنهنجي زندگي، پنهنجي خاندان جا خواب ۽ پنهنجو روشن مستقبل وڃائي ويهن ٿا.
تصوير ۾ نظر ايندڙ هي نوجوان عباس شيخ آهي، جيڪو گابر شيخ جو اڪيلو پٽ آهي. گابر شيخ ڪو وڏو زميندار، صنعتڪار يا امير ماڻهو ناهي؛ هو هڪ غريب پورهيت آهي، جيڪو پنهنجي گهر جو چرخو هلائڻ لاءِ ريڙهي تي ڪيلا، صوف ۽ ٻيا ميوا وڪڻي پنهنجي خاندان جو پيٽ پاليندو آهي.
هڪ غريب پيءُ لاءِ سندس اولاد ئي سڀ کان وڏو سرمايو هوندو آهي. گابر شيخ به پنهنجي پٽ عباس سان هزارين خواب ڏٺا هوندا. شايد هن سوچيو هوندو ته منهنجو پٽ پڙهي لکندو، نوڪري ڪندو، منهنجو سهارو بڻجندو، منهنجي غربت ختم ڪندو ۽ جنهن ريڙهي تي مان سڄي عمر محنت ڪئي آهي، ان ريڙهي کي هڪ ڏينهن آرام ڏيندو.
عباس شيخ سنڌ يونيورسٽي جي اقتصاديات (Economics) شعبي مان پاس آئوٽ آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هو پڙهائيءَ ۾ انتهائي ذهين هو. رڳو پڙهائي تائين محدود نه، پر هو سنڌي ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ شاعري به ڪندو هو.
سوچيو!
جنهن نوجوان جي هٿ ۾ قلم هجڻ گهرجي ها، جنهن جي اکين ۾ مستقبل جا خواب هجڻ گهرجن ها، جنهن جي لفظن ۾ شاعري ۽ خيالن ۾ زندگي هجڻ گهرجي ها، اڄ اهو ئي نوجوان نشي جي سامان لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ خاطر ڪچري ۽ ڍيرن تان پلاسٽڪ ۽ لوهه چونڊيندي نظر اچي ٿو.
هي منظر رڳو عباس جي بدحالي جو منظر ناهي؛ هي اسان جي سماج لاءِ هڪ سوال آهي.
آخر اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟
اسان وٽ ڪنهن غريب جي ٻار جي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ تي خوش ٿيڻ لاءِ وقت آهي، پر جڏهن اهو ئي نوجوان نشي جي عادت ۾ ڦاسي وڃي ٿو ته ڇا اسان وٽ کيس بچائڻ لاءِ وقت ناهي؟
اسان وٽ ڪنهن جي غلطيءَ تي کلڻ لاءِ ماڻهو موجود آهن، وڊيو ٺاهڻ لاءِ موبائل موجود آهن، تنقيد ڪرڻ لاءِ لفظ موجود آهن، پر ڇا ڪنهن نشي ۾ مبتلا نوجوان کي علاج لاءِ اسپتال وٺي وڃڻ وارو هٿ موجود ناهي؟
عباس کي مجرم سمجهي ڇڏي ڏيڻ آسان آهي، پر عباس کي بچائڻ اصل انسانيت آهي.
نشي جي عادت انسان کان سندس سوچ، عزت، رشتا، روزگار ۽ مستقبل سڀ ڪجهه کسي سگهي ٿي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اهڙي ماڻهوءَ لاءِ واپسيءَ جا سڀ دروازا بند ٿي وڃن ٿا.
نه!
جيستائين انسان زنده آهي، تيستائين اميد زنده آهي.
عباس کي اڄ اسان جي نفرت نه، همدردي گهرجي.
هن کي طعنن جي نه، علاج جي ضرورت آهي.
هن کي اڪيلو ڇڏڻ جي نه، سهاري جي ضرورت آهي.
۽ سڀ کان اهم ڳالهه، هن کي پنهنجي زندگي ٻيهر شروع ڪرڻ جو هڪ موقعو گهرجي.
مان سنڌ جي وس وارن، صحت کاتي، سماجي تنظيمن، مخير حضرات ۽ نشي جي علاج لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪندس ته هن معاملي کي رڳو هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ سمجهي نظرانداز نه ڪيو وڃي.
اڳتي اچو، عباس جو علاج ڪرايو.
اڄ جيڪڏهن عباس کي نشي جي دلدل مان ڪڍي سگهجي ٿو ته شايد سڀاڻي هو وري قلم کڻي شاعري لکندو، پنهنجي تعليم کي استعمال ڪندي روزگار حاصل ڪندو ۽ پنهنجي پيءُ گابر شيخ جي ان خواب کي پورو ڪندو، جيڪو شايد هن غريب پيءُ پنهنجي پٽ جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا واري ڏينهن ڏٺو هو.
شايد گابر شيخ اڄ به پنهنجي ريڙهي تي ميوو وڪڻندي اهو ئي سوچي رهيو هجي ته:
”منهنجو پٽ ڪڏهن واپس ايندو؟“
اچو ته ان پيءُ کي اهو جواب ڏيون.
اچو ته عباس کي واپس آڻيون.
ڇو ته...
هڪ نوجوان کي نشي مان ٻاهر ڪڍڻ، هڪ انسان کي ٻيهر زندگي ڏيڻ آهي.
هڪ انسان کي بچائڻ، هڪ خاندان کي بچائڻ آهي.
۽...
هڪ خاندان کي بچائڻ، ڪيترن ئي خوابن کي مرڻ کان بچائڻ آهي.
عباس کي تنقيد نه، هڪ موقعو ڏيو.
شايد سندس اندر جو شاعر اڃا مئو ناهي؛
شايد سندس اندر جو پڙهيل، هوشيار ۽ خواب ڏسندڙ نوجوان اڃا به ڪنهن جي مدد جو منتظر آهي.