04/12/2025
👈 رزق جو راز… جتي تقدير لکي، اُتي معجزا جنم وٺن ٿا
ترجمو:استاد محمد عيسي حاجاڻو
👈ڪڏهن ڪڏهن زندگي اسان کي انهن موڙن تي آڻي بيهاري ٿي، جتي اميدون ٽٽل لڳن ٿيون، پر رب جون رحمتون بلڪل ويجهي بيٺيون هونديون آهن.
جرمني ۾ هڪ تصوير وائرل ٿي، جنهن ۾ ٽرين ۾ ويٺل هڪ ڀارتي نوجوان جي اوچتي شهرت دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو .مشهور جرمن ميگزين ڊير شپِگل هن جي ڳولا شروع ڪئي ۽ آخرڪار ميونخ ۾ اهو نوجوان مليو,جتي معلوم ٿيو ته هو غير قانوني طور رهندو هو، جيب خالي، مستقبل اونداهون، ۽ هر ڏينهن بنا ٽڪيٽ سفر ڪندو هو.
صحافي جڏهن کيس ٻڌايو ته سندس ڀرسان ويٺل ڇوڪري Game of Thrones جي مشهور اداڪاره مئسي وليمز هئي، ته به هن جي چهري تي ڪوبه جذبو نه هو.
نوجوان جو جواب دل کي ڇهي ويندڙ هو
👈جڏهن اوهان وٽ نه رهائشي اجازت هجي، نه کيسي ۾ هڪ يورو، تڏهن اوهان کي هيءَ پرواهه ئي رهندي آهي ته ڪٿي پوليس نه پڪڙي. اوهان جي ڀرسان ڪير ويٺو آهي، اها ڳالهه اهم نٿي لڳي.
هن جي سچائي، غربت ۽ جدوجهد ڏسي ميگزين کيس پوسٽ مين جي نوڪري ڏئي ڇڏي، 800 يورو مهينو پگهار سان.
روزگار ملندي، بنا تڪليف جي قانوني رهائش به ملي وئي.
اها ئي رب جي تقدير آهي,اک جي ڇنڀ ۾ زندگي بدلائي ڇڏيندڙ آهي .
مصيبتن کي پاڻ تي غالب نه ٿيڻ ڏيو.
مایوس نه ٿيو,اوھان جو وقت ضرور ايندو..
👈بيشڪ جتي رب جو حڪم هجي، اُتي در پاڻ کلي پوندا آهن..