12/07/2026
پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر، عاجزه ڌامره، 8 محرم الحرام تي ڳاڙهين جي پڙ ڪوٽڙي ۾ حضرت شهزادي قاسم ابن الحسنؑ عليه السلام جي نسبت سان منسوب قديمي سيج جي روح پرور ۽ عقيدت ڀري زيارت جو شرف حاصل ڪيو. ۽ ڳاڙھين جي پڙ جي باني سيد نويد شاهه سان پڻ ملاقات ڪئي .سيج جي زيارت جي موقعي تي ڳاڙھين جي پڙ جي باني سيد نويد شاهه شھزادي قاسم جي سيج جي تاريخي ۽ روحاني اهميت جي حوالي سان پڻ تفصيلي گفتگو ڪئي. ان موقعي تي عاجزه ڌامره ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته محرم الحرام جون اهي صدين کان قائم روايتون اسان جي مذهبي ۽ روحاني سڃاڻپ جو قيمتي سرمايو آهن، ھن وڌيڪ چيو ته هي مقدس مهينو عرازداري ڪرڻ سان گڏ حق، وفا، صبر، قرباني ۽ انسانيت جي اعليٰ قدرن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اپنائڻ جو عملي پيغام پڻ ڏئي ٿو.