26/03/2025
جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي عيد سنڌو درياھ جي وهڻ سان مشروط ڪري ڇڏي.
ست ڪروڙ سنڌين جي اصل عيد ۽ خوشي سنڌو درياھ جي موجن ۽ جهومندڙ لهرن سان آهي:جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي
تنهن ڪري عيدالفطر تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سنڌو درياھ جي ڪنارن ۽ پريس ڪلبن تي ڪينالن خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪريا ٿو:صنعان خان قريشي
سنڌين کي پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي وقت جا حڪمران سنڌين جي احتجاج اڳيان جهڪي پوندا: جسقم چيئرمين
ڪراچي-ملير ()
گلشن حديد کان جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌو درياھ ۾ پاڻي ناهي، تنهن ڪري ڪهڙيون عيدون ملهائجن، عيد اسان جي سنڌو درياھ سان آهي، سنڌو درياھ وهندو ته عيدون ٿينديون ۽ پوءِ خوشيون به ملهايون وينديون تنهن ڪري هن عيدالفطر تي سنڌو درياءُ مٿان ٺهندڙ ڪينالن خلاف احتجاجن ڪاريون پٽيون ٻڌي سنڌو درياھ جي ڪنارن ۽ پريس ڪلبن تي ڪينالن خلاف احتجاج جو اعلان ڪريا ٿو، هن چيو ته ست ڪروڙ سنڌين جي اصل عيد ۽ خوشي سنڌو درياھ جي موجن ۽ جهومندڙ لهرن سان آهي، هن چيو ته سنڌو درياءُ سنڌ جو جياپو آهي، سنڌو درياھ سنڌ جي خوشيالي ۽ زندگي آهي، سنڌو درياھ سنڌ جي سڀيتا ۽ تهذيب آهي، تنهن ڪري سنڌو درياھ مٿان ڪو به ڪينال ۽ ڊيم قبول ناهي، پنهنجي درياھ خاطر مزاحمت ڪنداسين، هر سياسي جدوجهد جو رستو اختيار ڪنداسين، سنڌو درياھ مٿان ڪينال ٺاهيندڙ پنجاب جي ويندڙ رستن تي تاريخي ۽ لکين ماڻهن جا احتجاج ڪري پنجاب جا رستا بند ڪنداسين، پنجاب جي مڪمل رسد بند ڪنداسين، هن چيو ته 7 اپريل تي شهيد بشير خان قريشي جي 13 ورسي جي موقعي تي رتوديرو ۾ تاريخي جلسو ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌو درياھ مٿان ٺهندڙ ڪينالن خلاف اهم اعلان ڪيو ويندو، جنهن جي سنڌي قوم کي اڄ کان تياري جي اپيل ڪريان ٿو، هن چيو ته سنڌين کي پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي وقت جا حڪمران سنڌين جي احتجاج اڳيان جهڪي پوندا ۽ سنڌو درياھ پنهنجي موج مستي سان وهندو اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو.
ديدار شام
جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري
26 مارچ 2025ع