11/01/2026
Happy birthday to you sir 🌹🌹🌹🌹🌹
Profile # 51
Madad Ali Jhatial was born on January 11, 1976 in Siroli colony of village Ranjho Jhatial, Union Council Butt Sirai, Taluka Mehar, District Dadu. He passed grade-IV from Butt Sarai and grade-V from village Allah Bux Jhatial. He passed grade-VIII from GMS Butt Sirai. He matriculated from GBHS Shamsuddin Bulbul Mehar. He passed inter in Pre-Medical from GDC Mehar, graduated from GDC KN Shah, Masters in Pakistan Studies & MPhil in Political Science from University of Sindh. He received Diploma in Mechanical Engineering from Technical College Hyderabad, WAPDA training course at Vocational Training Center Jamshoro and Dispenser course from Karachi.
Madad Ali Jhatial started his professional life during his post-graduation in Jamshoro Thermal Power House. In 2004, he was appointed as sub-engineer (production) at Lahore. He was appointed as Lecturer (Pakistan Studies) at GDC Mehar on 14 June 2005. He was transferred on March 27, 2008 in GGDC Qasimabad, transferred on detailment from February 8, 2009 to November 10, 2010 in Muslim Science College Hyderabad and transferred on January 13, 2015 in Sachal Sarmast Post Graduate Commerce College Hyderabad. He was promoted to Assistant Professor on April 19, 2021 and was appointed in GDC Matiari and at present he is performing his duties in Sachal Sarmast Arts and Commerce College, Tilak Incline, Hyderabad since April 12, 2022. He has been the District Joint Secretary of Dadu District and the District Senior Vice President of Hyderabad District of SPLA, an association of college teachers. He has also been the organizer of Human Rights of Pakistan. He is currently a permanent member of Syllabus Committee at Directorate of Curriculum, Assessment and Research (DCAR) & Sindh Textbook Board, Jamshoro. Along with this, he has been teaching MSc in Pakistan Studies at Allama Iqbal Open University. He has always been in the forefront regarding All Pakistan Jhatial Ittehad. He has established All Pakistan Jhatial Public Library and Facilitation Centre in Hyderabad, in which all the students and travelers from Jhatial community and other communities are benefiting from it for the last six years. He founded Voluntary Jhatial Welfare Foundation of Pakistan in August 2025. His favorite personalities are Mao Tse-tung & Zulfikar Ali Bhutto. Among his best teachers are Mohammad Umar Patujo, Allahdino Jhatial, Professor Madad Ali Keerio, Professor Lal Bux Jiskani, Professor Muhammad Yaqoob Mughal, Professor Ghulam Nabi Sahar, Professor Muhammad Hasan Sheikh, Professor Bashir Ahmad Sheikh and Professor Allah Rokhio Butt. He has been captain in cricket and volleyball.
Three of his books "Pakistan's Complete Study", "Pakistan at a Glance" and "History of Jhatial Tribe" have been published. More than a hundred of his columns have been published in various Sindhi newspapers of Sindh and Urdu newspaper Jang. He has written many stories and two plays for radio. Being active in social and educational activities, he is invited to live programs on Mehran Television and Kalyan Television. He has received many awards: Tanzeem-e-Asatza Pakistan Award, Dr. Qurban Jhatial Award, Sindh Rani Award etc. He worked as Chief Editor in magazines from GGDC Qasimabad, Sachal Sarmast Commerce College Hyderabad and GDC Matiari. His name is counted among literary, social & educational services. Among his remaining books, English book "Pakistan Affairs" & another Urdu book "Study of Pakistan" & "Pak wa Hind aur Sindh".
His father Muhammad Hasan Jhatial was a hardworking man. Among his brothers Gul Muhammad Jhatial is a retired Lecturer in Economics, Wali Muhammad Jhatial is retired PST, Lal Bux Jhatial retired Army officer, while Mansoor Ali Jhatial has his own business. His eldest son Niamat Ali Jhatial is a software engineering student in Sindh University and has also done D.A.E. in Electrical Engineering.
Talking about education with Sindh educators, he said that currently successful fields are such as information technology, medical, engineering, commerce and law. Young people should get education focused in this direction. Giving a small message to the parents of the children, he said to pay special attention to their children and give them time because social evils are increasing day by day & they are having a great impact on the children. If you pay attention to your children only then your children can avoid social evils. He gave message in these words, "Believe in hard work, whoever works hard will get its reward. Avoid useless activities. Respect your parents and teachers with your heart and soul - they are your leaders and guides. Be guided at all times."
Sindh Educators is proud to post about Madad Ali Jhatial. We are pleased to have his profile on our page.
Profile # 51
مدد علي جهتيال جو جنم 11 جنوري 1976ع تي ضلعي دادو جي تعلقي ميھڙ جي ڳوٺ رانجهو جهتيال جي سرولي پاڙي، يونين ڪونسل ٻُٽ سِرائي ۾ ٿيو. ھن پرائمري جا چار درجا گ.پ.س ٻٽ سرائي ۽ پنجون درجو گ.پ.س ڳوٺ الله بخش جهتيال مان پاس ڪيو. اٺون ڪلاس گ.م.س ٻٽ سرائي مان، مئٽرڪ گ.ھ.س شمس الدين بلبل ميهڙ مان ڪيائين. انٽر پري ميڊيڪل ۾ گ.ڊ.ڪ ميهڙ مان، گريجوئيشن گ.ڊ.ڪ خيرپور ناٿن شاھ مان، سنڌ يونيورسٽي مان پاڪستان سٽڊيز ۾ ماسٽرس ۽ سياسيات ۾ ايم فل جي ڊگري ماڻيائين. ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد مان ڊپلومہ ان مڪينيڪل انجنيئرنگ، ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ڄامشورو پاور ھائوس مان واپڊا تربيتي ڪورس ۽ ڪراچي مان ڊسپينسر جو ڪورس ڪيائين.
مدد علي جھتیال پنهنجي عملي زندگيءِ جي شروعات پوسٽ گريجوئيشن دوران ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس ۾ نوڪري سان ڪئي. 2004ع ۾ پاڪستان ريلوي ۾ سب انجنيئر (پروڊڪشن) طور لاھور ۾ ڪم ڪيائين. 14 جون 2005ع تي پاڪستان سٽڊيز جي ليڪچرر طور گ.ڊ.ڪ ميھڙ ۾ مقرر ٿيو. ان کان پوءِ کين بدلي ڪري 27 مارچ 2008ع تي گ.گ.ڊ.ڪ قاسم آباد، پوء ڊٽيلمينٽ تي 8 فيبروري 2009ع کان 10 نومبر 2010ع تائين مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ۽ 13 جنوري 2015ع تي بدلي ڪري سچل سرمست پوسٽ گريجوئيٽ ڪامرس ڪاليج ھيرآباد ۾ رکيو ويو. سندن 19 اپريل 2021ع تي اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ڏئي گ.ڊ.ڪ مٽياري ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ ھن وقت سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج تلڪ چاڙھي، حيدرآباد ۾ 12 اپريل 2022ع کان فرض نڀائي رھيو آهي. ھوء ڪاليج جي استادن جي تنظيم سپلا جو ڊسٽرڪٽ جوائنٽ سيڪريٽري ضلعو دادو ۽ ڊسٽرڪٽ سينئر وائيس پريزيڊنٽ ضلعو حيدرآباد رھيو آهي. ان سان گڏ ھيومن رائيٽس آف پاڪستان جو آرگنائيزر پڻ رهيو آهي. ھن وقت ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم، اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جو سليبس ڪاميٽي جو مستقل رڪن آهي. ان سان گڏ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ايم ايس سي پاڪستان سٽڊيز ۾ پڙھائيندو رھيو آهي. آل پاڪستان جھتيال اتحاد جي حوالي سان بہ ھر وقت اڳڀرو رھيو آهي. حيدرآباد ۾ آل پاڪستان جھتيال پبلڪ لائبريري ۽ سھولت گھر قائم ڪيو آھي جنھن ۾ گذريل ڇھن سالن کان کوڙ سارا شاگرد ۽ حيدرآباد ۾ ايندڙ جھتيال برادري جا مسافر ۽ ٻين برادرين جا مسافر فائدو حاصل ڪري رھيا آھن. آگسٽ 2025ع ۾ والنٽري جھتيال ويلفيئر آگنائيزيشن آف پاڪستان جو بنياد وڌائين. سندن پسنديدہ شخصيت مائوزي تنگ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو آهن. سندن بھترين استادن ۾ محمد عمر پتوجو، الھڏنو جھتيال، پروفيسر مدد علي ڪيريو، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، پروفيسر محمد يعقوب مغل، پروفيسر غلام نبي ساھڙ، پروفيسر محمد حسن شيخ، پروفيسر بشير احمد شيخ ۽ پروفيسر الله رکيو ٻٽ شامل آهن. ھوء ڪرڪيٽ ۽ والي بال ۾ ڪيپٽن رھيا آهن.
مدد علي جھتیال جا ٽي ڪتاب "پاڪستان جو مڪمل اڀياس"، "پاڪستان ھڪ نظر ۾" ۽ "تاریخ جھتیال برادري" شايع ٿي چڪا آهن. سندن سو کان مٿي سنڌ جي مختلف سنڌي اخبارن ۽ اردو اخبار جنگ ۾ ڪالم پبلش ٿيل آهن. ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ ريڊيو لاء ٻہ ڊراما لکيا آھن. سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ متحرڪ رھڻ ڪري مهراڻ ٽيلي ويزن ۽ ڪلياڻ ٽيليويزن تي لائيو پروگرامن ۾ مدعو ڪيو ويندو آهي. کين کوڙ سارا اوارڊ مليا آهن: تنظيم اساتذہ پاڪستان اوارڊ، ڊاڪٽر قربان جھتيال اوارڊ، سنڌ راڻي اوارڊ وغيره. گ.گ.ڊ.ڪ قاسم آباد، سچل سرمست ڪامرس ڪاليج حيدرآباد، گ.ڊ.ڪ مٽياري جي ڪاليج ميگزينن جو چيف ايڊيٽر رھيو. سندس جو نالو ادبي سماجي ۽ تعليمي خدمتن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندن رھيل ڪتابن ۾ انگريزي ڪتاب "پاڪستان افيئرس" اردو ڪتاب "مطالعہ پاکستان" ۽ "پاک و ھند اور سندھ" آھن.
مدد علي جھتیال جو والد محمد حسن جھتيال ھڪ محنت ڪش انسان ھو. سندن ڀائرن ۾ گل محمد جھتيال اڪنامڪس ۾ رٽائرڊ ليڪچرر، ولي محمد جھتيال رٽائرڊ پي ايس ٽي، لعل بخش جھتيال پاڪستان آرمي مان رٽائرڊ جڏھن تہ منصور علي جھتيال جو پنهنجو ذاتي ڪاروبار آهي. سندن وڏو فرزند نعمت علي جھتيال سنڌ يونيورسٽي ۾ سافٽ ويئر انجنيئرنگ جو شاگرد آھي ۽ ڊي اي اي اليڪٽريڪل پڻ ڪيو آھي.
مدد علي جھتیال سنڌ ايجوڪيٽرز سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو تہ جيڪي ھن وقت ڪامياب فيلڊون آهن مثلاً انفارميشن ٽيڪنالوجي، ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ڪامرس ۽ لا. نوجوانن کي گهرجي ان طرف ڌيان ڌري تعليم حاصل ڪن. ٻارن جي والدين لاء ھڪ ننڍڙو ميسيج ڏيندي چيو تہ پنهنجي اولاد تي خاص ڌيان ڏين ۽ انھن کي ٽائم ڏين ڇو تہ سماجي برائيون ڏينھون ڏينهن وڌنديون پيون وڃن ۽ انهن جو ٻارن تي تمام گھڻو اثر پئجي رھيو آهي. جيڪڏهن توھان پنهنجن ٻارن تي ڌيان ڏيندو تڏهن ئي توهان جا ٻار سماجي برائين کان بچي سگھندا. ھن شاگردن ۽ عام ماڻھن کي ھنن سونھري لفظن ۾ پيغام ڏنو "محنت تي يقين رکو، جيڪو محنت ڪندو ان کي ان جو صلو ضرور ملندو. فضول ڪمن ڪارين کان پاسو ڪريو. والدين ۽ استادن جي دل ۽ جان سان عزت ڪريو. اھي ئي توھان جا رھبر ۽ رھنما آهن. سندن کان ھر وقت رھنمائي وٺندا رھو."
سنڌ ايجوڪيٽرز مدد علي جھتیال جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.