21/07/2026
ڪنب ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ جي مبينا اغوا خلاف رٽائرڊ فوجي جو احتجاج، انصاف جي اپيل
ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ عارب سولنگي جي رهواسي رٽائرڊ فوجي طفيل احمد سولنگي احتجاج ڪندي الزام هنيو ته نبيل احمد ولد حاجي نذير احمد رات جي وقت سندس سَس جي گهر ۾ داخل ٿيو، جتان مبينا طور 10 تولا سون، 5 لک رپيا روڪ رقم ۽ سندس زال گلان خاتون، جيڪا ٽن ٻارن جي ماءُ کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري فرار ٿي ويو.
طفيل احمد سولنگي ٻڌايو ته سندس پنهنجو گهر زيرِ تعمير هجڻ سبب هو عارضي طور پنهنجي سَس جي گهر ۾ رهائش پذير هئا، جتي هي واقعو پيش آيو. هن چيو ته واقعي بابت ڪنب ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي، پر اڃا تائين جوابدار خلاف ڪا مؤثر ڪارروائي نه ٿي آهي.
هن اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪندي چيو ته هو هڪ غريب ۽ مسڪين ماڻهو آهي، رٽائرڊ پاڪ فوج جو جوان آهي ۽ ٽن ننڍڙن ٻارن جو پيءُ آهي. هن مطالبو ڪيو ته سندس زال کي جلد بازياب ڪرائي، جوابدار کي گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.