TIME News KUNRI

TIME News KUNRI Aneel Kumar Makwana Taluka Reporter Daily Pahenji Akhbar & Time News kUnri Dist Umerkot

ڪنري جي وچ شھر ۾ قائم مرچ منڊي ٻاهر منتقل نه ٿي، مرچ منڊي جي سيزن ۾ شھرين جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو، بيمارين به منھن ڪڍيو، ...
31/10/2025

ڪنري جي وچ شھر ۾ قائم مرچ منڊي ٻاهر منتقل نه ٿي، مرچ منڊي جي سيزن ۾ شھرين جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو، بيمارين به منھن ڪڍيو، اختياريون ماٺ

اڄوڪي پنھنجي اخبار ۾ ڇپيل رپورٽ

31/10/2025

ڪنري: آمريڪن چوڪ لڳ آرائين ۽ اعواڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيھڙو، لٺين ۽ ڪرسين جو استمعال، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو.

31/10/2025

ڪنري: قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جسقم پاران احتجاجي ريلي، مظاھرو.

30/10/2025

ھوشيار…خبردار……
ڪنري ۾ ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺاهي ڏيڻ جي بهاني سان ٺڳ ٽولو هلي رهيو آھي جيڪو ماڻھن کان رقم اوڳاڙي ۾ مصروف آھي هي ڪاڪو ٽيڪم ميگھواڙ به ٺڳن کان ٺڳجي اسان وٽ پھتو آھي.

30/10/2025

ڪنري مان اغوا ڄاڻايل نوجوان ناري عدالت ۾ پيش، وارثن حوالي

ڪنري ۾ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم پاران عوام کي لاڀ ڏيڻ بدران دڪاندارن کان ناجائز طريقي سان اوڳاڙي،شھر ۾ کاڌي پيتي جي غير ...
30/10/2025

ڪنري ۾ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم پاران عوام کي لاڀ ڏيڻ بدران دڪاندارن کان ناجائز طريقي سان اوڳاڙي،

شھر ۾ کاڌي پيتي جي غير معياري شين جو وڪرو ۽ واهپو عام ٿي ويو، انساني صحت لاءِ هاڃيڪار بيماريون پکڙجڻ جون خدشو، اختياريون خاموش تماشائي بڻيل.

ڪنري مان ٽي مهينا پھرين اغوا ٿيل سنيتا ڌي تارو مھراج کي نياز ڪنڀر پاران نئون ڪوٽ ۽ ڪراچي جي ڪجھ علائقن ۾ لڪايو ويو جيڪا ...
30/10/2025

ڪنري مان ٽي مهينا پھرين اغوا ٿيل سنيتا ڌي تارو مھراج کي نياز ڪنڀر پاران نئون ڪوٽ ۽ ڪراچي جي ڪجھ علائقن ۾ لڪايو ويو جيڪا وجھ وٺي عمرڪوٽ آئي جنھن پنھجي والدين سان رابطو ڪيو ان بعد نياڻي کي وڪيل معرفت سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي جڏهن ڄاڻايل ناري جي اغوا جو ڪيس سول جج ون جي ڪورٽ ۾ھلندڙ ھو تنھنڪري ناري پاران اڄوڪي درخواست کي مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ٽرانسفر ڪيو ويو جتي بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ناري کي والدين جي حوالي ڪيو ويو ھن ڪيس جي پيروي ھائي ڪورٽ جي سينئر وڪيل ميان بخش کوسو، وڪيل ڀواني شنڪر مالھي ۽ ايڊوڪيٽ ڀورا لال ڀيل ڪري رهيا آهن.

29/10/2025
29/10/2025

ڪنري ۾ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي عمرڪوٽ جي ٽيم پاران دڪاندار کان رشوت خوري عروج تي. ويڊيو وائرل

29/10/2025

ڪنري: ٽوڀان شاخ تي ڪريانا ۽ اسپيئر پارٽس جي دڪانن مان چوري، شٽربند ھڙتال، احتجاجي مظاهرو.

29/10/2025

ڪنري: سڳن ڀائرن صابر ۽ جان محمد چانڊيو کي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار وڌيڪ رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش، ٻن جوابدارن پاران قتل جو اعتراف، رمانڊ تي پوليس حوالي.

Address

Kunri

Telephone

+923173735600

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when TIME News KUNRI posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to TIME News KUNRI:

Share