Larkana Larkana Hai Yar

Larkana Larkana Hai Yar Larkana Larkana Hai Yar Larkana is famous throughout Pakistan because of the Association with the Bhutto Family.
(1)

Larkana is the fourth largest city in the Sindh province of Pakistan, it is located in the north western part of Sindh within the Larkana district. Larkana is a very old city whcih has produced many top political and celebritical figures of Pakistan such as Abida Parveen and Ehsan Sehgal.

سنڌيو ھوشيار ٿيو…!!!!ستاويهين ترميم اچي پئي سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورھائيندا، جي چاھيو ٿا سنڌ ھڪ رھي ته روڊن تي نڪرو پوندو نه ت...
02/11/2025

سنڌيو ھوشيار ٿيو…!!!!
ستاويهين ترميم اچي پئي سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورھائيندا، جي چاھيو ٿا سنڌ ھڪ رھي ته روڊن تي نڪرو پوندو نه ته سنڌ کي ٽوڙيو ويندو ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ سنڌ ٽوڙڻ خلاف روڊن تي اچڻ جي اپيل ڪري ڇڏي..!

غني امان ۽ سرمد ميراڻي کي عدالتي حڪم باوجود آزاد  نه ڪرڻ خلاف 3 تلوار تي ڌرڻو، ڪراچي پريس ڪلب، واڌو واهه سميت مرڪزي شاهر...
02/11/2025

غني امان ۽ سرمد ميراڻي کي عدالتي حڪم باوجود آزاد نه ڪرڻ خلاف 3 تلوار تي ڌرڻو، ڪراچي پريس ڪلب، واڌو واهه سميت مرڪزي شاهراهون بند ڪرڻ جو چتاءُ

عَتيق جو بنگلو، لاڙڪاڻو.مان ننڍپڻ ۾ گرمي جي ڏهاڙن ۾، جڏهن رات جو لاهوري محلي واري اباڻي گهر جي ڇت تي سمهڻ ويندو هيس ته ا...
02/11/2025

عَتيق جو بنگلو، لاڙڪاڻو.
مان ننڍپڻ ۾ گرمي جي ڏهاڙن ۾، جڏهن رات جو لاهوري محلي واري اباڻي گهر جي ڇت تي سمهڻ ويندو هيس ته اوڀر طرف چنڊ هيٺان هڪ پراڻي حويلي ڪا پيرگي Perigee محسوس ٿيندي هئي جيڪا چنڊ جي ساهيڙي هوندي هئي ۽ هر مهيني ساڻس ملڻ ايندي هئي. ان اوائلي واڻڪي، اداس حويلي جو نالو عتيق جو بنگلو هو، جنهن ۾ هڪ ڪراڙي عورت رهندي هئي. مون کيس هڪ ٻه دفعا سامهون ڏٺو هو. منهنجو چاچو هدايت الله سندن چوڪيدار هوندو هو. بنگلي جي اولهه ۾ حويلي جو ٻيو حصو هوندو هو جتي گاڏين جي گئراج ۽ نوڪرن جا گهر هئا. ٽه ماڙ حويلي جي اڱڻ واري حصي جو دروازو سنهي گهٽي مان کلندو هو. حويلي جي اڱڻ آڏو هڪ وڏو هال هوندو هو. ورانڊي جي ڇت اوچي هئي جيڪو ان دور جي اوساري مطابق گرمي ۾ گهر کي هوادار رکڻ لاءِ هوندو هو. فرش تي ڪارا ۽ سفيد ٽائيل هوندا هئا جيڪي ڪنهن پراڻي فلم جي ڀوائتي سين وانگر لڳندا هئا مالڪياڻي بنگلي جي مٿيڻ حصي ۾ رهندي هئي. هن جو نالو ته سڪينا هو پر پاڙي وارا کيس بيگم عطيق الزمان ڪري سڏيندا هئا. نهايت نفيس، شائسته ۽ خوبصورت عورت. لکنوءُ جي هي راڻي چوڌري خليق الزمان جي وڏي پٽ عطيق الزمان جي گهرواري هئي. لکنئو جي اصلي نوابن جي خاندان جي هن مدبر سياستدان جون ٻه شاديون هيون. APWA، ۽ مسلم ليگ کان سواءِ بيگم عتيق لاڙڪاڻي جي ليڊيز ڪلب جي روح روان هئي. هن بعد ليڊيز ڪلب وري آباد ٿي نه سگهي. هُن کي ادب سان گهرو لڳاءُ هو. 1966 ۾ بزم ادب جي سربراه طور ڪم ڪيو. اولاد جي اسرار تي پڇاڙي ۾ ڪراچي هلي وئي. بعد ۾ ٻڌڻ ۾ آيو ته مئڊم سڪينه عرف بيگم عتيق الزمان 1988 ۾ ڪراچي ۾ آخري پساه پورا ڪيا.
ڳالهه نڪتي آهي چوڌري خليق الزمان جي ته هي ساڳو چوڌري صاحب آهي جيڪو پاڪستان مسلم ليگ جو پهريون صدر هو ۽ مشرقي پاڪستان جو گورنر رهيو. شايد ڪنهن کي ڄاڻ نه هجي ته لياقت علي خان ۽ قائد اعظم سان سخت اختلافن سبب هن ڪراچي ۾ رهڻ پسند نه ڪيو ۽ ايوب کهڙو هن کي لاڙڪاڻي شهر وٺي آيو ۽ پنهنجي پاڙي ۾ هڪ حويلي ۾ ترسايو. اصل ۾ ورهاڱي سبب هندن سموريون ملڪيتون هتي ئي ڇڏي ويا ۽ پاڻ سان ڪجهه ساڻ نه کنيو. لياقت علي خان جون کيس ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ جون سڀ ڪوششون ناڪام ويون. علي ڳڙهه يونيورسٽي جو قانون جي ڊگري وارو اعليٰ خاندان جو نوجوان پنهنجي ڪتاب ۾ سڀ سُور سليا آهن جنهن جو نالو هو Pathway to Pakistan.
مان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هيس ته پاڙي ۾ سرگوشيون ٻڌيون ته مينا بازارون لڳرائڻ واري مائي لاڙڪاڻو ڇڏي ڪراچي هلي وئي. لکنئو جا ماڻهو ته حد درجي جا مُهذب، ذوق وارا ۽ نازڪ هوندا آهن ان ڪري انهن بنگلي کي ساڳي حالت ۾ ئي رکيو. بيگم عتيق جي وڃڻ بعد، 700 گزن وارو هي ڪُشادو بنگلو در ٻيڪڙائي سمهي رهيو، ڪهف جي غار جيان اڌ صدي گذري وئي پر هتي ڪوئي واپس نه آيو. جتي قوالي ، محفلون، دعوتون ۽ ميڙا مچندا هئا اتي هاڻي مٽي ۽ ڪبوترن جا آکيرا گهر ڪري ويا. حويلي هيبت جو نشان بڻجي وئي جتي ڪو به ناهي رهندو.
رفيع الزمان صديقي جيڪو چوڌري خلیق الزمان جو پوٽو آهي تنهن يو ٽيوب جي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هو ان ئي حويلي ۾ پئدا ٿيو. هو وزارت خارجہ Foreign Service ۾ هيو ۽ ڪيترن ئي ملڪن جو سفير رهي چڪو هو. هن هڪ يادگيري ٻڌائي ته هن ئي بنگلي ۾ 1952 ۾ چوڌري صاحب هڪ شاندار دعوت ڪئي جنهن ۾ ممتاز دولتانه، قاضي فضل الله، ايوب کهڙو، مشتاق گورماڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. حويلي جي اڱڻ ۾ فرشي نشست تي لکنئو جا طعام سجايا ويا.
لاڙڪاڻي جي هي پراسرار خوبصورت حويلي هڪ بند گهر نه پر تاريخ جو کليل ڪتاب آهي. لاهوري محلي لاڙڪاڻو جي هيءَ حويلي Colonial era جي آخري نشاني آهي.

02/11/2025

غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي ڪورٽ جي آرڊر باوجود وري غائب ڪيو ويو.

غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي خلاف ڪيس ختم، عدالت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
02/11/2025

غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي خلاف ڪيس ختم، عدالت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي رمانڊ لاءِ سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ پيشسي ٽي ڊي پوليس رمانڊ وٺڻ لاءِ گرفتار ڪيل غني امان چانڊيو ۽ ...
02/11/2025

غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي رمانڊ لاءِ سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ پيش
سي ٽي ڊي پوليس رمانڊ وٺڻ لاءِ گرفتار ڪيل غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي سٽي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو آهي.
سنڌ بار ڪائونسل ميمبر عامر نواز وڙائچ، عبدالرشيد راڄڙ، امر حسيب پھنور ۽ ٻيا ڪراچي جا وڪيل به ڪورٽ پھتا آهن.

لاڙڪاڻو انعام خروس جتوئي پسٽل سان فائر ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو.خبر ناهي اڄ ڪالھ زندگي نوجوانن کي ايڏي سستي ڇ...
02/11/2025

لاڙڪاڻو انعام خروس جتوئي پسٽل سان فائر ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو.
خبر ناهي اڄ ڪالھ زندگي نوجوانن کي ايڏي سستي ڇو ٿي لڳي هي زندگي هڪ ڀيرو ملي ٿي هر هڪ ماڻهون جي زندگي ۾ مسئلا مشڪلاتون آهن پر انسان کي نااميد ٿي اهڙا سخت قدم نه کڻڻ کپن بلڪه انهن مشڪلاتن سان جوان ٿي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏيڻ کپي

حيدرقادري وارو سياسي اڳواڻن سان پرينڪ ڪال وارو ويڊيو ڏٺو، ڀلي اها پلينڊ هجي پر ان ۾ جنهن نموني مولانا راشد محمود سومرو ج...
01/11/2025

حيدرقادري وارو سياسي اڳواڻن سان پرينڪ ڪال وارو ويڊيو ڏٺو، ڀلي اها پلينڊ هجي پر ان ۾ جنهن نموني مولانا راشد محمود سومرو جو اهڙي ايمرجنسي ۾ ريسپانس هيو اهو مون پاڻ به آزمائي ڏٺو آ. ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته راشد محمود مھل ملهائيندو آ

لاڙڪاڻو: سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ ڊويزن مان اطهر عباس سولنگي 1207 ووٽ کڻي پهرين پوزيشن ۽ آصف سومرو 1026 ووٽ کڻي ٻي پو...
01/11/2025

لاڙڪاڻو: سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ ڊويزن مان اطهر عباس سولنگي 1207 ووٽ کڻي پهرين پوزيشن ۽ آصف سومرو 1026 ووٽ کڻي ٻي پوزيشن حاصل ڪري ورتي.

لاڙڪاڻو:  چيئرمين دڙي ٽائون شاھ رُخ انور سيال جي ٽراما سينٽر آمدشاھ رُخ انور خان سيال شڪارپور کان سھيوڻ شريف ويندڙ بس کي...
01/11/2025

لاڙڪاڻو: چيئرمين دڙي ٽائون شاھ رُخ انور سيال جي ٽراما سينٽر آمد

شاھ رُخ انور خان سيال شڪارپور کان سھيوڻ شريف ويندڙ بس کي لاڙڪاڻي جي ويجهو پيش آيل افسوسناڪ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ زائرين جي عيادت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

زخمين جي وارثن سان ملاقات ڪري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، انهن لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرائي ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته زخمين کي ڀرپور ۽ بهترين طبي سهولتون مهيا ڪيون وڃن.

01/11/2025

وڪيل اطھر عباس سولنگي پھرين پوزيشن ماڻي سوڀارو

01/11/2025

دڙي ٽائون چيئرمين شاھ رخ انور سيال پاران سماجي اڳواڻ ذوالقرنين سيال جي سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو

Address

Bhutto Tower Lahori Muhalla Larkana
Larkana Lines
77150

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Larkana Larkana Hai Yar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share