Voice of Larkano - VOL

Voice of Larkano - VOL Voice Of Larkano web TV of social sites

ساريو برادري رتوديرو ۽ ڳوٺ بخشو ساريو جي معزز شخصيت، ڊليوري گڊس ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جو پرپرست اعلي، نيو پنجتني ...
09/09/2026

ساريو برادري رتوديرو ۽ ڳوٺ بخشو ساريو جي معزز شخصيت، ڊليوري گڊس ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جو پرپرست اعلي، نيو پنجتني گڊس ٽرانسپورٽ ڪمپني لاڙڪاڻو جو مالڪ، لطيف سائين سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن رتوديرو جو سرپرست/ تاحيات ميمبر الحاج ممتاز علي ساريو صاحب جن دل جو دورو پوڻ سبب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آھي.
انال اللہ وانا الیہ راجعون. رب العالمین جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي.

لاڙڪاڻو......... سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي پندرهنوار تنقيدي گڏجاڻي سنڌ جي ناليواري شاعر نويد ناز ڀٽيءَ جي صدارت هيٺ ...
05/09/2026

لاڙڪاڻو.........
سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي پندرهنوار تنقيدي گڏجاڻي سنڌ جي ناليواري شاعر نويد ناز ڀٽيءَ جي صدارت هيٺ ٿي گذري. جنهن ۾ فراخ جانوري 'غزل' زاهد حسين جوڻيجو نثري ٽڪرو، مصور منگي آزاد نظم ۽ اعجاز علي سولنگي ڪهاڻي 'پيهي جا پاڻ ۾' تنقيد لاءِ پيش ڪئي. جڏهن ته شيخ فرازي، دانش ترڪ، شاهد بليدي، سيد حسين شاه، سيد منور شاھ، مسڪين عيسيٰ ۽ رضا حسين تنقيد ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي صدارتي راءِ ڏيندي نويد ناز ڀٽي چيو ته اعجاز سولنگي سينيئر ڪھاڻيڪار آهي. هن جي ڪهاڻي آرٽ جو زبردست نمونو آهي ڇو ته ڪھاڻي پڙهندڙ کي پاڻ ۾ سَموئي ڇڏي ٿي. مصور منگيءَ جو آزاد نظم خيال ۽ وزن سان ڀرپور آهي. آزاد نظم ۾ رواني به ڏاڍي ڪمال جي آهي. فراخ جانوري جديد سنڌي شاعريءَ جو نمائندو شاعر آهي. جيڪا مڃتا فراخ جانوري کي ملڻ گهرجي اها شايد سندس غربت جي ڪري کيس نه ملي سگهي آهي. فراخ جانوري جو هي غزل به نئين تشبيھن سان منفرد ۽ جديد غزل آهي. زاهد جوڻيجي جو نثري ٽڪرو سماجي ۾ ٿيندڙ ناانصافي ۽ بيحسي جي عڪاسي ڪري ٿو. مسيڪن عيسيٰ جي غزل کي پڻ ساراهيو ويو.
گڏجاڻي جي ڪاروائي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو جي سيڪريٽري خليق ميمڻ هلائي.

04/09/2026

سنڌ جي بهادر نياڻي آرزو سنڌي ضمانت تي وومين جيل حيدرآباد مان آزاد جيل جي ماڙي جي مک گيٽ تي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھ سنڌي ،باغي راڄپر ۽ ٻين آرزو سنڌي جي مٿان گلن جي ورکا ڪئي ۽ کيس اجرڪ پارايا

03/09/2026

”نظم“
( خالد راجپر )
”اسان لاءِ ڌرتي خدا جي برابر“

اسان ديسُ اک جي رکي ماڻڪيءَ ۾
مٽيءَ سان محبت ڪندا ئي رھون ٿا.

اسان عشق دل جي ھٿن تي کنيو آ،
اسان جيئن ڪنھن وٽ بغاوت ڪٿي آ.
اسان کي مٽيءَ جو کپي پيٽُ ھڪڙو،
اسان کي ڪلھن جي ضرورت ڪٿي آ.

اسان جي مئاسون ته مقتل نه رھندو،
ندي ڪا نه رھندي، نديءَ جلُ نه وھندو.
اڏارن ۾ ويندا مري سڀ ھوا ۾ ،
پکي ڪو به زنده مٽيءَ تي نه لھندو.

غدارن جي ڪائي گنجائش نه آھي،
وڃي پاڻ ۾ ھو ٺھن جيئن آھن.
وطن ئي اسان جي ونيءَ ويڙُھُ آھي،
اسان لئه زنجيرون ڳَھنِ جيئن آھن.

اسان کي اڳياڙي خبر آ پڇاڙي ،
اکين کان اُماڙي پري ڪا نه ويندي.
وطن لاءِ وڙھندي حياتي وڃي ڀل،
مگر بيضميري اسان کان نه ٿيندي.

اوھان پاڻ کي ئي وڃي پاڻ پوڄيو،
اسان جو اوھان کان الڳ آ قبيلو.
اسان جي عبادت مٽيءَ کي قبوليو،
اسان لاءِ ڌرتي خدا جي برابر .

مجاهد ملت جعفريه علامه سيد حسن ظفر نقوي جي ڪار مهراڻ هاءِ وي خيرپور ميرس جي ويجهو حادثي جو شڪار ٿي وئي.علامه سيد حسن ظفر...
03/09/2026

مجاهد ملت جعفريه علامه سيد حسن ظفر نقوي جي ڪار مهراڻ هاءِ وي خيرپور ميرس جي ويجهو حادثي جو شڪار ٿي وئي.
علامه سيد حسن ظفر نقوي محفوظ رهيا ۽ معمولي زخمي ٿيا. ذريعا

02/09/2026

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران، پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي ميمبر اسيمبلي سردار خان چانڊيو وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته، "هڪ ماڻهو اٿي بيٺو آهي ۽ چوي ٿو ته نظام بيڪار ٿي ويو آهي. جيڪڏهن اهو بيڪار ٿي ويو آهي، ته پوءِ توهان وزير ڇو آهيو؟ توهان کي پي سي بي جي چيئرمين شپ ڏني وئي هئي، توهان ٽيم نه ٺاهي رهيا آهيو. توهان جتي به وڃو ٿا، توهان ڪارو چهرو کڻي ايندا آهيو."
سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني سميت ايوان ۾ موجود ٻين ميمبرن پنهنجي کل کي روڪي نه سگهيا . پي پي پي ايم پي اي جو هي بيان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تازي مسلسل ناڪامين ۽ پي سي بي جي انتظامي پاليسين تي عوامي ۽ سياسي حلقن ۾ شديد ڪاوڙ ۽ ناراضگي کي ظاهر ڪري ٿو.

01/09/2026

جمعيت علماء اسلام پاڪستان جو امير مولانا فضل الرحمان جي لاڙڪاڻو ۾ پريس ڪانفرنس....

31/08/2026

منهنجي شادي جو فڪر نه ڪريو اصل مسئلن تي
توجهه ڏيو... بلاول ڀٽو زرداري پاران وڊيو بيان جاري...

سوشل ميڊيا تي سندس مڱڻي بابت هلندڙ افواهن کي رد ڪندي هن پمز واقعي ء نون صوبن وارين ڳالهين جو ذڪر ڪيو ته ڌيان هٽائڻ لاءِ منهنجي مڱڻي جو شوشو ڪيو ويو آهي

انال اللہ وانا الیہ راجعون.... ناليوارو هدايتڪار ۽ اداڪار غلام حيدر صديقي 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويوسنڌ جو ناليوا...
31/08/2026

انال اللہ وانا الیہ راجعون....
ناليوارو هدايتڪار ۽ اداڪار غلام حيدر صديقي 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ جو ناليوارو هدايتڪار ۽ اداڪار غلام حيدر صديقي 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وڇوڙي سان سنڌي فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي.

غلام حيدر صديقي سنڌي فلمن ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“، ”بادل“ ۽ ”البيلي“ سميت ڪيترين ئي فلمن جي هدايتڪاري ڪئي، جڏهن ته هن اداڪاري جي شعبي ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.

هن ڪيترن ئي سنڌي ڊرامن جي هدايتڪاري پڻ ڪئي ۽ سنڌي فن ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.

فنڪار برادري ۽ ثقافتي حلقن پاران غلام حيدر صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سندس فني خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.

Address

Larkana
Larkana Lines

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Voice of Larkano - VOL posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Voice of Larkano - VOL:

Shortcuts

Share