Larkana Awami News

Larkana Awami News Larkana Awami News

05/03/2024

لاڙڪاڻي جو امن امان بلڪل خراب ٿي چڪو آھي,

يا ته مال ته ھٿ کڻو,
يا ته جان تان ھٿ کڻو.

05/03/2024

شهباز حڪومت جو ڊرامو
بجلي في يونٽ 7 روپيا 5پيسا واڌ ڪري صارفين مٿان 66 ارب جو اضافي بار وجهي 65 ارب جو رمضان پيڪيج اعلان ڪري ڇڏيو

05/03/2024

سموري دنيا ۾ ميٽا فيسبوڪ انسٽاگرام سميت سب سوشل ميڊيا سائيٽون ڊائون ٿيڻ کان بعد ٻيهر بحال

05/03/2024

لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل باڊهه واسي نوجوان زوهيب پنهور جي وارثن مقتول جو لاش ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي.

شڪارپور ( رپورٽ عادل جان لاڙڪ ) احترام رمضان بابت گڏجاڻي روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه مقرر.زخيره اندوزي ۽ وڌيڪ قي...
05/03/2024

شڪارپور ( رپورٽ عادل جان لاڙڪ ) احترام رمضان بابت گڏجاڻي روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه مقرر.زخيره اندوزي ۽ وڌيڪ قيمتون وٺندڙن جي خلاف س ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ احترام رمضان بابت گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ڪئي.گڏجاڻيءَ سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو تہ رمضان دوران ڪنهن به واپاري زخيره اندوزي ڪئي يا پنهنجي دڪانن تي ريٽ لسٽ آويزان نه ڪئي يا مقرر اگهن کان وڌيڪ اگهه ورتا ويا ته ان سلسلي ۾ ڳرا ڏنڊ لڳايا ويندا ۽ خلاف ورزي ڪرڻ تي جيل پڻ موڪليو ويندو. هن چيو ته ڪجھ شين جا ريٽ اوپن رکيا ويا آهن. جن ۾ مرغي، تيل، گيهه، کنڊ ۽ انڊا شامل آهن،انهن جا ريٽ صبح سوير اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ڏنا وڃن ته جيئن هو اوپن ريٽ کي روزانو جي بنياد تي چيڪ ڪري سگهن. هن چيو ته گهٽ آمدني رکندڙ ماڻهو قيمتون وڌي وڃڻ سبب پريشان ٿي وڃن ٿا ۽ رمضان جون برڪتون نٿا حاصل ڪن. ان موقعي تي روز مره جي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ھن ريت مقرر ڪيا ويا. جن ۾ دال مسور 300 روپيه، دال مڱ 310 روپيه، دال ماڇ 470 روپيه، چڻن جو بيسڻ 250 روپيه، چڪيءَ جو اٽو 130 روپيه، سوجي 150 روپيه، باسمتي ڪرنل چاور 240 روپيه، رائيس باسمتي ڏارو 150 روپيه، ڳائو گوشت 750 روپيه، ٻاڪرو گوشت 1450 روپيه، مڇي 2 ڪلو کان مٿي واري 600 روپيه، مڇي 1ڪلو کان مٿي 500 روپيه، مڇي 1 ڪلو کان گھٽ 350 ، مينهن جو گوشت 600، کارڪون 170 کان 500، ڇولا 9 ايم ايم 310، مستي 180، ڳڙ 180، ميدو 150، سوجي 150، اسپيشل اٽو 132، بسڻ مٽر 160 في ڪلو مقرر ڪيا ويا آهن. گڏجاڻيءَ ۾ ايڊشنل ڊيپٽي ڪمشنر ون سيد ڪبير شاہ ، چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائيسز شاهنواز احمد، ملڪ ايسوسيئيشن جو صدر محمد آصف، چيئرمين مارڪيٽ ڪميٽي جو صدرسميع الله شيخ ۽ ٻين واپاري تنظمين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

05/03/2024

لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي موٽرسائيڪل سوار نامعلوم ھٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪري تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

04/03/2024

اِنّا لِلّٰهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن
نصيرآباد ڌامراھ واھ مين بائي پاس تي 5 ورھين جي معصوم کي نشي ۾ ڌت ڪوچ ڊرائيور پوليس چونڪي اڳيان چيڀاٽي فرار..
انصاف ملندو يان پنھنجي ھمٿ ڪرڻي پوندي .
ايس ايڇ او نصير آباد ؟؟
ايس پي قمبر؟؟
ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ؟؟
آئي جي سنڌ؟؟

04/03/2024

واھ قدرت وارا تنهنجو ڪمال الله هو اڪبر

04/03/2024

لاڙڪاڻي ويجهو رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ شادي تقريب دوران فائرنگ 2 عورتن سمیت 3 زخمي، ٽراما سينٽر منتقل...!!!

03/03/2024
إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ 😭ڏک جي خبر ٽنڊولھيار سان تعلق رکندڙ ٽڪ ٽاڪ جي دنيا ۾ مشهوري ماڻيندڙ علي حيدر ...
03/03/2024

إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ 😭
ڏک جي خبر
ٽنڊولھيار سان تعلق رکندڙ ٽڪ ٽاڪ جي دنيا ۾ مشهوري ماڻيندڙ علي حيدر شيدي روڊ حادثي ۾ شديد زخمي ٿيڻ بعد علاج دوران زخمن جا سور نه سھندي ڌم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو 😰💔😰

03/03/2024

خانپور شھر ۾ ظهور راجپوت پڪوڙا هلائيندڙ جي دڪان تي گرم تيل جي تئي محمود ۽ عارف راجپوت مٿان هاري ڇڏي زخمي اطلاع بعد پوليس پهتي

Address

Larkana

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Larkana Awami News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share