VOC News

VOC News This is web channel

پریس ریلیزنيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽروے پوليس — ساؤتھ زون ڪراچيمورخو:3 جنوري 2026عوامي تحفظ ۽ ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ...
03/01/2026

پریس ریلیز
نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽروے پوليس — ساؤتھ زون ڪراچي
مورخو:3 جنوري 2026

عوامي تحفظ ۽ ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائڻ لاءِ، ايڊشنل آئي جي موٽروے پوليس ساؤتھ ريجن، منير احمد شيخ، ۽ ڊي آئي جي ساؤتھ زون جي هدايت تي پورے زون ۾ موٽر سائيڪل خلاف ورزين خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. هن مهم دوران، بغير هيلمٽ وارن موٽر سائيڪل سوارن جا چالان جاري ڪيا پيا وڃن، ون وے جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ۽ موٽر سائيڪل تي سوار هر شخص لاءِ هيلمٽ جو استعمال لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه، موٽر سائيڪل تي ٻه کان وڌيڪ ماڻهو سوار ڪرڻ تي پابندي آهي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
موٽروے پوليس عوام کان درخواست ڪري ٿي ته ٽريفڪ قانونن تي مڪمل عمل ڪن ۽ ذميوار شهري هجڻ جو ثبوت ڏين. عوام جي جان ۽ ملڪيت جي حفاظت ۽ مسافرن کي بروقت ۽ محفوظ منزل تائين پهچائڻ موٽروے پوليس جي پهرين ترجيح آهي.
ترجمان، موٽروے پوليس

01/01/2026

لاڙڪاڻو پوليس ڪوڙن مقابلن جي ماسٽر مائنڊ بڻيل...لاڙڪاڻو بدامني جي ور چڙهي ويو

جنهن ڪري قتل ۽ ڌاڙن ۾ اضافو ٿي ويو ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري ڏوھ تي ڪنٽرول ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻجي ويو شهيدن جو شهر لاوارث بڻيل شهرين جو بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، وزير اعلي سنڌ ۽ آئي جي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
شھر ۾ قتل توڙي ڏوھ معمول بڻيل ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل مبينا پوليس مقابلو جعلي نڪتو پوليس اهلڪار سرعام وچ شهر ۾ شھري کي قتل ڪري موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو جنهن تي بنا تصديق جي سرڪاري مدعيت ۾ مقابلو ڄاڻائي ڪيس داخل ڪري پريس رليز پڻ جاري ڪئي وئي وڊيو منظر عام اچڻ تي وري پوليس اهلڪار کي هٿڪڙيون لڳائي نوان نوان بيان جاري ڪيا پيا وڃن جڏهن ته ڪالھ ماهوٽا اصغر شر ڏوهارين هٿان شهيد ٿيو
شهري غير محفوظ بڻجي ويا

لاڙڪاڻو دڙي ٿاڻي تي قاتل ايس ايڇ او مقرر ٻيھر ٻڌڇوڙ جاري عڀدالرزاق ٽڳڙ ڪجھ وقت اڳ وليد ٿاڻي تي مقرر ھيو مٿس نوجوان ساحل ...
28/11/2025

لاڙڪاڻو دڙي ٿاڻي تي قاتل ايس ايڇ او مقرر ٻيھر ٻڌڇوڙ جاري عڀدالرزاق ٽڳڙ ڪجھ وقت اڳ وليد ٿاڻي تي مقرر ھيو مٿس نوجوان ساحل سولنگي تي تشدد ڪري مارڻ جو الزام ھيو بااثر ايس ايڇ او رشوت عيوض ھر ڪم جو ماھر آھي
آء جي سنڌ ڊي آء جي ناصر آفتاب توڙي ايس ايس پي احمد چوڌري کي نوٽيس وٺي ھٽائڻ گھرجي

24/11/2025

*لاڑکانو: 24 نومبر 2025.*

*لاڑکانو پولیس مقابلہ۔*

*پچاس لاکھ انعام یافتہ ڈاکو ہلاک۔*

ہلاک ڈاکو کی شناخت ساتھی جتوئی کے نام سے ہوئی ہے،
ایس ایس پی لاڑکانو

ہلاک ڈاکو شہید انسپیکٹر میر محمد کھوسو کی شہادت والے کیس کا مرکزی ملزم تھا،
ایس ایس پی چوہدری

مذکورہ ڈاکو 108 سنگین نوعیت کے مقدمات میں ملوث، پولیس کو انتہائی مطلوب اور پچاس لاکھ انعام یافتہ تھا،
ایس ایس پی لاڑکانو

تفصیلات کے مطابق:
*ایس ایس پی لاڑکانو جناب احمد چودھری صاحب QPM, PSP کی قیادت میں لاڑکانو پولیس کا جوانوں پر حملہ کرنے والوں سے ایک گھنٹے کے اندر بدلہ لینے والا رکارڈ آج بھی قائم!!!*

لاڑکانو پولیس کی جانب سے جرائم پیشہ افراد کے خلاف جاری کاروائیوں کے دوران تھانہ باقرانی کی حدود محرابپور والے علاقے میں شہزاد نامی ایک پولیس جوان کے زخمی ہونے والی اطلاع پر ایس ایس پی لاڑکانو جناب احمد چودھری صاحب QPM, PSP نے آپریشن کو بذات خود لیڈ کیا۔

مقابلے کے دوران دونوں اطراف فائرنگ کے نتیجے میں عوام آزار و بدنام زمانہ ڈاکو ساتھی جتوئی ہلاک ہوگیا۔

مذکورہ علاقے میں تاحال سرچ آپریشن جاری ہے۔

*شعبہ اطلاعات لاڑکانو پولیس۔*

30/10/2025
لاڙڪاڻو شهر جي بقاپور چوڪيءَ تي هٿياربندن حملو ڪري بقاپور چوڪي جي انچارج کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيولاڙڪاڻو شهر جي بقاپو...
27/10/2025

لاڙڪاڻو شهر جي بقاپور چوڪيءَ تي هٿياربندن حملو ڪري بقاپور چوڪي جي انچارج کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو
لاڙڪاڻو شهر جي بقاپور چوڪيءَ تي موٽرسائيڪل چيڪنگ دوران موٽرسائيڪل نه بيهارڻ تي گوليون هڻي چوڪي انچارج مشتاق تنيو کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو.

22/10/2025

سندھ میں ڈاکووں کی جانب سے گرفتاری دینے والی تقریب شکارپور میں جاری
71 خطرناک ڈاکووں نے ہتھیار پھینک کر گرفتاری پیش کردی
سر کی قیمت والے 9 پولیس اہلکاروں کے قتل میں ملوٹ 6 شہریوں کے قتل میں ملوث 19 ڈاکو شامل
اغوا برائے تاوان میں ملوٹ 6 ہائی وے ڈکیتی میں ملوث 5 جب کے پولیس مقابلوں اور دیگر مقدمات میں ملوث 26 ڈاکو شامل
60 لاکھ سر کی قیمت والا سکھیو تیغانی۔60 لاکھ سر کی قیمت والا سونارو تیغانی۔30 لاکھ سر کی قیمت والا گلزار تیغانی۔30 لاکھ سر کی قیمت والا ملا تیغانی بھی گرفتاری دینے والوں میں شامل
30 لاکھ روپے سر کی قیمت والا ڈاکو نثار سبزوئی۔20 لاکھ انعام یافتہ لاڈو تیغانی۔20 لاکھ انعام یافتہ جمعو تیغانی بھی شامل
ڈاکووں میں 15 لاکھ سر کی قیمت والا ڈاکو نور الدین تیغانی اور 30 لاکھ روپے انعام یافتہ غلام حسین ٹمو شامل..

11/10/2025

11:10:25 لاڙڪاڻو شهر جي نظر پاڙي جي رهواسي ايڇ ايس ٽي استاد محمد علي ابڙو طرفان مبينا طور شاهينگ پاران ڌوڪو ڪري اي ٽي ايم ڪارڊ چينج ڪري سندس جا 60 هزار روپيا کان وڌيڪ ڪڍرائڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پوليس ڪارروائي جي خوف کان، 06 ڏوهاري عدالت ۾ پيش …!!!ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو پو...
06/10/2025

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پوليس ڪارروائي جي خوف کان، 06 ڏوهاري عدالت ۾ پيش …!!!
ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو پوليس جي ڪاميابين ۾ وڌيڪ اضافو.
لاڙڪاڻو پوليس پاران ڏوهارين خلاف مسلسل ڪارروائي جي نتيجي ۾ ، بدنام ڏوهارين کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو .
هيٺيان بدنام ڏوهارين قانون اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا.
هي عمل لاڙڪاڻي پوليس جي فعال ۽ مسلسل ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري ٿو.
1. سورج ميرجت.
17 ايف آءِ آرز ۾ ملوث ۽ گهربل.
هندو برادري جي قتل، اغوا دوران ليڊي ڊاڪٽرياڻي کي فائرنگ، لغاري جي قتل، ۽ نئوديرو لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪيترن ئي ڌاڙن لاءِ جاسوسي ۾ ملوث ۽ اي ٽي اي ڪيسن ۾ پڻ گهربل.
2. آصف جيھو.
04 ايف آءِ آرز ۾ ملوث ۽ گهربل، ڄاڻايل ڏوهاري ڊاڪو سورج ميرجت جو ساٿي آهي، اسٽريٽ ڪرائمز، نئوديرو ۽ لاڙڪاڻي شهر ۾ هندن جي قتل ۽ لغاري قتل ۾ ملوث آهي.
3. ڪاشف ابڙو.
05 ايف آءِ آرز ۾ ملوث ۽ گهربل، مٿي ڄاڻايل مجرم ٻين ضلعي بروهي گينگ جو ميمبر آهي، ڪنگا پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ اسٽريٽ ڪرائمز ۽ ناريجو برادري جي واقعن ۾ ملوث آهي.
4. مبين ککراڻي.
مٿي ڄاڻايل مجرم 06 ايف آءِ آرز ۾ ملوث ۽ گهربل آهي، هي مجرم ککراڻي گينگ جو ميمبر آهي، قتل، ڦر ۽ اي ٽي اي ڪيسن ۾ ٿاڻو ڪي ٽي ممتاز ۾ گهربل آهي.
5. احسان ککراڻي
مٿي ڄاڻايل مجرم 08 ايف آءِ آرز ۾ ملوث ۽ گهربل آهي، هي مجرم ککراڻي گينگ جو هڪ اهم ميمبر آهي، قتل، ڦر ۽ اي ٽي اي ڪيسن ۾ ٿاڻو ڪي ٽي ممتاز ۾ گهربل آهي.
6. فائق جلباڻي.
هي مجرم 08 ايف آءِ آرز ۾ ملوث ۽ گهربل آهي.
ڄاڻايل ڏوهاري جلباني ۽ لغاري گينگ جو ميمبر آهي، رتوديرو ۾ ڀتا خوري ۽ نئوديرو ۽ لاڙڪاڻي شهر ۾ هندن جي قتل ۾ ملوث آهي.
انهن ڏوهارين جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايس ايس پي احمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو پوليس يقيني طور تي وڏا مقصد حاصل ڪيا آهن.

لاڙڪاڻو :تاريخ 01-آڪٽوبر-2025ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر صاحب ميونسپل ڪارپوريشن آفيس پهچي آيل شهرين سان ملاقاتون ...
01/10/2025

لاڙڪاڻو :تاريخ 01-آڪٽوبر-2025

ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر صاحب ميونسپل ڪارپوريشن آفيس پهچي آيل شهرين سان ملاقاتون ڪري مسئلا معلوم ڪيا جڏهن ته لاڳاپيل انتظاميه سان رابطو ڪري فوري مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون

Address

Larkana
77150

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when VOC News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share