03/09/2026
لاڙڪاڻو
پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ظالمانه اضافي ۽ ناجائز ليوي ٽيڪس خلاف جماعت اسلامي لاڙڪاڻو طرفان هڙتال ۽ احتجاجي ريلي ۽ جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو حافظ نعيم الرحمان امير جماعت اسلامي پاڪستان جي سڏ تي اڄ پوري ملڪ جيان لاڙڪاڻي ۾ پيٽرول، ڊيزل ۽ ٻين پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ظالمانه اضافي خلاف شتربند ھڙتال ڪئي وئي . جنهن ۾ شهر جا مُک ڪاروباري مرڪز ۽ بازارون بند رهيون. وڏي تعداد ۾ ڪارڪن روڊن رستن تي جهنڊن ۽ ڏنڊن سان ليوي ٽيڪس خلاف نعري بازي ڪندا رهيا. ان سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا ستون نمبر ناڪو، شيخ زيد موڙ، گجڻ پور چوڪ، بندر روڊ ۽ لاهوري محلي کان ٿيندي جناح باغ چوڪ تي پهتي جتي ڌرڻو هڻي چوڪ بند ڪيو ويو. ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ شهر جي مختلف محلن مان نعرا هڻندي ڌرڻي واري هنڌ پهتا. ڌرڻي جي اڳواڻي جماعت اسلامي جي ضلعي امير ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو, لاڙڪاڻي شهر جو امير رميز راجا شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ نوجوانن ۽ شهرين شرڪت ڪئي ۽ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي "پيٽرول سستو ڪريو"، "عوام کي رليف ڏيو" جا نعرا هڻندا رهيا. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪومت جي نااهلي سبب مهانگائي جي طوفان عوام جي ڪمر ٽوڙي ڇڏي آهي. پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان ٽرانسپورٽ، کاڌ خوراڪ ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن جو سڀ کان وڌيڪ بار غريب عوام تي آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ عوام جي حقن لاءِ مسلسل آواز بلند ڪري رھي آھي. ھاڻي بہ پوري ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات ۾ مسلسل اضافي ۽ ليوي ٽيڪس خلاف روڊن تي آهي ۽ هڙتال وسيلي پنهنجن حقن لاءِ آواز، اٿاري رهي آهي. هنن چيو ته اسان چاھيون ٿا تہ پيٽرول جي في ليٽر قيمت تي 125 روپيہ جيڪا ليوي جي نالي تي ٽيڪس وصول ڪئي وڃي ٿي ان کي فوري طور تي ختم ڪندي پيٽرول جي قيمت 225 روپيہ مقرر ڪئي وڃي. ٻئي صورت ۾ جماعت اسلامي عوام سان گڏجي پنھنجي تحريڪ ۾ تيزي آڻيندي. ريلي کي جماعت اسلامي لاڙڪاڻي جي امير رميز راجا شيخ خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ ڪري غريب عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو هجڻ جي باوجود پاڪستاني عوام تي ڳري پيٽروليم ليوي مڙهي وئي آهي. حڪمران آئي ايم ايف جي اشارن تي عوام جو رت چوسڻ ۾ مصروف آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي حڪومتي ظلم خلاف چپ ڪري نه ويهندي ۽ هڙتالن ذريعي به حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪندر. هن چيو ته مهانگائي جي طوفان غريبن، پورهيتن ۽ سفيد پوش طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان روزمره جي هر شيءِ پهچ کان ٻاهر ٿي وئي آهي. اسان جو مطالبو آهي ته پيٽروليم ليوي فوري طور ختم ڪئي وڃي ۽ بجلي جي بلن ۾ شامل ناجائز ٽيڪس هٽايا وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت عوام کي ريليف نه ڏنو ته تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪئي ويندي