
31/07/2025
منهنجو لکيل آرٽيڪل روزاني سوڀ اخبار ڪراچي ۾ شايع ٿيل
نديم احمد مغيري
سنڌ جي مٽي ته هميشه علم محنت وفاداري ۽ قربانيءَ جا جذبا ڏيندڙ جوڌا پيدا ڪيا آهن پر افسوس جو هن مٽيءَ جا حقدار نوجوان اڄ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي بي يارو مددگار بڻجي ويا آهن. ھن وقت سنڌ ۾ ھڪ نئون قھط ھلي رھيو آھي جيڪو پاڻي جي کوٽ اناج جو ڪو ملھ ڪونھي ۽ بي روزگار سان ھر روز ٿيندڙ ناانصافي آسان لفظن ۾ ميرٽ جو قحط آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) جيڪا ڪنهن وقت نوجوانن لاءِ اميد جي آخري ڪڙي ھوندي هئي اڄ ساڳئي ان اميد جو جنازو بڻجي وئي آهي.
نوڪري نه ايئن چئجي ته خريداريءَ جو بازار آھي
اهي نوجوان جيڪي ڏينهن رات پڙهائيءَ ۾ گذارين ٿا جن جي اکين ۾ اميد جا تارا چمڪن ٿا آخر ۾ انهن کي جواب ملندو آهي ته توهان جو نالو لسٽ ۾ نه آهي. ڇو؟ ڇاڪاڻ تہ هنن وٽ سفارش ناهي پئسو ناهي يا ڪائي سياسي پٺ ڀرائي ناهي. جڏهن ته ٻئي پاسي اهي اميدوار جيڪي 33 نمبرن سان لکيل امتحان پاس ڪن ٿا سندن انٽرويو پئسي جي زبان ۾ پاس ٿئي ٿو ۽ ملازمت جي سيٽ سندن پيرن هيٺان وڇائجي وڃي ٿي. ھاڻي تہ SPSC جي تاريخ ۾ اهو معمول بڻجي چڪو آهي ليڪچررشپ، ڊي ايس پي، اي سي ۽ هاڻي اي ايس آءِ جون سيٽون به منڊيءَ ۾ وڪرو ٿي ويون. اسان رڳي نوڪري جي ڪوششن ۾ آھيون پر ساڳئي سنڌ جي شھر ڪراچي جي نوجوانن جي سوچ ڪافي تبديل آھي. اُهي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اچي پڙهڻ وارا هجن پر سندن ترجيحات صاف آهن. پنهنجو ڌنڌو پرائيويٽ نوڪري يا ملڪ کان ٻاهر وڃڻ. ڇاڪاڻتہ اُهي ڄاڻن ٿا ته سرڪاري نوڪري ايتري گهٽ آمدني سان ڪراچي جهڙي شهر ۾ زندگي جو چرکو هلائي نه ٿو سگهجي. پر سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ اسان جي سڄي قوم جو ڌيان صرف ۽ صرف سرڪاري نوڪري تي آهي. چاھي پٽ ميڊيڪل ڪري يا نه پر ماستريءَ ڪلارڪيءَ سپاهيءَ يا صوبيداريءَ لاءِ قرض کڻڻ زيور وڪڻڻ ڌيئرون کپائڻ تائين تيار آھيون.
هتي سوچڻ جي ڳالهه آهي اسان کي نوڪريءَ جي ضرورت آهي يا عزت واري روزگار جي؟ اسان وٽ نوجوان آهن جيڪي جاوا گرافڪس ايڪسل ۽ آن لائين اسڪلز سکڻ جي سگھه رکن ٿا پر اسان کين صرف سرڪاري نوڪري لاءِ تيار ڪريون ٿا. دنيا جي ترقي يافته قومن ۾ نوجوان پنهنجو پاڻ روزگار پيدا ڪن ٿا پر اسان وٽ نوجوان کان اول اهو پڇيو وڃي ٿو: ڪهڙي نوڪري لاءِ تياري ڪرين پيو؟ اسان کي سوچ بدلائڻ جي ضرورت آهي. نوڪري خريد ڪرڻ جي نه قابل بڻجڻ جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن ڪو آفيسر پئسو ڏئي عهدي تي پهچي ٿو ته اھو عوام جي خدمت نه ڪندو پر پنھنجي سيٽ بچائڻ لاءِ حڪمرانن جا پير ڇھندو سياسي غلامي قبول ڪندو ۽ عوام کي ذليل ڪندو. اهڙي پوليس يا انتظاميا جيڪا ميرٽ تي نه پر ڪرپشن تي بيٺل هجي اُها ڪڏهن به عوام جي خدمت نٿي ڪري سگهي.
اميرن جا اڻ پڙهيل ٻار ٽائون آفيسر ميونسپل چيئرمين ايس ايڇ او ليڪچرار اي ايس آءِ ڊي ايس پي ٿي وڃن ٿا. غريب جو پڙهيل لکيل پٽ پول تي جھنڊا هڻي نعرا هڻڻ سان خوش ٿئي ٿو. اھو ناانصافيءَ جو نظام آهي جنھن سان پوري قوم جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. ڪوبه ادارو ڪوبه حڪومت ۽ ڪوبه بااختيار فرد ان جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.
SPSC تي عدالت پابنديون لڳنديون رهيون آهن ڪافي ڀيرا ادارو بند به ٿيو پر وري سياسي آشيرواد سان وري بحال به ٿيو آھي. اميد هئي ته تبديلي ايندي ميرٽ جا رستا هموار ٿيندا پر ائن ڪونه ٿيو حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن. جتي ماڻهو پنهنجون زمينون وڪڻي نوڪري وٺن اُتي اهڙو نظام آخر ڪيترو وقت هلي سگهي ٿو؟ اها لامحدود ڪرپشن جي زنجير آهي جتي هر ڪڙي پئسي جي عيوض ٻين کي ڳڙڪائي رهي آهي.
ڪنهن وٽ جواب ناهي. جيڪڏهن توهان وٽ صرف محنت آهي ته انصاف لاءِ توهان کي ڏسڻ وارو ڪير آهي؟ ميرٽ تي آيل اميدوار جيڪي 70 کان مٿي نمبر کڻي اچن ٿا پر لسٽ کان ٻاهر رهن ٿا سندن داد رسي ڪير ڪندو؟ پڇڻ جي به اجازت نه آهي تنقيد تي مقدمات ٿين ٿا احتجاج تي ڌمڪيون ملن ٿيون.
اڄ اسان جا نوجوان مايوس ٿي ويا آھن انجو سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جي سماج کي ٿيندو. تعليم ايمانداري ۽ محنت جي واٽ تي هلندڙ نسل جيڪڏهن اھڙي نظام تي ڀروسو وڃائي ويهندو ته پوءِ قوم جي تباهي لازمي آهي. اسان کي صرف احتجاج نه پر هڪ تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي. نه صرف SPSC خلاف پر اُن سوچ خلاف جيڪا نوڪريءَ کي خريداريءَ جو مال سمجهي ٿي.
هي نظام صرف پئسي وارن لاءِ آهي غريب محنتي پڙهيل لکيل لاءِ نه. جيڪڏھن اڄ خاموش ويهي رھنداسين ته سڀاڻي اسان جي ايندڙ نسلن جي قبر به انصاف لاء ترسيل ھوندي. اسان کي اٿڻو پوندو آواز اٿارڻو پوندو ۽ ميرٽ جي بحالي لاءِ تحريڪ هلائڻي پوندي.
جيڪڏهن اڄ خاموش رهياسين ته ايندڙ نسل صرف بد دعائون ڏيندو ۽ اانھن لاء ميرٽ کي بحال ڪرڻ آسان نه ھوندو ۽ چوندا رھندا
اوهان ته موجوده وقت ۾ آواز نه اٿاريو پر اسان جو مستقبل ته لٽائي آيا آهيو...