19/01/2025
لاڙڪاڻو دڙي ٽائون يوسي 4 چيئرمين محمد رفيق ڪرماڻي وارڊ 4 ڀينس ڪالوني ۾ ڊرينيج صفائي واري عملي کي روڪي ڇڏيو آھي ان خلاف پرامن احتجاج ڪيو ويندو : جنرل ڪائونسلر نظر محمد مگسي …!!
لاڙڪاڻو دڙي ٽائون يوسي 4 وارڊ 4 جو جنرل ڪائونسلر نظر محمد مگسي يوسي چيئرمين محمد رفيق ڪرماڻي لا۽ پريس رليز ڪندي چيو آھي تہ اليڪشن کان وٺي يوسي چيئرمين وارڊ ۾ صفائي جي عملي کي روڪي ڇڏيو آھي تہ وارڊ 4 ڀينس ڪالوني ۾ ڊرينيج جي صفائي ناھي ڪرڻي ، محلي جي سڄي گھٽين ۾ ناليون اوور فلو لڳيو پيون آھن پر يوسي چيئرمين ڪو تعاون نٿو ڪري وارڊ 4 جي جنرل ڪائونسلر نظر محمد مگسي وڌيڪ چيو تہ يوسي جي 12 لک بجيٽ خبر ناھي يوسي چيئرمين رفيق ڪرماڻي الائي ڪاٿي ٿو خرچ ڪري نہ مون کي ڪو يوسي چيئرمين جي طرفان ڪا ترقياتي ڪم جي اسڪيم ملي آھي نہ ڪي صفائي جو عملو ٿو ڏي جي منھنجي ھن خبر جو نوٽيس نہ ورتو ويو تہ يوسي چيئرمين جي خلاف ڀينس ڪالوني جو عوام ڪڍي روڊ بلاڪ ڪري پر امن احتجاج ڪيو ويندو