25/01/2023
آئي بي اي گريجوئيشن ٽيسٽ 17 جنوري کان 22 جنوري تائين ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ اڪثر تعداد اُنھن دوستن جو ڏٺو ويو جيڪي اڳ ۾ ئي JEST & PST پاس اميدوار آهن جن کي آفر آرڊر ملي چڪا آھن اُنھن سڀني کي مؤدبانا گذارش آھي ته توھان کي اڳ ۾ ئي 14 اسڪيل جي نوڪري ملي وئي آهي مهرباني ڪري ھاڻي 5 کان 15 اسڪيل واري ٽيسٽ ۾ توھان ٽيسٽ نه ڏيو ڇو ته ان سان ٿيندو ايئن ته ٿي سگهي ٿو توھان جون مارڪون وڌيڪ اچي ونجن ائين ڪنهن غريب جو توھان جي ڪري ميرٽ لسٽ ۾نالو پوئتي رهجي وڃي يا ان بهاني آئي بي اي وارن کي سيٽان لڪائڻ جو موقعو ملي ونجي ان ڪري ڪجھ خيال رکو ائين ڪوشش ڪريو ته جن کي جاب ناهين ملي اُنھن کي ٽيسٽ جي باري ۾ ڪجھ تياري ڪرايو،
بيشڪ توھان بي 5 کان 15 اسڪيل جي ٽيسٽ لاءِ پئسا ڀريا هيا مگر هاڻي توھان جو ڪم ته ٿي ويو آهي هاڻي ڀلا توھان 14 اسڪيل جي نوڪري ڇڏي اُن کان گهٽ درجي جي نوڪري ته نه وٺندائو نه؟؟؟
ان ڪري ڪجھ غريبن جو خيال ڪيو.
پاران: بيروزگار نوجوان