04/06/2026
اپيل: سنڌ حڪومت ۽ پي پي پي قيادت ڏانهن فرياد!
اسان جو ڳوٺ 'ترڪ علي بروهي' گذريل ڪيترن ئي سالن کان بنيادي سهولتن، خاص ڪري پڪي رستي کان محروم آهي. برسات جي موسم ۾ اسان جو رستو مڪمل طور تي بند ٿي ويندو آهي ۽ گپ چيڪڙ سبب سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سنڌ ۽ مقامي ايم پي اي صاحب کي گذارش آهي ته اسان جي ڳوٺ جي رستي جو معاملو حل ڪري اسان کي پڪو رستو ٺهرائي ڏنو وڃي. اسان کي اسان جو بنيادي حق ڏيو!