03/10/2025
*لاڙڪاڻو پوليس شهرين کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو.*
ڏوهاري شهرين تي سرعام گوليون هلائڻ لڳا،اطلاع باوجود پوليس جاءِ واردات تي پهچڻ جي زحمت نه ڪئي.
لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ ڦل روڊ تي پنهنجي سولنگي هائوس اڳيان بيٺل محنت ڪش ليبر يونين جي نائب صدر پاڪستان پيپلزپارٽي جي پراڻي ورڪر عبدالقادر سولنگي مٿان 4 نامعلوم هٿياربندن قاتلاڻو حملو ڪندي جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. جنهن دوران عبدالقادر پنهنجي جان بچائيندي پنهنجي گهر ۾ داخل ٿي دروازو بند ڪري ڇڏيو. پر ان باوجود هٿياربند فائرنگ ڪندا رهيا. اهڙي واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس ڏوهارين جي فرار ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي. جڏهن هٿياربند فرار ٿي ويا بعد ۾ پوليس جاءِ واردات تي پهچي روايتي طور پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد واپس موٽي وئي. متاثر شهري عبدالقادر ميڊيا اڳيان داهيندي چيو ته هٿياربندن وڏي ديدا دليري سان حملو ڪيو هڪ ڪلاڪ تائين فائرنگ جاري رکي پر پوليس بروقت اطلاع باوجود به نه پهتي. هن چيو ته دڙي ٿاڻي جو ايس ايڇ او اين سي به نٿو وٺي. هن وزيراعليٰ سنڌ، آئي جي سنڌ ،ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ،ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي حملي آورن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.