Sindh Baluchistan Rice Mills Association News

Sindh Baluchistan Rice Mills Association News SBRMATA

18/09/2026

سارين جو فصل تيار، پر هاري ۽ آبادگار پريشان..!!

پريس رليزسارين جي خريداري بابت اهم وضاحتلاڙڪاڻو: سنڌ بلوچستان رائيس ملرز اينڊ ٽريڊرس ايسوسيئيشن واضح ڪري ٿي ته گذريل ڏين...
16/09/2026

پريس رليز

سارين جي خريداري بابت اهم وضاحت

لاڙڪاڻو: سنڌ بلوچستان رائيس ملرز اينڊ ٽريڊرس ايسوسيئيشن واضح ڪري ٿي ته گذريل ڏينهن سارين جي خريداري بابت جاري ڪيل پريس رليز ۾ ڄاڻايل ڪٽوتين واريون شرطون صرف لوئر سنڌ جي علائقن لاءِ مخصوص آهن، انهن جو اطلاق اتر سنڌ تي نه ٿيندو.

لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ سکر سميت اتر سنڌ جي علائقن ۾ سارين جي خريداري بابت ڪٽوتيون، تازو قمبر ۾ معزز ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ ايم پي اي مير نادر خان مگسي سان ٿيل مشاورت دوران طئي ڪيل فيصلن موجب ڪيون وينديون.

تنهنڪري لوئر سنڌ لاءِ مقرر ڪيل ڪٽوتين کي اتر سنڌ جي رائيس ملرز ۽ آبادگارن لاءِ لاڳو نه سمجهيو وڃي.

ايسوسيئيشن هي وضاحت سمورن آبادگارن، رائيس ملرز ۽ لاڳاپيل ڌرين جي ڄاڻ لاءِ جاري ڪري ٿي.

جاري ڪندڙ:
اسد علي تنيو
مرڪزي جنرل سيڪريٽري
سنڌ بلوچستان رائيس ملرز اينڊ ٽريڊرس ايسوسيئيشن

پريس رليزلاڙڪاڻو:  سنڌ بلوچستان رائيس ملرز اينڊ ٽريڊرز ايسوسيئيشن موجوده سيزن دوران سارين جي خريداري بابت لوئر سنڌ رائيس...
15/09/2026

پريس رليز
لاڙڪاڻو: سنڌ بلوچستان رائيس ملرز اينڊ ٽريڊرز ايسوسيئيشن موجوده سيزن دوران سارين جي خريداري بابت لوئر سنڌ رائيس ملرز ايسوسيئيشن پاران مقرر ڪيل هدايتن ۽ قدمن جي مڪمل تائيد ۽ حمايت جو اعلان ڪري ٿي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته اهي هدايتون رائيس ملرز کي درپيش عملي مسئلن، خاص طور تي گذريل سيزن دوران هزارين مڻ ساريون خراب ٿيڻ سبب ملرز کي ٿيندڙ ڳري نقصان کي نظر ۾ رکندي مرتب ڪيون ويون آهن.
ايسوسيئيشن موجب انهن قدمن جو بنيادي مقصد سارين جي خريداري واري عمل کي منصفاڻي، شفاف ۽ پائيدار بڻائڻ سان گڏ آبادگارن ۽ رائيس ملرز ٻنهي جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائڻ آهي.
ان سلسلي ۾ ايسوسيئيشن هيٺين خريداري وارين هدايتن جي تائيد ڪري ٿي:
1. نمي:
سارين جي خريداري 18 سيڪڙو تائين نمي سان ڪئي ويندي، جڏهن ته مقرر ڪيل حد کان وڌيڪ نمي جي صورت ۾ مروج قاعدن ۽ ضابطن موجب ڪٽوتي ڪئي ويندي.
2. ٻاردانو / ٻوريون:
سارين جي پهچائڻ لاءِ گهربل ٻوريون/ٿيلها فراهم ڪرڻ جي ذميواري وڪرو ڪندڙ ڌر جي هوندي.
3. ٽيڪس، مارڪيٽ چارجز ۽ مزدوري:
مارڪيٽ ڪميٽي فيس، ود هولڊنگ ٽيڪس، مانيٽرنگ چارجز ۽ مزدوري جي خرچن جي مد ۾ في مڻ 25 رپيا ڪٽوتي ڪئي ويندي.
ايسوسيئيشن موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي انهن قدمن کي مناسب ۽ ضروري قرار ڏيندي، سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي اپيل ڪري ٿي ته ساريون جي خريداري واري عمل کي بهتر، شفاف ۽ منصفاڻي طريقي سان اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجو سهڪار يقيني بڻائين.
سنڌ بلوچستان رائيس ملرز اينڊ ٽريڊرز ايسوسيئيشن واضح ڪري ٿي ته مٿي ڄاڻايل هدايتن جي تائيد ايسوسيئيشن جي باضابطه پاليسي ۽ حمايت طور ڪئي وڃي ٿي.

جاري ڪندڙ:
اسد علي تنيو
مرڪزي جنرل سيڪريٽري
سنڌ بلوچستان رائيس ملرز اينڊ ٽريڊرز ايسوسيئيشن

6 ستمبر — یومِ دفاعِ پاکستان؛ شہدائے وطن کو سلام، اُن بہادر سپوتوں کو خراجِ عقیدت جنہوں نے مادرِ وطن کے دفاع کے لیے اپنی...
06/09/2026

6 ستمبر — یومِ دفاعِ پاکستان؛ شہدائے وطن کو سلام، اُن بہادر سپوتوں کو خراجِ عقیدت جنہوں نے مادرِ وطن کے دفاع کے لیے اپنی جانوں کا نذرانہ پیش کیا، اور یہ عہد کہ پاکستان کی سلامتی، خودمختاری اور خوشحالی کے لیے ہم ہمیشہ متحد رہیں گے۔

پاکستان زندہ باد! 🇵🇰 پاک فوج پائندہ باد!
منجانب: سندھ بلوچستان رائس ملرز اینڈ ٹریڈرز ایسوسی ایشن

ڏيھ توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سمورن هندو ڀائرن کي ٿڌڙيءَ جي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.دعا آهي ته هيءُ خوشين جو ڏڻ...
03/09/2026

ڏيھ توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سمورن هندو ڀائرن کي ٿڌڙيءَ جي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.
دعا آهي ته هيءُ خوشين جو ڏڻ اوهان جي زندگين ۾ سڪ، سلامتي، محبت ۽ خوشحالي آڻي، ۽ اوهان هميشه پنهنجن پيارن سان گڏ خوشيون ملهائيندا رهو.

منجانب: سنڌ بلوچستان رائيس ملرس اينڊ ٽريڊرس ايسوسيئيشن

شھدادڪوٽ: سيلر جي واپاري سيٺ ديدار مگسي جو پٽ فهد حسين مگسي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخميشھدادڪوٽ: سيلر جي واپاري س...
29/08/2026

شھدادڪوٽ: سيلر جي واپاري سيٺ ديدار مگسي جو پٽ فهد حسين مگسي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي

شھدادڪوٽ: سيلر جي واپاري سيٺ ديدار مگسي جو پٽ فهد حسين مگسي مصري شاهه قبرستان جي ويجهو نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۽ ڦرلٽ جو نشانو بڻجي ويو.

ذريعن موجب نامعلوم هٿياربندن فهد حسين مگسي کي روڪي مبينا طور ڦرلٽ ڪرڻ بعد فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس ٻه گوليون لڳيون، جڏهن ته جوابدار واردات کان پوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

واقعي جي اطلاع ملڻ تي علائقي ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي. فهد حسين مگسي کي زخمي حالت ۾ طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

شھدادڪوٽ جي واپاري برادري ۽ شهرين پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

28/08/2026

نصيرآباد باء پاس انڊس هاءِ وي قاضي پئٽرول پمپ وٽ سنڌ بلوچستان رائيس ملرز ايسوسيئيشن جو احتجاج، مرڪزي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ ميڊيا سان ڳالهائيندي

فوڊ ڊپارٽمينٽ جي راشي عملدار بشير مينگل جي ناجائزن خلاف لڳايل ڌرڻي ۾ مرڪزي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ صاحب ۽ قمبر شهدادڪوٽ...
27/08/2026

فوڊ ڊپارٽمينٽ جي راشي عملدار بشير مينگل جي ناجائزن خلاف لڳايل ڌرڻي ۾ مرڪزي صدر حاجي قمرالدين گوپانگ صاحب ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي ساٿين سميت ڌرڻي ۾ پهتل آهي ساڻس گڏ انتظاميا جا نمائندا پڻ ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ پهتل آهن.

27/08/2026

پرامن ڌرڻي مان ايمبولينس ۾ موجود مريض کي گذر ڏنو پيو وڃي.

رائيس ملر مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسد علي تنيو لاڙڪاڻو ڊويزنل صدر راجا غلام حيدر عمراڻي کي ڌرڻي ۾ ڀليڪار ڪندي.
27/08/2026

رائيس ملر مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسد علي تنيو لاڙڪاڻو ڊويزنل صدر راجا غلام حيدر عمراڻي کي ڌرڻي ۾ ڀليڪار ڪندي.

Address

Sindh Small Industries
Larkana
77150

Telephone

+923003400450

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Baluchistan Rice Mills Association News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share