09/10/2025
سنڌ بلوچستان رائيس ملرز اينڊ ٽريڊرز ايسوسيئيشن جي مرڪزي هيڊ آفيس ۾ ڪاروباري ڌرين جو فيصلو، خوشگوار ماحول ۾ صلح
لاڙڪاڻو: سنڌ بلوچستان رائيس ملرز اينڊ ٽريڊرز ايسوسيئيشن جي مرڪزي هيڊ آفيس لاڙڪاڻو ۾ ڪاروباري ۽ ذاتي معاملن بابت هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن جي صدارت مرڪزي جنرل سيڪريٽري جناب اسد علي تنيو صاحب ڪئي۔
هن گڏجاڻي ۾ ٻن ڌرين، يعني ڌر پهرين خان محمد ڀٽو ۽ ڌر ٻي غلام محمد ڀٽو وچ هلندڙ ڪاروباري اختلافن بابت تفصيلي بحث مباحثو ڪيو ويو۔ گڏجاڻي دوران ٻنهي ڌرين پنهنجا موقف پيش ڪيا، جن کي ڌيان سان ٻڌي صلح ۽ ٻنهي ڌرين جي رضامندي سان فيصلو ڪيو ويو۔
فيصلي جا امين طور سيٺ صابر حسين عباسي (تعلقو لاڙڪاڻو صدر)، سيٺ رسول بخش شيخ (صدر اناج منڊي لاڙڪاڻو) ۽ ڊاڪٽر اسد الله ڀٽو (صدر بنگلديرو) پڻ موجود هئا، جن پنهنجي تجربي ۽ رهنمائي سان گڏجاڻي کي ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرايو۔
گڏجاڻي خوشگوار ماحول ۾ مڪمل ٿي، ٻنهي ڌرين پاڻ ۾ ڀاڪر پائي صلح جو اظهار ڪيو ۽ مستقبل ۾ هر قسم جي ڪاروباري يا ذاتي اختلاف کي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو۔
مرڪزي جنرل سيڪريٽري جناب اسد علي تنيو ان موقعي تي چيو ته اسان جو مقصد ڪاروباري طبقن ۾ ڀائيچارو، تعاون ۽ امن جي فضا کي برقرار رکڻ آهي، جيئن واپار ۽ صنعت جو سفر ترقيءَ جي طرف وڌي سگهي.