Larkana Apna City

Larkana Apna City Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Larkana Apna City, Media/News Company, Khokhar Plaza Pakistani Chowk Larkana, Larkana.

ڇا لاڙڪاڻي ۾ برسات پهريون ڀيرو وسي آ جو ميئر لاڙڪاڻو چشمو پائي 25 ڄڻا ساڻ ڪري روڊن جي وزٽ ڪري رهيو آ جڏهن خبر به اٿس ته ...
16/08/2024

ڇا لاڙڪاڻي ۾ برسات پهريون ڀيرو وسي آ جو ميئر لاڙڪاڻو چشمو پائي 25 ڄڻا ساڻ ڪري روڊن جي وزٽ ڪري رهيو آ جڏهن خبر به اٿس ته فلاڻي روڊ تي پاڻي بيهندو آهي ته ان جو مستقل حل ڇو نٿو ڪڍي ؟ رات ڏھ ملي ميٽر برسات پئي جنهن کانپوءِ به لاڙڪاڻي جي مختلف روڊن تي پاڻي جا تلاءُ ٺهي ويا آهن پاڻي ڪڍرائي بدران رهندو وزٽ جي نالي تي سرڪاري تيل ساڙي رهيا آهن

نوٽ هي تصوير ڀينس ڪالوني جي آهي جيڪا ميئر کي نظر نٿي اچي

15/08/2024

لاڙڪاڻي ۾ بدامني برقرار...!!!
حيدري ٿاڻي جي حد جيلس بازار ۾ ڀاڻ جي دڪاندار ارسلان شيخ کان ھٿياربند ڦورو هٿيارن جي زور تي 8 لک کان وڌيڪ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا اطلاع بعد ڊي ايس پي پارس بکراڻي پهچي شهر ۾ ناڪابندي ڪندي جاچ شروع ڪري ڇڏي

21/06/2024

لاڙڪاڻو ڪلاڪ جي برسات ميئر ء محسن لاڙڪاڻو جي پت وائکي ڪري ڇڏي هي منظر ميونسپل اسڪول جي ڀرسان جا آهن بلاول ڀٽو زرداري جو لاڙڪاڻو

19/03/2024

افسوسناڪ خبر...!!!
نئون ديرو ڀرسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ گھرو اڻبڻت تان ارشد ڀٽو لائيوو فيسبوڪ تي ويڊيو ھلائيندي پاڻ کي گولي ھڻي خودڪشي ڪري ڇڏي...

05/03/2024

لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي موٽرسائيڪل سوار نامعلوم ھٿياربندن باڊهه واسي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن باڊهه واسي نوجوان زوهيب پٽ عبدالطيف پنهور کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪري تفصيل وٺي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ قتل ٿي ويل نوجوان جي ڀاءُ بشير احمد پنهور سان رابطو ڪيو آهي وڌيڪ معاملي جي جاچ شروع ڪئي پئي وڃي .

04/03/2024

لاڙڪاڻي ۾ هڪ ئي هنڌ ڦر جون 3 وارداتون، پوليس خلاف ڌرڻو

لاڙڪاڻو :وليد ٿاڻي جي حد ۾ ٽن ڦورن طرفان سرعام ڦر جون وارداتون

لاڙڪاڻو :غريب آباد پاڙي ۾ کير جي دڪاندار گلزار جاگيراڻي کان 50 هزار ڦر ڪيا ويا

لاڙڪاڻو؛ گراهڪ کان 60 هزار ۽ موبائيل فون ڦر ڪئي وئي

لاڙڪاڻو :عبدلرشيد گولو کان سي ڊي موٽر سائيڪل ڦر ڪري هٿياربند فرار

لاڙڪاڻو؛ متاثرن ۽ واسين جو بدامني خلاف لب مهراڻ پل تي ڌرڻو

04/03/2024

لاڙڪاڻو هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو!!! پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام
شھر جي چانڊڪا پل ڀرسان قائم نجي ميڊيڪل سينٽر تي ڦورن جي ڪاھ جا سي سي ٽي وي فوٽج ـ فوٽجز ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڏوھاري بي خوف ٿي ڪري ديدھ دليري سان لکين روپيا روڪ ۽ لوبائڪ فون ڦر ڪري رھيا آهن ـ پوليس ڏوھاريـن کي پڪڙڻ ۾ ناڪام ـ

04/03/2024

پروگرام تو وڙ گيا...

04/03/2024

رتوديرو ۾ مئل ڇيلي جو گوشت وڪرو ٿيڻ لڳو، انتظاميا غائب شهري وڊيو رڪارڊ ڪري ورتي، چنگچي ڊرائيور فرار ٿي ويو، اسسٽنٽ ڪمشنر رتوديرو نوٽيس وٺي،

04/03/2024

ڪراچي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پریس ڪانفرنس

26/01/2024

لاڙڪاڻو شهر جي ماهوار ساڍا 12 ڪروڙ رپيا بجيٽ، کليل گٽر ۾ مينهن ڪري پئي، ريسڪيو جي مدد سان ڪرين ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويو!!!

01/01/2024

افسوسناڪ خبر...!!
لاڙڪاڻي جي وليد محلي ۾ وردي پھريل اھلڪار مدثر مھيسر گوليون ھڻي موٽرسائيڪلن جي مستري عديل عباسي کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو...

Address

Khokhar Plaza Pakistani Chowk Larkana
Larkana

Telephone

+923337547108

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Larkana Apna City posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share