Sindh

Sindh ھق سچ جو آوآز

لاشاري/ڪافي ماڻهن جي شڪايتن بعد نيٺ ڳالھ ظاهر ٿي پئيلاشاري شهر ۾ بہ ڪيميڪل مليل چانھ وڪرو ٿيڻ لڳيهوٽل مالڪ پاران ڪوبہ مو...
14/10/2024

لاشاري/
ڪافي ماڻهن جي شڪايتن بعد نيٺ ڳالھ ظاهر ٿي پئي
لاشاري شهر ۾ بہ ڪيميڪل مليل چانھ وڪرو ٿيڻ لڳي
هوٽل مالڪ پاران ڪوبہ موقف ڏيڻ کان انڪار
شهرين پاران فوڊ سيفٽي کاتي کي تڪڙو ايڪشن کڻڻ جي درخواست

27/10/2023

1st whatssap Islamic history channel please All Muslims brothers join & Share link Thank You

اسرائيل پاران غزه جي شهرين کي 24 ڪلاڪن ۾ ڏاکڻي حصي ڏانهن لڏي وڃڻ جو حڪماسرائيلي فوج غزه جي سمورن شهرين کي 24 ڪلاڪن اندر ...
14/10/2023

اسرائيل پاران غزه جي شهرين کي 24 ڪلاڪن ۾ ڏاکڻي حصي ڏانهن لڏي وڃڻ جو حڪم

اسرائيلي فوج غزه جي سمورن شهرين کي 24 ڪلاڪن اندر ڏاکڻي حصي ڏانهن لڏي وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.

خبرن جي اداري ’رائٽرز‘ موجب اسرائيل سندس امڪاني زميني ڪاروائي کان اڳ غزه جي سرحد ويجهو ٽينڪون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون آهن.

اسرائيلي فوج چيو آهي ته هو ايندڙ ڏينهن ۾ غزه جي شهر ۾ وڏي ڪاروائي ڪندي، ۽ وڌيڪ اعلان کانپوءِ ئي شھري واپس اچي سگهندا.

اسرائيل پاران 23 لک آبادي واري علائقي غزه تي بمباري جاري آھي، جتي ان جوابي ڪاروائيءَ دوران هينئر تائين 1400 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن.

حماس پاران 7 آڪٽوبر تي سامونڊي، زميني ۽ هوائي رستن تان ڪيل حملن ۾ اسرائيل اندر مارجي ويلن جو انگ 1300 کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته اسرائيل جا ڪيترائي فوجي توڙي عام شهري غزه ۾ حماس جي قبضي ھيٺ آهن.

اسرائيل جي بچاء واري وزير، يواف گيلنٽ خميس تي هڪ بيان ۾ چيو ھو ته ’هاڻ ھي جنگ جو وقت آهي.‘

جمعي جي ڏينھن اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو ته غزه جا ماڻهو پنهنجي ۽ پنھنجي خاندان جي حفاظت لاءِ اتريان علائقا خالي ڪري ڇڏين، ۽ پاڻ کي حماس جي دهشتگرديءَ کان ڌار ڪري ڇڏين.

اسرائيلي فوج چيو ته حماس جا هٿياربند زمين اندر ٺھيل سرنگهن ۽ ڳُتيل آبادي وارن علائقن اندر معصوم شهرين سان گڏ عمارتن ۾ موجود آهن.

حماس جي هڪ عهديدار غزه جا علائقا خالي ڪرڻ جي چتاءُ کي ڪوڙي پروپيگنڊا قرار ڏيندي شهرين تي زور ڀريو ته هو ڪنھن به دوکي ۾ نه اچن.

گڏيل قومن جي اداري چيو آهي ته اُتر غزه جي سموري آبادي جو ھاڃيڪاري کان سواءِ ڏکڻ ڏانھن منتقل ٿيڻ ’ناممڪن‘ آهي.

سھائتا جي عالمي تنظيم ’ريڊ ڪراس‘ جو چوڻ آهي ته ٻارڻ جي کوٽ سبب غزه جي اسپتالن ۾ھلندڙ جنريٽرايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ بند ٿي ويندا، جڏهن ته گڏيل قومن جي خوراڪ واري اداري چتاءُ ڏنو آهي ته غزه ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ انتهائي ڳڻتي واري حد تائين پھچي وئي آهي.

فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري چيو آهي ته هُن پنهنجي اٽالي کي غزه جي ڏاکڻي حصي ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ’ايڪس‘ تي جاري ھڪ بيان ۾ اداري چيو ته اسان اسرائيلي اختياري وارن تي زور ڀريون ٿا ته ھو پناهگيرن جي ڪئمپن جي حفاظت يقيني بڻائين ۽ انهن کي نشانو نه بڻايو وڃي.

(هن خبر لاءِ مواد ’رائٽرز‘ تان ورتو ويو آھي)

14/10/2023

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڊويزن جي پنج ئي ضلعن مان ڪلارڪ بدلي ڪري ڇڏيا

بينظير، دبئيءَ ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذارڻ کان پوءِ 18 آڪٽوبر 2007ع تي وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو. سندس استقبال لاءِ ڪراچي...
14/10/2023

بينظير، دبئيءَ ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذارڻ کان پوءِ 18 آڪٽوبر 2007ع تي وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو. سندس استقبال لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. سندس قافلو جڏهن ڪارساز وٽ پهتو ته ٻه زوردار بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 179 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. بينظير کي مارڻ جي ان سازش ۾ سندس دشمن ڪامياب نه ٿيا. هن جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه آئي. ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪندي هن سمورن خطرن جي باوجود ملڪ جي مختلف علائقن جا دورا ۽ جلسا ڪيا. هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ بعد جڏهن جنرل مشرف ملڪ جي عدليه کي هٽايو ته هن نظربند چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي گهر جي ٻاهران وڃي جلسو ڪيو ۽ چيو ته سندس چيف جسٽس اهو ئي آهي.
27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ هڪ عاليشان جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جلسي تان واپسيءَ مهل عوام جي زبردست محبتن ۽ نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هن جيئن ئي پنهنجي گاڏيءَ مان منهن ڪڍيو ته هڪ ڀيرو وري مٿس گوليون وسايون ويون ۽ -بم- ڦاڙيا ويا، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿي وئي. اهو نه صرف سنڌ جو، پر پاڪستان جو انتهائي وڏو نقصان آهي، جنهن جو پورائو شايد ڪڏهن به نه ٿي سگهي. سموري دنيا ۽ پاڪستان سندس ڏک محسوس ڪيو، پر سنڌ جي ماڻهن ان کي بنهه ذاتي ڏک سمجهي، لڙڪ لاڙيا ۽ سخت احتجاج ڪيو. سندس شهادت، سنڌ ۾ نئون ادب، شاعري ۽ نئون ولولو پيدا ڪيو. هو کيس ”مارئي ملير جي“، ”سنڌ راڻي“ ۽ ”شهيد راڻي“ جهڙن نالن سان ياد ڪن ٿا.
پاران # پیپلز لیبر بیورو ضلع جیکب آباد

لاڙڪاڻو :رتوديرو جي ڳوٺ احمد خان لاشاري واسي نوجوان امتياز لاشاري کي سچل ٿاڻي جي حد ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن ڦورون موبائيل فو...
03/10/2023

لاڙڪاڻو :رتوديرو جي ڳوٺ احمد خان لاشاري واسي نوجوان امتياز لاشاري کي سچل ٿاڻي جي حد ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن ڦورون موبائيل فون ڪرڻ دوران مزاحمت تي گولي هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.
لاڙڪاڻو :اهڙي واقعي جو اطلاع حد جي سچل ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي نوجوان کي چانڊڪا اسپتال جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي.
لاڙڪاڻو :ان موقعي تي زخمي نوجوان جي وارث ٻڌايو اسان جو نوجوان امتياز لاشاري چئين ٻارن جو پيءُ آهي جيڪو ڪراچي ۾ پورهيو ڪندو آهي جيڪو اڄ ڳوٺ کان لاڙڪاڻي پهتو ۽ ڪوچ ذريعي ڪراچي لاءِ وڃي رهيو هو ته پي ٽي ايس لڳ ڪوچ آفيس ٻاهران فون تي ڳالهائي رهيو هو ته هٿياربندن ڦورون هن کان موبائيل فون ۽ پيسا ڦري ڪري گولي هڻي فرار ٿي ويا جنهن کي کڻائي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران علاج جاري آهي.

Address

Larkana

Opening Hours

09:00 - 17:00

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share