21/04/2026
منشيات جا اشتھار، “ZYN” مھم ۽ نوجوانن جو تباھ ٿيندڙ مستقبل.
قانوني پابندين باوجود نشي آور شين جا اشتھار اڄ بہ کلي عام جاري آهن، خاص طور تي “ZYN” جهڙين شين جي پروموشن انتھائي ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ڪري رهي آهي. اهڙين مھمن ۾ نشي کي جديد، محفوظ يا “اسمارٽ چونڊ” طور پيش ڪيو وڃي ٿو، جيڪو حقيقت کان بلڪل ابتڙ آهي ۽ نوجوان نسل کي گمراھ ڪرڻ جي برابر آهي.
اسان جي معاشري ۾ اڳ ئي سري عام ملندڙ شراب ۽ “آئيس” (Crystal M**h) نوجوانن کي وڏي پيماني تي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي چڪا آهن. نتيجي ۾، نوجوانن جي هڪ وڏي اڪثريت نشي جي عادت ۾ ڦاسي چڪي آهي ۽
چوري، ڦرلٽ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث ٿي رهي آهي
پنهنجي تعليم ۽ ڪيريئر کي برباد ڪري رهي آهي.
اھڙا نوجوان گهرن ۾ تڪرار ۽ سماجي بيچيني پيدا ڪري رهيا آهن.
“ZYN”
جهڙيون اشتهاري مھمون هن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهيون آهن، ڇوتہ اهي نوجوانن ۾ اهو تاثر پيدا ڪن ٿيون تہ نشو ڪا نقصانڪار شيءِ نہ پر هڪ “فيشن” آهي. اهڙي ذهنيت انتهائي خطرناڪ آهي.
اهڙي سنگين صورتحال ۾ منشيات روڪ ادارن جو ڪردار وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ ڪيتريون ئي مھمون نظرانداز ڪيون وڃن ٿيون. ادارن کي گهرجي تہ:
غير قانوني اشتھارن، خاص ڪري “ZYN” جھڙين مھمن خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ڪن
شراب ۽ آئيس جي کلي عام وڪري کي روڪڻ لاءِ مؤثر قدم کڻن
نوجوانن لاءِ آگاهي مهم هلائين ته جيئن هو حقيقت سمجهي سگهن
سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ لڪل پروموشن کي به روڪين
نشي ۾ مبتلا نوجوانن لاءِ بحالي ۽ نفسياتي مدد مھيا ڪن.
جيڪڏهن هن وڌندڙ رجحان کي هاڻي ئي نہ روڪيو ويو تہ اسان جو نوجوان نسل وڌيڪ تباهي طرف وڌندو. ضروري آهي تہ حڪومت، ادارا، والدين ۽ سماج گڏجي هن خطرناڪ رُخ کي روڪڻ لاءِ سنجيده قدم کڻن. نشي کي “فيشن” بڻائڻ وارن خلاف آواز اٿارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇوتہ هڪ صحتمند نوجوان نسل ئي مضبوط معاشري جي ضمانت آهي۔