Dr. Mazhar Mughal - SUP

Dr. Mazhar Mughal - SUP | | | | | | | Welcome To The " Dr: Mazhar Mughal Official Page " On Facebook

14/07/2025
10/07/2025
10/07/2025

Syed Zain Shah ❤

❤
10/07/2025

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سي اي بي اجلاس جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو ۾ جاريسنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ جي صدارت هي...
09/07/2025

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سي اي بي اجلاس جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو ۾ جاري

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ جي صدارت هيٺ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو باڊي جو اجلاس جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو ۾ جاري،


دوستن جي اسرار تي ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر طور اليڪشن وڙهي رهيو آهي سنڌ دوست سڄڻ وڪيل سندس ڀرجهلا ...
02/07/2025

دوستن جي اسرار تي ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر طور اليڪشن وڙهي رهيو آهي سنڌ دوست سڄڻ وڪيل سندس ڀرجهلا ٿين اھڙن باڪردار ماڻھن جو اعليٰ ادارن ۾ عھدن تي پھچڻ سنڌ ۽ سنڌيت جي سوڀ آھي۔

01/07/2025

پٽرول ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ عوام تي ظلم ۽ معاشي دهشتگردي آهي. زين شاھ

پريس رليز

ڪراچي (01 جولاءِ 2025) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ درياءَ سنڌ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ کي ظلم ۽ معاشي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو آهي ته هي قدم نااهل ۽ بي حس حڪمران طبقن جي عوام دشمن پاليسين جو نتيجو آهن. هن چيو ته اهڙي واڌ نه رڳو مهانگائي جي طوفان کي وڌيڪ تيز ڪندي، پر غريب ۽ وچولي طبقي جي زندگي کي وڌيڪ عذاب بڻائي ڇڏيندي.

سيد زين شاھ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ظالم حڪمران آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪروڙين غريب پاڪستانين کي بک ۽ ڦاڪا ڪشي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. هڪ پاسي عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ ترسي رهي آهي، ٻار بک تي سمهڻ تي مجبور آهن، مريض دوا نه ملڻ ڪري مرن ٿا، جڏهن ته ٻي پاسي حڪمران طبقو قومي خزاني کي پنهنجن ذاتي عياشين، ٻاهرين ملڪن جي دوري، بلٽ پروف گاڏين، پروٽوڪول ۽ غير ضروري مرعاتن تي بي دريغي سان خرچ ڪري رهيو آهي، جيڪو انتهائي قابلِ مذمت آهي.

هن چيو ته هي حڪومت عوامي مينڊيٽ سان نه پر فارم 47 جي پيداوار آهي، تنهن ڪري ان کي عوام جي تڪليفن جو ڪوبه احساس ناهي. پيٽرول، بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته حڪمران اشرافيه عوام جي رت ۽ پگهر سان ڪمائي ويل پيسا نچوڙي پنهنجون مرعاتون پوريون ڪري رهي آهي. ملڪ جي اڪثريت اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري، بدامني ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب ڏکيو وقت گذاري رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اگهن جي واڌ انهن لاءِ عذاب کان گهٽ ناهي.

هن چيو ته حڪومت جو هي دعويٰ ته موجوده بجيٽ عوام دوست آهي، اهو کليل ٺڳي ۽ اڇو ڪوڙو آهي. حقيقت اها آهي ته هي بجيٽ هڪ عوام دشمن منصوبي وانگر آهي، جنهن ذريعي غريبن کان سڀ ڪجھ کسيو پيو وڃي ته جيئن حڪمرانن کي نوازيو وڃي. عوام جو صبر هاڻي ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. سيد زين شاھ مطالبو ڪيو ته حڪومت فوري طور تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيل واڌ واپس وٺي.

30/06/2025

پرامن سرڪاري ملازمن جي مظاهري تي شيلنگ جي شديد مذمت ڪيون ٿا !!!

لاڙڪاڻو:-ڦر دوران بيگناه قتل ٿيل شھيد مزمل حسين ڪلھوڙو جي قاتلن جي گرفتاري لاء وارثن طرفان جناح باغ وٽ احتجاج ڪيو ويو۔ ا...
29/06/2025

لاڙڪاڻو:-
ڦر دوران بيگناه قتل ٿيل شھيد مزمل حسين ڪلھوڙو جي قاتلن جي گرفتاري لاء وارثن طرفان جناح باغ وٽ احتجاج ڪيو ويو۔ احتجاج کان پوء ايس ايس پي لاڙڪاڻو طرفان قاتلن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي يقين ڌھاني ڪرائي وئي۔ احتجاج ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي لاڙڪاڻو ڊويزنل سيڪريٽري ڊاڪٽر مظھر مغل شرڪت ڪئي۔

Address

Larkana

Telephone

+923334405147

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dr. Mazhar Mughal - SUP posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share