28/07/2026
لاڙڪاڻو
پاڪستان طبي ڪانفرنس سنڌ (لاڙڪاڻي )جي گڏجاڻي ،صوبائي صدر حڪيم سراج الدين چانڊيو جي حڪم تي ، صوبائي انفارميشن سيڪريٽري حڪيم ارشد علي ميراڻي جي صدارت ۾ (ذڪيہ انسٽيٽوٽ آف ميڊيڪل سائنس لاڙڪاڻو) جي ھال ۾ ٿي گذري جنھن ۾،حڪيم مظاھر علي جاگيراڻي، لاڙڪاڻي جي معروف حڪيم معشوق علي سومرو حڪيم مجاھد گوپانگ،حڪيم بابر علي اوٺو ،حڪيم فراز معشوق سومرو ،حڪيم عابد ڀٽو ء حڪيم فرحان سميت لاڙڪاڻي سان لاڳاپيل حڪيمن شرڪت ڪئي ،گڏجاڻي ۾ پاڪستان طبي ڪانفرنس جي صوبائي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪيو ويو ۽ حڪيمن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ گڏيل جدوجھد جاري ء تيز ڪرڻ سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي ضلعي جي عهديدارن کي پائبند ڪيو ويو ته ھڪ ٻئي سان رابطي لاء جوڳا اپاء ورتا وڃن ء حڪيمن جا جائز مسئلا جيڪي ڪاؤنسل سان لاڳاپيل هجن يا هيلٿ ڪيئر ڪميشن سان انهن جي ترت نشاندهي ڪري پاڪستان طبي ڪانفرنس سنڌ مرڪز ڏانهن اماڻيا وڃن ته جينئن انه جي حل لاء ترت اپاء ورتا وڃن.