Sindh Capital News

Sindh Capital News مظلوم ماڻهن جو آواز

خانگي اسپتالن ۾ مريضن جي اموات جا سبب ڄاڻڻ لاءِ پنجاب حڪومت وڏو فيصلو ڪري ورتو، وڏن خانگي اسپتالن لاءِ مريضن جي اموات جا...
28/07/2025

خانگي اسپتالن ۾ مريضن جي اموات جا سبب ڄاڻڻ لاءِ پنجاب حڪومت وڏو فيصلو ڪري ورتو، وڏن خانگي اسپتالن لاءِ مريضن جي اموات جا سبب ٻڌائڻ لازمي قرار ڏنو ويو.

پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران 50 کان وڌيڪ بسترن وارن خانگي اسپتالن لاءِ مريضن جي اموات جا سبب ٻڌائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

ڪراچيءَ سمنڊ ڪناري ويجھو عورت ۽ مرد جو گوليون لڳل لاش ھٿ..!
28/07/2025

ڪراچيءَ سمنڊ ڪناري ويجھو عورت ۽ مرد جو گوليون لڳل لاش ھٿ..!

مٽياري رپورٽرمٽياري ڀرسان ڳوٺ گل محمد جکرا ۾ گهر جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار جو نبيرو،پلاٽ جي مالڪي تان جکرا برادريءَ جي ٻن...
28/07/2025

مٽياري رپورٽر
مٽياري ڀرسان ڳوٺ گل محمد جکرا ۾ گهر جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار جو نبيرو،

پلاٽ جي مالڪي تان جکرا برادريءَ جي ٻن ڌرين مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ هلندڙ تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ نينگري آمنه جکرو قتل ٿي هئي،

جنهن جو جرڳو وڏيرو خان ابڙو،غلام شبير ابڙو جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو، فيصلي دوارن وڏيرو جواد ميمن . وڏيرو نواز ابڙو .پير صديق اڪبر سرھندي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا .

جنهن ۾ قرآن ڏيڻ تان قتل جي الزام هيٺ آيلن کي بخش ڪيو ويو

جڏهن ته جڳهه جنهن تان تڪرار هو اها خدابخش جکرو حوالي ڪئي وئي، فيصلي موجب خدابخش جڳهه ڪڏهن به وڪرو نه ڪندو

دوڪان قادربخش جکرو حوالي ڪيو ويو، ڇو جو اهو ان ئي تعمير ڪرايو هو،

باقي فيصلي موجب هاڻ ڪير به اڳڀرائي ڪندو ته ان مٿان پنج لک ڏنڊ وڌو ويندو،

جنهن بعد ٻنهي ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڀاڪر پاراڀا ويا.

سکر: قرضن جي ڪري پريشان هندو واپاري آڪاش ڪمار درياءِ سنڌ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. آنجهاني آڪاش ٽي ٻارن جو پيءُ هو. واقع...
27/07/2025

سکر: قرضن جي ڪري پريشان هندو واپاري آڪاش ڪمار درياءِ سنڌ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. آنجهاني آڪاش ٽي ٻارن جو پيءُ هو. واقعي بعد ريسڪيو ٽيم لاش جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

اطلاعن موجب، آڪاش ڪمار ڪاروباري نقصان ۽ قرضن سبب سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار هو، جنهن ڪري هن اهڙو انتهاڪاري قدم کنيو.

جھڏو ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنه جي هدايتن تي جھڏو ۽ نوڪوٽ پوليس منشيات فروشن خلاف ڪارروايون تيز ڪندي مختلف هنڌن تي ڇا...
27/07/2025

جھڏو ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنه جي هدايتن تي جھڏو ۽ نوڪوٽ پوليس منشيات فروشن خلاف ڪارروايون تيز ڪندي مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا، جن دوران 2010 ليٽر ديشي شراب، 1 ڪلو 20 گرام چرس ۽ 1100 ساشا گٽڪو هٿ آيا، جڏهن ته 5 جوابدار گرفتار ۽ هڪ فرار ٿي ويو۔جھڏو پوليس ديھ 318 ۾ ڇاپو هڻي ديشي شراب تيار ڪندڙ ٻن جوابدارن کي رنگي هٿن پڪڙي ورتو، .

حڪومت زائرين جي زميني رستي ذريعي عراق ۽ ايران وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي, اربعين لاءِ زائرين ھن سال بلوچستان جي رستي ايران ...
27/07/2025

حڪومت زائرين جي زميني رستي ذريعي عراق ۽ ايران وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي, اربعين لاءِ زائرين ھن سال بلوچستان جي رستي ايران يا عراق نٿا وڃي سگهن: وفاقي گهرو وزير

25/07/2025

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاه مٽياري ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي

پوليس ڪانسٽيبل سميت 3 ڄڻا وڏي تعداد منشيات سميت گرفتار ڪيس داخل، مٽياري ڀرسان سي آئي پوليس جي ڪارروائي ڪندي پوليس اهلڪار...
25/07/2025

پوليس ڪانسٽيبل سميت 3 ڄڻا وڏي تعداد منشيات سميت گرفتار ڪيس داخل،

مٽياري ڀرسان سي آئي پوليس جي ڪارروائي ڪندي پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻن کي گرفتار انهن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ منشيات ۽ هڪ گاڏي هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي،

گرفتار ٿيلن ۾ پوليس اهلڪار معشوق علي کٽيان، جمن زرداري ۽ زمان خاصخيلي شامل آهن، پوليس

جن مٿان شاهپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس

مٽياري رپورٽرمٽياري ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪراچي ويندڙ قومي شاهراهه بند ٿي وئي آهي، پوليس موجب ...
25/07/2025

مٽياري رپورٽر
مٽياري ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪراچي ويندڙ قومي شاهراهه بند ٿي وئي آهي، پوليس موجب ٽرالر پنجاب کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته ڪلٽي ٿي پيو آهي، جنهن جي نتيجي ڊرائيور به زخمي ٿي پيو آهي ۽ ڪراچي ويندڙ روڊ بند به بند ٿي ويو آهي

پڊعيدن صحافين مٿان  جعلي ۽ جڙتو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف يونائيٽڊ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ،نعريبازي ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو مطا...
24/07/2025

پڊعيدن صحافين مٿان جعلي ۽ جڙتو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف يونائيٽڊ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ،نعريبازي ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو.

9 مئي مقدمه؛ شاه محمود قريشي بري، ياسمين راشد، اعجاز چوڌري سميت تحريڪ انصاف جا وڌيڪ اڳواڻ کي 10 . 10 سال قيد جي سزا
23/07/2025

9 مئي مقدمه؛ شاه محمود قريشي بري، ياسمين راشد، اعجاز چوڌري سميت تحريڪ انصاف جا وڌيڪ اڳواڻ کي 10 . 10 سال قيد جي سزا

مٽياري ۾ غير قانوني ٽول پلازه تان روزانو لکي روپين جي اوڳاڙي، ضلعي انتظاميه خاموش – روڊن جي حالت خراب، حادثا معمول بڻجي ...
22/07/2025

مٽياري ۾ غير قانوني ٽول پلازه تان روزانو لکي روپين جي اوڳاڙي، ضلعي انتظاميه خاموش – روڊن جي حالت خراب، حادثا معمول بڻجي ويا،

Address

Matiari

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Capital News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share