
01/11/2024
گذريل 30 سالن ۾ سڀ کان طاقتور طوفان ڪانگ ري تائيوان جي ساحل سان ٽڪرائجي ويو.
خميس جي رات 2 وڳي طوفان آيو، تائيوان ۾ مارڪيٽن، تعليمي ادارن سميت فلائيٽ آپريشن معطل ڪيو ويو آهي.
هن طوفان ۾ هينئر تائين 73 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن.
تائيوان جي موسميات کاتي موجب اهڙا طوفان جولاءِ ۽ سيپٽمبر جي وچ ۾ ايندا آهن. آڪٽوبر جي آخر ۾ اهڙو طوفان اچڻ اها هڪ غير معمولي ڳالھ آھي.