social sindh news mehar

social sindh news mehar karam ali

پرين پياري دوست واپڊا لائن مين عمران مگسي سان
16/03/2025

پرين پياري دوست واپڊا لائن مين عمران مگسي سان

14/03/2025

ميھڙ: ميھڙ جي عدالت پاران قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ھڪ جوابدار کي عمر قيد ۽ 20 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ميھڙ جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ميھڙ شفقت الله انڙ جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ھڪ جوابدار خادم حسين مغيري کي عمر قيد ۽ 20 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي

ياد رھي تہ 2021 ۾ جوابدار تي قاضي عارف ڀرسان ڪڪڙن جي ميل تي آيل غلام حسين مغيري کي ذاتي دشمني تان گوليون ھڻي قتل ڪرڻ جو الزام ھيو جنھن جو ڪيس مقتول جي ڀاء محبوب مغيري جي فرياد تي ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھيو جڏھن تہ عدالت اڄ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي کيس جيل حوالي ڪري ڇڏيو آھي

14/03/2025

ميھڙ رپوٽ ڪرم علي ڏيپر=
ميھڙ ڀرسان فريدآباد روڊ ڪمانگرن جي لاڙي وٽ قاضي عارف ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند ڦورن پاران روڊ بند ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن کان ڦر دؤران پوليس پھچي وئي ڦورن ۽ پوليس ۾ مقابلو ھڪ اھلڪار زخمي اهلڪار جي ڪلاشنڪوف ڦورو کڻي ويا پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ زاهد تنيو طور ٻڌائي پئي وڃي زخمي پوليس اهلڪار کي تعلقه استپال ميھڙ منتقل ڪيو ويو ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو فوتي اهلڪار جو جو مڙھ اباڻي ڳوٺ منجڻ نيو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانيل

13/03/2025

ميھڙرپوٽر ڪرم علي ڏيپر
: ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڊگري ڪاليج ڀرسان گھر مالڪ 42 ورھين جي پورھيت عاشق لاکير جو پنھنجي ئي گھر مان گوليون لڳل لاش ھٿ واقعي جي اطلاع بعد ميھڙ پوليس پھچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال ميھڙ آندو تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ سچل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين کي مقتول جي گهر واري ممتاز خاتون ٻڌايو ته مان رات جو پنهنجي پوٽي جي ڇٺيء ۾ پنهنجي پٽ جي گهر وئي هيس منهنجو مڙس اڪيلو پنهنجي گهر ۾ رهيل هيو جنهن کي جوابدارن گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي قتل ڪيو آھي هن الظام هڻندي چيو آھي ته جوابدار عرس سولنگي گل سولنگي وسيم ۽ منو کوسو وارن منهنجي مڙس کي گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو آھي هُن چيو ته ساڳن ئي جوابدارن پهريان به معمولي ڳالھ تان منهنجي مڙس ۽ مونتي تشدد ڪري سخت زخمي ڪيو هيو انهن سان اسانجو پراڻو مسعلو هلندڙ هيو رات ساڳيا ئي جوابدار منهنجي مڙس کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آھن ظالم مونسان ظلم ڪيو آھي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي

بريڪنگ نيوزميهڙ شهر جي رميز ڪالوني ۾ نامعلوم هٿياربندن پاران رات دير سان گهر ۾ داخل عاشق لاکير کي گوليون هڻي قتل ڪري فرا...
13/03/2025

بريڪنگ نيوز

ميهڙ شهر جي رميز ڪالوني ۾ نامعلوم هٿياربندن پاران رات دير سان گهر ۾ داخل عاشق لاکير کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا ون فاء انچارج سردار فقير محمد برهماڻي پنهنجي ٽيم سان گڏ جاء واردات تي پهتو

سچل پريس ڪلب ميھڙ  ميھڙ: ميھڙ ۾ کوسا مگسي خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو ـ ميھڙ ڀرسان گاجي کھاوڙروڊ تي زمين جي تڪرار تان بچل...
10/03/2025

سچل پريس ڪلب ميھڙ
ميھڙ: ميھڙ ۾ کوسا مگسي خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو ـ ميھڙ ڀرسان گاجي کھاوڙروڊ تي زمين جي تڪرار تان بچل کوسو ۽ منظور مگسي جي ڌرين وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو ميھڙ ۾ سردار حاڪم خان نوحاڻي جي سرپنچي ۾ شھنشاھ شادي حالـ ۾ ٿيو جرڳي ۾ کوسا برادري پاران نيڪ محمد کوسو رئيس علي بخش کوسو گلزار کوسو ۽ درگاھ گاجي شاھ جي گادي نشين فقير رسول بخش کوسو ـ مگسي برادري پاران مير عبدالواحد مگسي رئيس سليم چانڊيو ديدار خان مگسي ۽ نادر خان مگسي مشير طور شرڪت ڪئي جرڳي ۾ ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد مجموعي طور تي ڌرين مٿان 3 ڪروڙ 49 لک 50 ھزار روپيا ڏنڊ وڌو ويوـ جرڳي ۾ امن لاء جاکوڙيندڙ ناياب سرڪش سنڌي امتياز پاشا خان ٻٽ سيد محمد شاھ رضوي نواب بھادر خان مگسي رئيس عرفان الحق مگسي رئيس عبدالرحمان کوسورئيس منظور کوسو رئيس جلال خان چانڊيو سيٺ نياز حسين کوسو رئيس محمد ھاشم کوسو سيد علي اڪبر شاھ رئيس محمد امين کوسو غلام علي کوسو سميت سوين معززين شرڪت ڪئي ـ جڏنھن ت باء پاسي شادي ھال آسپاس پوليس پاران سيڪورٽي سخت ڪيي ويي

10/03/2025

‎‎( ميھڙ رپورٽ ڪرم علي ڏيپر )
ميھڙ لڳ فريدآباد ۾ 6 مھينا اڳ آغوا ٿيل نوجوان ناري سويرا خاصخيلي جي بازيابي لاء ميھڙ پوليس جي ڳوٺ تي چڙھائي ـ سرچ آپريشن ـ
گھرن ۾ ڌاڙيلن جيان ڪاھي پئي ـ
ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي ايس ايڇ و محسن جمالي جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ـ لٺيون ڏنڊا لڳڻ ڪري زخمي ـ پوليس کان سرڪاري ھٿيار کسي ورتا ـ ايس ايڇ او ڀڄي جان ڇڏائي ـ ڳوٺاڻن جو پوليس گردي خلاف احتجاج ـ
ميھڙ پوليس ڌاڙيلن جيان گھرن ۾ ڪاھي پئي ـ اسان جا 2 ڄڻا صدام خاصخيلي ـ بخشل خاصخيلي زخمي ٿي پيا آهن ـ
تفصيل موجب ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او محسن جمالي پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڳوٺ گاھي خان سيلرا ۾ مبينا طور نوجوان ناري سويرا خاصخيلي جي بازيابي لاء ميھڙ پوليس جي محب علي خاصخيلي جي گھر تي چڙھائي ڪئي ـ گھرن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گھر ڌڻي ۽ ڳوٺاڻن پوليس سان مزاحمت ڪئي ۽ جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ايس ايڇ او محسن جمالي جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي پيا ـ لٺيون ڏنڊا لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو جنهن ڀڄي جان ڇڏائي ـ جڏهن ته اطلاع ھيا ته ڳوٺاڻن پوليس کان سرڪاري ھٿيار کسي ويا ـ جڏهن ته ڪجهه ڳوٺاڻن جي مداخلت تي ھٿيار پوليس کي واپس ڪيا ويا ـ
جڏهن ته گھر ڌڻي صدام خاصخيلي ۽ بخشل پوليس جي ڏنڊن سان زخمي ٿي پيا جيڪي رتورت ھيا ـ
ھوڏانھن ڳوٺاڻن محب خاصخيلي امام الدين خاصخيلي حبدار خاصخيلي ۽ ٻين پوليس گردي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ميھڙ پوليس بنا جواز ڌاڙيلن جيان گھرن ۾ ڪاھي پئي آهي ـ اسان جي مردن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو ويو ـ اسان جا 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن ـ ھنن آء جي سنڌ ـ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي بنا جواز چڙھائي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ــ
ھوڏانھن ايس ايڇ او ميھڙ محسن جمالي صاحب ڪال اٽينڊ نه ڪئي ـ‎ Part 4‎

بريڪنگ نيوزميھڙ: ھٿياربندن لاڙڪاڻو کان ميھڙ ايندڙ ڪار ۽ مسافر ڪوچ کي روڪي عورتن سميت مسافرن کان ڦر لٽ ڪرڻ بعد مزاحمت تي ...
10/03/2025

بريڪنگ نيوزميھڙ: ھٿياربندن لاڙڪاڻو کان ميھڙ ايندڙ ڪار ۽ مسافر ڪوچ کي روڪي عورتن سميت مسافرن کان ڦر لٽ ڪرڻ بعد مزاحمت تي ھٿياربندن ڪار ء ڪوچ تي فائرنگ ڪئي فائرنگ سبب مسافر ڪوچ ۾ سوار غلام عباس مگسي فوت ڪوچ جو ڪلينر خالد راھوجو ۽ ڪار سوار مصري خان جتوئي زخمي ٿي پيا آھن

شھيد WHC ASI عباس ولد گل محمد مگسي R/O جھل مگسي.
2. زخمي مصري خان ولد غلام محمد جتوئي.
3. زخمي خالد ولد حسين بخش راهوجو ر / او قبو سعيد خان

04/03/2025

(ميھڙ رپورٽ ڪرم علي ڏيپر:)

ميهڙ ۾ اي سي ميھڙ فاطمه گهلو جي عوام ڀلائي جي نالي تي رشوت اوڳاڙڻ ۾ مصروف ٿي وئي آهي. رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ پورهيتن تي تشدد شروع ڪري ڇڏيو.
ميهڙ ۾ رشوت جي بازار گرم ڪندڙ فاطمه گهلو سبزي واري کان 5 هزار طلب ڪرڻ تي نه ڏيڻ تان مڇرجي پئي. پورهيت تي پوليس پاران ٿيندڙ سخت تشدد جي ويڊيو ميھڙ جي شھرين ۽ ايس ٽي پي تعلقه ميھڙ طرفان ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته اي سي ميھڙ فاطم گهلو خلاف ڪاروائي ڪري ڪرپٽ راشي اي سي ميھڙ کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

28/02/2025

Address

Mehar
Mehar

Opening Hours

04:53 - 16:54

Telephone

+923040367783

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when social sindh news mehar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share