21/06/2025
جمعيت علماء اسلام ضلع دادو جي طرفان آل پارٽيز ڪانفرنس جي فيصلي مطابق رابطه ڪاميٽي ضلع دادو طرفان
ضلعي دادو اندر ھڪ ٻئي ٽول پلازه جي اڏاوت خلاف
ان ئي جاء مخدوم بلال خونڻ موري واري جاء تي
جي يو آئي
جي ڊي اي
ايس يو پي
ايس ٽي پي
جماعت اسلامي
جي اڳواڻن ۽ ڪارڪن جي وڏي انگ ۾ پھچي ڪري
ھاء بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاهرو ٽن ڪلاڪن تائين جاري رکيو ڌرڻي کي تمام پارٽين جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو
تہ ضلعي دادو اندر ھڪ ٻيو ٽول پلازه
ڪھن به صورت ۾ قبول ناھي
۽ ضلعي دادو اندر ريڪارڊ ٽوڙ بد امني ڏيھنون ڏيھن واڌ
ڪندي پئي وڄين انتظاميه امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي
ضلعي دادو اندر پوليس به ھڻي غير محفوظ آھي تہ ضلعي دادو جي عوام کي امن ڪير ڏيندو ۽ ڪھن کان ملندو
اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ بجلي جي لوڊشيڊنگ به تمام وڌي وئي آھي
اسان پر امن احتجاج ڪري انتظاميه کي واضح طور تي پيغام ڏئي رھيا آھيون تہ انھن مسئلن کي فوري حل ڪيو وڄين
ورنه تحريڪ جاري آھي جھن ۾ اڄ ٽول پلازه واري جڳھ تي سڀ پارٽيون ضلعي دادو جي عوام لاء پنھنجا پگھر وھاء ڪري ويٺا آھيون ۽ تحريڪ ڏيھون ڏيھن تيز ڪندا وينداسين ھاڻي ھي تحريڪ ان ٽائيم تائين ختم ڪونہ ٿيندي جيستائين ٽول پلازه ختم ڪيو وڄين ۽ امن قائم ڪيو وڄين ۽ بجلي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڄين ورنه اسان جو ٻيو مظاھرو جوھي ۾ 23 جون تي ٿيندو ان کان پو 26 جون تي خيرپورناٿن شاھ ۾ مظاھرو ٿيندو
جھن کان پو 29 جون تي ميھڙ ۾ ڀرپور مظاھرو ٿيندو
اگر انھن مظاهرن کان پوء به انتظاميه ڏنل مطالبا ڪونہ مڄيان ويا تہ پو 10 جولاء تي ڊي چونڪ ٻرڙا شاخ کان نيشنل ھاءِ وي کي بلاڪ ڪيو ويندو ۽ اوھو ڌرڻو لا محدود ڌرڻو ھوندو جيستائين مطالبا منظور ڪونہ ڪيا ويندا اوستائين ڌرڻو ختم ڪونہ ڪيو ويندو