
16/01/2025
ميھڙ پريس ڪلب
ميھڙ ۾ صحافين جو اجلاس ٿيو ، جنھن ۾ اختلاف ختم ڪيا ويا ، ايوان صحافت ۽ آزاد پريس ڪلب کي ميھڙ پريس ڪلب م ضم ڪيو ويو، بعد ۾ ميھڙ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر امجد حسين ٻلھڙو ايڊووڪيٽ ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙو جي نگراني ۾ ميھڙ پريس ڪلب جا نوان عھديدار چونڊيا ويا، جنھن ۾ سرپرست اعلي اڪبر پنھور، سرپرست جاويد سومرو، سرپرست محمد علي شيخ، سرپرست غلام حيدر مڱڻھار، صدر بدر سھول، سينيئر نائب صدر جميل مھيسر، نائب صدر عبدالوحيد مھيسر، غلام حسين پنھور، جنرل سيڪريٽري اڪبر ڪانڌڙو ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري غلام مرتضي پنھور، جوائنٽ سيڪريٽري سجاد چانڊيو، خزانچي فقير محمد عظيم جانوري، اطلاعات سيڪريٽري غلام ﷲ سونو ڏيپر، آڊيٽر احسان علي جانوري، رابطا سيڪريٽري نويد سليم مھيسر آفيس سيڪريٽري ظھير عباس پنھور بنا مقابلي عھديدار چونڊيا ويا.