17/03/2026
”دعآءِ ختم القرآن“
لاکير محلہ ۾ مسجد حاجي محمد جمن لاکير ۾ حافظ امداد علي پيرزادو نمازِ تراويح ۾ گذريل 28،رمضان المبارڪ جي رات قرآن شريف جو ختم شريف پورو ڪيو، جنهن تي حافظ صاحب کي هار وڌا ويا ۽ مبارڪون پڻ ڏنيون ويون، ان موقعي تي مولوي قاري حافظ بخت علي پيرزادو مختصر خطاب ڪرڻ فرمايو ۽ نعتخوانن نعتون پڙھيون، جنهن ۾ لاکير برادري سميت پاڙي جي دوستن خاص شرڪت ڪئي.
پروگرام جا خاص اڳواڻ سائين رٽائرڊ هيڊماستر علي احمد لاکير صاحب ۽ سائين استاد محمدبخش لاکير صاحب هئا ۽ پروگرام جو انتظام غلام دستگير عرف عباس لاکير ۽ ديدار علي لاکير ڪيو.