24/07/2026
محرابپور: جسقم شھيد بشير خان جي مرڪزي سڏ تي ٻٻرلو بائي پاس تي پريا ايڪشن ڪاميٽي پاران پريا ڪماري ۽ ٻين معصوم ٻارڙن جي آزادي لاء ٻٻرلو بائي پاس تي لڳل ڌرڻي تي پوليس جي لاٺي چارج ۽ اڳواڻن جي گرفتاري خلاف جسقم شھيد بشير خان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري پنھل ساريو سميت ٻين تي اي ٽي سي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جسقم شھيد بشير خان سٽي محرابپور ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي ڊي او نوابشاهه ڊويزن شھاب ميمڻ ضلعي نائب صدر اختر علي موجائي يونٽ محرابپور جو پريس سيڪريٽري ساجد علي پنهيار ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.