24/02/2022
روس - يوڪرين جنگ ڇو شروع ٿي
روس - يوڪرائن جنگ بابت بنيادي ڄاڻ :
يوڪرين اوڀر يورپ جو سرد علائقي وارو خوبصورت ملڪ آهي.
1991ع تائين سوويت روس جو حصو رهيو .
سوويت يونين ٽٽڻ کانپوء يوڪرين آزادي جو اعلان ڪيو.
روس ۽ يوڪرين ۾ اصل جهيڙو ڪرائيميا (پينيسوليا) واري سامونڊي لنگھ تان 2013ع ۾ شروع ٿيو، جنهن تي روس 2014 ۾ قبضو ڪري ورتو.
ان کانپوء ٻيو جهيڙو روسي آبادي جي اڪثريت وارين ٻن رياستن لوهانسڪ ۽دوسينڪ ۾ ٿيو ، جيڪي 2014 کان ڪرائيميا کان آزادي لاء گوريلا ويڙھ ڪري رهيون آهن .
تازو جهيڙو يوڪرين جي اڀرندي سرحدن تي روسي فوجي ڇاوڻيون هڻڻ تان ٿيو ، جن جي سڀ کان پهرين خبر نومبر 2021ع ۾ نيٽو سيٽلائيٽ تصويرن ذريعي ڏني ته روس وڏي فوجي تياري ۾ رڌل آهي .
جنهن کانپوء روس ۽ يوڪرين جي 8 سالن کان هلندڙ ڊپلوميٽڪ ڳالهين ۾ سخت ڪشيدگي اچي وئي ۽ يوڪرين آمريڪا ۽ نيٽو کان مدد گهري ورتي .
نيٽوکان مدد ۽ ميمبرشپ گهرڻ تي روس وارننگ ڏني ته اگر نيٽو اڳتي وڌيو ته روس انکي روڪيندو.
نيٽو ۽ آمريڪا ڊسمبر 2021ع کان وڏو فوجي سامان يوڪرين ۾ لاهڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪا 8 هزار فوجين کي الرٽ ڪيو .
روس يوڪرين ۾ وڙهندڙ آزادي پسند گوريلن جي مدد جو اعلان ڪندي يوڪرين جي ٻن رياستن لوهانسڪ ۽ دوسينڪ کي آزاد رياستون قرار ڏئي ڇڏيو ۽ آزاد قرار ڏنل ٻنهي رياستن ۾ پنهنجي فوج اندر موڪلي .
آمريڪا ۽ برطانيا سميت يورپي ملڪن روس جي اڳڀرائي کي يوڪرين تي حملو قرار ڏئي روس تي معاشي پابنديون هڻي ڇڏيون .
يوڪرين جا ماڻهو دنيا جي خوبصورت ترين ماڻهن ۾ ڳڻيا ويندا آهن ۔ دنيا ۾ نيري اکين (بليو آئيز) وارا سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ماڻهو پڻ يوڪرين جا آهن .
هن وقت يوڪرين جي ٽن پاسن کان روس جي فوج جو گهيرو آهي، جڏهن ته هڪ پاسي کان ڪارو سمنڊ آهي، جنهن ۾ نيٽو جون فوجون بيٺيون آهن ...
اڄ صبح سوير روس يوڪرين جي گاديء واري هنڌ ڪيف ۾ نيٽو جي جنگي سامان وارن ٺڪاڻن کي بيليسٽڪ ميزائلن سان حملو ڪيو آهي. جنهن کانپوء جنگ شدت اختيار ڪري وئي آهي....
روس - يوڪرائن تڪرار جو پسمنظر :
جيئن ته آء مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته يوڪرائن سويت يونين جو اڳوڻو ٽٽل حصو آهي ۽ 1991ع ۾ سوويت روس جي ٽُٽي وڃڻ کانپوء هاڻي الڳ ملڪ آهي.
روس ۽ يوڪرائن جو تڪرار پراڻو آهي پر تازي ڇڪتاڻ تڏھن کان شروع ٿي آهي ، جڏهن روس اهم يوڪريني سامونڊي لنگھ واري علائقي ڪرائيميا تي قبضو ڪري روسي جاگرافي ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
گذريل اٺن سالن کان هلندڙ ڊپلوميٽڪ ڳالهين ۾ اچانڪ ڪشيدگي ان وقت اچي وئي آهي ، جڏهن آمريڪا هاڻي تازو نومبر 2021ع ۾ پنهنجي سيٽلائيٽ تصويرن ۾ اهو ڏيکاريو آهي ته روس يوڪريني سرحد تي تمام وڏي فوجي چرپر شروع ڪري ڇڏي آهي ...!
يوڪرين جڏهن روس جي امڪاني حملي خلاف نيٽو جي مدد گهري ورتي آهي ته ان وقت کان روس يوڪرين جي سرحد تي ٽي لک فوج هائي الرٽ ڪري ڇڏي آهي .
هن هلندڙ ڇڪتاڻ دوران آمريڪا ۽ نيٽو فوج يوڪرين جي مدد لاء ڳرو فوجي سامان پهچائيندا رهيا آهن.
روس جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا يا نيٽو يوڪريني حدن ۾ پنهنجي فوج لاهيندي يا يوڪرين کي نيٽو الائنس ۾ شامل ڪندي ته روس کي خطي ۾ طاقت جو توازن برقرار رکڻ ۽ نيٽو فورس کي روڪڻ لاء اڳتي وڌڻو پوندو ...!
(هيٺ نظر ايندڙ نقشي ۾ يوڪرين جي ٽن طرفن کان روس جي فوجي پوزيشن آهي - جڏهن ته يوڪرين جي هڪ طرف ڪارو پاڻي (بليڪ سي ) آهي ۽ ڳاڙهي دائري ۾ نظر ايندڙ روس جي قبضي هيٺ آيل سامونڊي لنگھ وارو علائقو ڪرائيميا آهي.)
(تحقيق : وائيس آف سنڌي نيشن)