Azhar Chadhar Official

Azhar Chadhar Official Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Azhar Chadhar Official, Media/News Company, Mirpur Khas.

11/01/2026

ڊويزن جو مرڪزي، معتبر ۽ بااعتماد صحافتي ادارو ايوانِ صحافت ميرپورخاص اُن روشن حقيقت جو زنده مثال آهي ته جيڪڏهن نيت صاف، پيشه ورانه ايمانداري پختي ۽ عوامي صحافت جو جذبو اٽل هجي ته بغير سرڪاري گرانٽ ۽ بغير سرڪاري عمارت جي به حق ۽ سچ جي آواز کي بيباڪي سان بلند ڪري سگهجي ٿو۔
ايوانِ صحافت ميرپورخاص ڪيترن ئي سالن کان بغير خوف، لالچ ۽ دٻاءَ جي عوامي مسئلن کي جرئت، سچائي ۽ اثرائتي انداز سان اجاگر ڪندو اچي ٿو ۽ هر سال يومِ آزادي ۽ يومِ ثقافت جهڙا قومي ۽ ملي ڏينهن اهڙي شان، شاندار حب الوطني ۽ قومي يڪجهتي سان ملهائيندو آهي، جو هزارين شهرين سان گڏ سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻن ۽ اعليٰ انتظامي آفيسرن جي وڏي شرڪت ان اداري جي مقبوليت، ساک ۽ عوامي اعتماد جو زنده ثبوت بڻجي ٿي۔

پر انتهائي افسوس ۽ ڳڻتيءَ جو مقام آهي ته گذريل ڪجهه مهينن کان ايوانِ صحافت ميرپورخاص ۽ ان جي ذميوارن خلاف ڪجهه مخصوص مفاد پرست، سازشي ۽ بدنيت عنصرن پنهنجي سرپرستن ۽ حوارين سميت منظم نموني سان منفي پروپيگنڊا، بهتان تراشي ۽ ڪُڌي سازشن جو گندو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي۔
اهي حسد، ناڪامي ۽ ذاتي بغض جي باهه ۾ سڙندڙ سگِ رقيب ڪڏهن زهر اوڳاڇي رهيا آهن ته ڪڏهن ڀونڪي اداري جي ساک کي نقصان پهچائڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، پر تاريخ شاهد آهي ته اهڙيون حرڪتون هميشه ذلت ۽ رسوائي جو سبب بڻجن ٿيون۔

اهي عنصر نه صرف پنهنجي عهدن، اختيارن ۽ طاقت جو بي رحماڻو ۽ ناجائز استعمال ڪري رهيا آهن، پر آزاديِ صحافت ۽ عوام جي بنيادي حقِ اظهار تي به کليل ۽ خطرناڪ حملو ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪنهن به مهذب ۽ جمهوري سماج ۾ ناقابلِ قبول آهي۔

اسان فيلڊ مارشل، چيف آف ڊفينس فورسز، حافظ سيد عاصم منير صاحب کان پُرزور، سنجيده ۽ ذميوارانه اپيل ڪريون ٿا ته اهڙن شرپسند، سازشي، اختيارن جي غلط استعمال ۾ ملوث عنصرن ۽ انهن جي سهولت ڪارن خلاف سخت، بي لاڳاپا ۽ عبرتناڪ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن هڪ ذميوار، عوام دوست ۽ اصولي صحافتي اداري کي متنازع بڻائڻ، بدنام ڪرڻ ۽ نقصان پهچائڻ جون سڀ مذموم سازشون هميشه لاءِ دفن ٿي سگهن۔

ايوانِ صحافت ميرپورخاص نه ڪڏهن جهڪيو آهي، نه وڪاميو آهي ۽ نه ئي ڪنهن دٻاءَ، ڌمڪي يا سازش آڏو سرِ تسليم خم ڪندو، ڇو ته سچ ۽ حق جي آواز کي نه خريد ڪري سگهجي ٿو، نه دٻائي سگهجي ٿو ۽ نه ئي خاموش ڪرائي سگهجي ٿو۔

11/01/2026

میرپورخاص ۔جمنا داس کالونی میں پلاٹ کے تنازعے پر اختر نامی شخص پر دو نامعلوم مسلح افراد کا حملا پسٹل کے بٹ سے اختر نامی شخص زخمی حالت مہران پولیس اسٹیشن پہنچ گیا

08/01/2026

ميرپورخاص جي عدالتي احاطي ۾ سوشل ورڪر پنھل ناريجو مٿان ٺڳ گينگ جو مبينا حملو ،، ان حوالي سان پنهل ناريجو جي ايوان صحافت ٽيم سان لائيو ڳالھ ٻولھ

07/01/2026
06/01/2026

ميرپورخاص : آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي وفد جو ايـوانِ صحافت ميرپورخاص پھچي ، نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ شھباز علي لغاری )

06/01/2026

ٹوبہ ٹیک سنگھ میں گیس لیکیج کے باعث گھر میں گیزر پھٹ گیا

05/01/2026

ميرپورخاص ،، تازو ئي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي ڪوششن سان حلقي جي ماڻهن کي هڪ کان چار اسڪيل جون لڳ ڀڳ 400 نوڪريون مليون، پر اھم ذريعن موجب جوائننگ لاءِ اسپيشل برانچ ذريعي ويريفڪيشن ڪرائڻ دوران رشوت ورتي ٿي وڃي ، اسپيشل برانچ ۾ ويٺل ڪلارڪ زبير مري جائز ويريفڪيشن لاءِ غريب اميدوارن کان ٻه هزار رپيا وصول ڪري ٿو ، جڏهن ته رشوت نه ڏيڻ وارن کي مختلف سوالن ۽ پيچيده عمل ذريعي پريشان ڪيو وڃي ٿو ،، ايس پي اسپيشل برانچ اعلي اختيارين کي گھرجي ته اھڙن ڪرپٽ ڪلارڪن کي ھٽائي سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گھرجي

Address

Mirpur Khas
69000

Telephone

+923116990025

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Azhar Chadhar Official posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Azhar Chadhar Official:

Share