
22/09/2024
ميرپورخاص جي ڊجيٽل صحافت جو اهم نالو محمد هاشم شر,محمد هاشم شر، جيڪو هميشه معاشري جي دٻايل طبقي جي حقن ۽ انهن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اڳڀرو رهيو آهي، پنهنجي عملي ڪوششن سان مستحق ماڻهن کي فائدو پهچائي رهيو آهي ڪجهه ڏينهن اڳ، سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي دوران قتل ٿيل ڊاڪٽر شاهنواز جي خبر کي، جيڪو عمرڪوٽ ٿاڻي تي درج توهين جي مقدمي ۾ نامزد هو، هن سنڌ ۽ عالمي سطح تي هن واقعي بابت ماڻهن کي آگاهه ڪيو ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي آفيس ۾ علماءِ ڪرام، سياسي ۽ سماجي شخصيتون، تاجر ۽ شهري پوليس کي گلن جا هار ۽ ريڊ ڪارپيٽ وڇائي انهن جي ساراهه ڪرڻ واري عمل کي به سڌو سنئون شيئر ڪيو.محمد هاشم شر جي انهن سرگرمين تي ڪجهه حسد ڪندڙ ماڻهن، جيڪي بغض ۽ عناد رکن ٿا، ان حساس معاملي کي متنازع بڻائي، هاشم شر کي ڪڙي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو. انهن ماڻهن جھوٽو، جعلي، ۽ گھڻو گھٽيا پروپيگنڊا ڪرڻ شروع ڪيو. پر محمد هاشم شر کي الله عزت ڏني آهي، ۽ ڪنهن به ڪوڙي پروپيگنڊا يا ڪنهن جي ذاتي بغض تي اها عزت ختم ٿي نٿي سگھي جيڪڏهن تنقيد تعمير لاءِ ۽ اصلاح جي نيت سان ڪئي وڃي ته اها نه صرف سمجهي ويندي آهي، پر ان کي پسند به ڪيو ويندو آهي پر ذاتيات تي ٿيل غليظ تنقيد مان اها ڳالهه واضع آهي ته محمد هاشم شر صحيح، سچائيءَ تي ٻڌل ۽ مثبت صحافت ڪري رهيو آهي. ذاتي بغض سان ڀريل تنقيد ڪندڙ رڳو پنهنجو اندر جو غبار ڪڍي رهيا آهن. هاشم شر تي تنقيد ڪندڙ صرف موقعو تلاش ڪندا آهن ته پنهنجي اندر جي غلاظت کي هاشم تي ڪڍي سگهن. انهي جو مرض لاعلاج بڻجي ويو آهي، ۽ انهن لاءِ دعا خير ڪري سگھجي ٿو