
09/05/2024
شيخ ڀرڪيو: رپورٽ
ٽنڊو محمد خان جي پي ايس شيخ ڀرڪيو تي نئين ايس ايڇ او ارباب الله وسايو جي مقرر ٿيندي منشيات فروشن ڏوھارين ، ۽ مختلف ڪرائم ۾ ملوث ڪرمنلز توڙي چوري جو سامان خريد ڪندڙ ڪٻاڙين جو گھيرو تنگ ڪندي ڪيتريون ئي چوري جون موٽرسائيڪلون ۽ ڦٽا موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ملوث جوابدارن مٿان مختلف ڪرائم ايڪٽ تحت ڪيس ڪري ڇڏيا، ڊي ايس پي ٽنڊو محمد خان سيد مجاهد علي شاه پي ايس شيخ ڀرڪيو تي مقررہ ايس ايڇ او ارباب الله وسايو سان گڏ تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو آهي ته آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان سيد امداد علي شاه جي ھدايتن تي عمل ڪندي ڪجھ ئي ڏينهن ۾ ايس ايڇ او ارباب الله وسايو گرفتار جوابدارن ۾ لياقت علي ڪٻاڙي پٽ محمد صادق کي چوري جي ڦٽي موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪري سندس مٿان گناھ نمبر 33، 2024 ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪو پنهنجي ذات ڪيثري ويٺل شھر ماتلي ضلع بدين ٻدائي رهيو آهي، دليپ پٽ ڍولو لوھاڻ ۽ ساڻس گڏ سلطان ٽنگڙي کي گرفتار ڪري وٽان 1500 مين پڙيون ھٿ ڪري مٿن گناھ نمبر 34، 2024 منشيات ايڪٽ تحت ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻي واردات ۾ ملوث ذوالفقار پٽ صديق ماڇي ۽ حنيف پٽ ميرو خان مري کي گرفتار ڪري کائن ھڪ ڊيليڪس ڪمپني چوري جي موٽرسائيڪل ۽ ھڪ ريوالور سميت 10 گوليون ھٿ ڪري مٿن گناھ نمبر 35, 2024 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ذوالفقار پٽ صديق ماڇي کان ھڪ ٻئي به چوري جي سي ڊي موٽرسائيڪل ھٿ ڪري مٿس گناھ نمبر 36, 23 ( I ) A, S, A تحت الڳ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته دوست علي پٽ رمضان جمالي کان 10 ليٽر ڪچي شراب سميت گرفتار مٿس گناھ نمبر 37، 2024 منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو، ايس ايڇ او ارباب الله وسايو پنھنجي ڪيل ڪارروائين ۾ ضلعي پوليس مروال کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ ۾ سٺي موٽ ڏني آهي پاڻ ھڪ باڪردار ۽ بھادر نوجوان آفيسر آهي سندس ڪيل ڪاروايون ساراھ جوڳو آهن، جن کي مندي نظر ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان سيد امداد علي شاه ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو پاران کيس نقعد انعام ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي, ٻئي پاسي ايس ايچ او ارباب الله وسايو ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته ، آچار ڀيل کي گرفتار جوابدارن کان سي ڊي موٽرسائيڪل ماڊل 2022 پڻ ريڪور ڪرائي ڏني آهي
Updating Bhatti