Costal Education Alliance

Costal Education Alliance اسان جو مقصد شعور پيدا ڪرڻ تعليم کي عام ڪرڻ اسڪولن ۾ درپيش مسعلن کي ھائلاٽ ڪرڻ آھي

تعليمي انقلاب ڏانهن هڪ ٻيو وڏو قدم​بند پيل سرڪاري اسڪولن جي ڪري علائقي جا ٻار مفت ۽ معياري تعليم کان محروم هئا. ان تباهي...
21/06/2026

تعليمي انقلاب ڏانهن هڪ ٻيو وڏو قدم
​بند پيل سرڪاري اسڪولن جي ڪري علائقي جا ٻار مفت ۽ معياري تعليم کان محروم هئا. ان تباهي کي ڏسندي، ٽيم ڪوسٽل ايجوڪيشن الآئنس ۽ فري فيوچر بلڊنگ سينٽر اڄ کان 2 سال اڳ رڳو هڪ سينٽر سان هن علمي سفر جو آغاز ڪيو هو. الحمدلله، اڄ اوهان جي محبتن ۽ ساٿ سان گڏ اسان پنجون فري سينٽر به قائم ڪري ورتو آهي
​ڪوسٽل ايجوڪيشن الائنس جي تعاون سان، ضلعو تعلقو ساڪرو ، يوسي ڪڪڙانڊ جي ڳوٺ بابو خاصخيلي ۾ ”فري فيوچر بلڊنگ سينٽر ڪيمپس 5“ جو شاندار افتتاح ڪيو ويو
​هي سفر رڳو 2 سالن جو آهي پر اڄ اسان 5 ڪيمپس تائين پهچي چڪا آهيون، جتي ٻارن کي مڪمل مفت ۽ معياري تعليم ڏني ويندي. هي سينٽر بند پيل اسڪولن جي نقصان کي پورو ڪرڻ ۽ اسان جي ٻارن کي روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.
​اسان پوري ٽيم، مڙني دوستن ۽ ڳوٺاڻن جا دل جي گهرائين سان ٿورائتا آهيون جن هن علمي سفر ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. علم جو هي سفر جاري رهندو

18/06/2026

الحمدلله تعليم جي راهه ۾ هڪ ٻيو وڏو قدم
​تعليم جي روشنيءَ سان ساحلي پٽي کي منور ڪرڻ جو سفر ڪاميابيءَ سان جاري آهي ڪوسٽل ايجوڪيشن الائنس جي تعاون سان هلندڙ 'فري فيوچر بلڊنگ سينٽر' جي ڪيمپس نمبر 5 جو جلد ئي باقاعدي افتتاح ٿيڻ وڃي رهيو آهي
جن علائقن ۾ اسڪول بند پيل آهن ۽ تعليم جو نالو نشان به ناهي، اتي هي سينٽر تعليمي انقلاب جي هڪ نئين اميد بڻجي اڀريو آهي. هي سڄو پراجيڪٽ بالڪل فري آف ڪاسٽ (مفت) آهي، جتي ٻارن کان ڪابه فيس نه ورتي ويندي
هن عظيم مقصد کي سچو ڪري ڏيکارڻ لاءِ اسان جا مخلص استاد بالڪل مفت بنا ڪنهن لالچ جي پنهنجون خدمتون پيش ڪري رهيا آهن. اهي استاد هنن پسمانده علائقن ۾ ڏينهن رات محنت ڪري ٻارن جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ بهترين ۽ مخلصاڻا قدم کڻي رهيا آهن
​ساحلي علائقن ۾ تعليمي اڻاٺ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوسٽل ايجوڪيشن الائنس ۽ فري فيوچر بلڊنگ سينٽر جو هي گڏيل قدم هن خطي لاءِ هڪ سنگِ ميل آهي.
​اسان پنهنجي سڀني محنتي استادن، مددگارن ٽيم ڪوسٽل ۽ هن نيڪ مقصد ۾ شامل هر فرد جا دل جي گهرائين سان ٿورائتا آهيون.

18/06/2026

الحمدالله ڪوسٽل ايجوڪيشن الائنس جي سھڪار سان فري فيوچر بلڊنگ سيٽر ڪيمپس 5 جو باقائدھ افتتاح ٿيڻ وارو آھي
تعليم لاء ڪوششون جاري

06/05/2026

ميرپور ساڪرو کلي ڪچهري: عوامي مسئلا حل ٿيڻ بدران بدانتظامي جي ور چڙهي ويا!
​اڄ ميرپور ساڪرو ۾ ڊي سي ٺٽي جي صدارت هيٺ رکيل کلي ڪچهري بدانتظامي ۽ غير مناسب انتظامن سبب ڪنهن به نتيجي کانسواءِ ختم ٿي وئي. ڪچهري ۾ سياسي و سماجي اڳواڻن وحيد رند، علم الدين رند، عامر رند، وسيم خاصخيلي، ديدار علي رند، سيد امير علي شاهه بخاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، پر انتظاميا جي نااهلي سبب عوامي مسئلا اڻ ٻڌا رهجي ويا.
​ بدانتظامي جو شڪار: ڪچهري ۾ نظم و ضبط نه هجڻ ڪري گهڻو تڻو وقت گوڙ ۽ بدانتظامي ۾ گذري ويو، جنهن ڪري اڪثر معزز شخصيتون ۽ عام ماڻهو بنا ڳالهائڻ جي اڌ مان اٿي روانا ٿي ويا.
​ بند اسڪولن جي شڪايتن تي ڪو به واضح جواب نه ملي سگهيو.
روينيو کاتي جي شڪايتن جي ٻڌڻي لاءِ ڪو مناسب ماحول نه فراهم ڪيو ويو.
ليٽ شهر ۽ ٻين علائقن جا اهم مسئلا رڳو گوڙ جي نظر ٿي ويا.
​عوامي حلقن جو چوڻ آهي ته اهڙيون ڪچهريون جيڪڏهن صرف فوٽو سيشن ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ آهن، ته ان سان عوام جي زخمن تي مرهم رکڻ بدران ويتر تڪليف پهچي ٿي. انتظاميا کي گهرجي ته سنجيدگي سان مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي نه ڪي صرف رسمي ڪارروائيون ڪري.

ميرپور ساڪرو کلي ڪچهري: عوامي مسئلا حل ٿيڻ بدران بدانتظامي جي ور چڙهي ويا!​اڄ ميرپور ساڪرو ۾ ڊي سي ٺٽي جي صدارت هيٺ رکيل...
06/05/2026

ميرپور ساڪرو کلي ڪچهري: عوامي مسئلا حل ٿيڻ بدران بدانتظامي جي ور چڙهي ويا!
​اڄ ميرپور ساڪرو ۾ ڊي سي ٺٽي جي صدارت هيٺ رکيل کلي ڪچهري بدانتظامي ۽ غير مناسب انتظامن سبب ڪنهن به نتيجي کانسواءِ ختم ٿي وئي. ڪچهري ۾ سياسي و سماجي اڳواڻن وحيد رند، علم الدين رند، عامر رند، وسيم خاصخيلي، ديدار علي رند، سيد امير علي شاهه بخاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، پر انتظاميا جي نااهلي سبب عوامي مسئلا اڻ ٻڌا رهجي ويا.
​ بدانتظامي جو شڪار: ڪچهري ۾ نظم و ضبط نه هجڻ ڪري گهڻو تڻو وقت گوڙ ۽ بدانتظامي ۾ گذري ويو، جنهن ڪري اڪثر معزز شخصيتون ۽ عام ماڻهو بنا ڳالهائڻ جي اڌ مان اٿي روانا ٿي ويا.
​ بند اسڪولن جي شڪايتن تي ڪو به واضح جواب نه ملي سگهيو.
روينيو کاتي جي شڪايتن جي ٻڌڻي لاءِ ڪو مناسب ماحول نه فراهم ڪيو ويو.
ليٽ شهر ۽ ٻين علائقن جا اهم مسئلا رڳو گوڙ جي نظر ٿي ويا.
​عوامي حلقن جو چوڻ آهي ته اهڙيون ڪچهريون جيڪڏهن صرف فوٽو سيشن ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ آهن، ته ان سان عوام جي زخمن تي مرهم رکڻ بدران ويتر تڪليف پهچي ٿي. انتظاميا کي گهرجي ته سنجيدگي سان مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي نه ڪي صرف رسمي ڪارروائيون ڪري.

اڄ ڪوسٽل ايجوڪيشن الائينس (Coastal Education Alliance) جي سرگرم ۽ متحرڪ اڳواڻ، سيد امير علي شاهه بخاري جي سالگرهه جي منا...
04/05/2026

اڄ ڪوسٽل ايجوڪيشن الائينس (Coastal Education Alliance) جي سرگرم ۽ متحرڪ اڳواڻ، سيد امير علي شاهه بخاري جي سالگرهه جي مناسبت سان هڪ پُروقار تقريب جو احتمام ڪيو ويو.
​هن تقريب ۾ سماجي تنظيمن جي نمائندن، ويجهن دوستن ۽ مانائتن ساٿين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ دوستن جي محبتن ۽ دعائن جي گونج ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو.
​ دوستن پاران سالگرهه جي موقعي تي خوبصورت اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.
​پروگرام دوران دوستن سان گڏ دل کولي ڪچهري ٿي، جنهن ۾ تعليمي ۽ سماجي معاملن تي خيالن جي مٽاسٽا سان گڏ پراڻيون يادون به تازيون ڪيون ويون.
​سيد عامر علي شاهه بخاري جي سماجي ۽ تعليمي خدمتن کي ساراهيندي، سڀني دوستن سندس صحت، خوشحالي ۽ وڏي ڄمار لاءِ دعا ڪئي.

عيد جي ٻئي ڏينهن جي خوشيءَ جي موقعي تي، ڪوسٽل ايجوڪيشن الائينس (Coastal Education Alliance) ۽ فري فيوچر بلڊنگ سينٽر (Fre...
22/03/2026

عيد جي ٻئي ڏينهن جي خوشيءَ جي موقعي تي، ڪوسٽل ايجوڪيشن الائينس (Coastal Education Alliance) ۽ فري فيوچر بلڊنگ سينٽر (Free Future Building Centre) پاران هڪ خاص سير ۽ تفريح جو پروگرام رکيو ويو.
​هن موقعي تي شاگردن ۽ دوستن گڏجي تاريخي ماڳ ڀنڀور (Bambhore) جو سير ڪيو. ڪوسٽل ايجوڪيشن الائينس جي تعاون سان هلندڙ فري فيوچر بلڊنگ سينٽر جي شاگردن هن پڪنڪ کي ڀرپور نموني انجوائي ڪيو ۽ تاريخي معلومات حاصل ڪرڻ سان گڏ هڪ يادگار وقت گذاريو.
​سڀني کي عيد جون خوشيون مبارڪ!

28/01/2026

جنهن به ڳوٺ يا علائقي جي اسڪول بلڊنگ زبون، يا بند آهي, ته ان جو سيمس ڪوڊ,مڪمل ايڊريس, ۽ تصويرون موڪليو,
03040129932
03213092946

Address

Mirpur Sakro

Telephone

+923213092946

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Costal Education Alliance posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Costal Education Alliance:

Shortcuts

Share