09/10/2025
سڪرنڊ واقعو
معصوم نياڻي هير باگڙي جي قتل ۾ ملوث جوابدار پوليس هٿان ڦل فرائي مقابلي ۾ مارجي ويو,
سڪرنڊ ۾ وڏي بيدردي سان قتل ڪيل نينگري ھير باگڙي جي قاتل کي منتقي انجام تي پھچايو ويو هير باگڙي جو قاتل پنھنجو ئي عزيز ھري اوم باگڙي نڪتو رات دير سان پوليس جي مبينا مقابلي ۾ کيس گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو پوليس اھڙي ڪاروائي کي وڏي ڪاميابي قرار ڏئي رھي آھي مذڪوره قتل واري واقعي ۾ ملوث مک جوابدارن جو پتو لڳائڻ لاء گذريل ڏھاڙي ايس ايس پي نواب شاھ شبير احمد سيٺار ٽيڪنيڪل ٽيم سان گڏ سڪرنڊ پهتو هو جتي جانچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو جائزو وٺي سي سي ٽي وي ڪيمرا جي مدد سان مک جوابدار اوم پرڪاش باگڙي کي گرفتار ڪيو هو جنهن ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو
سڪرنڊ ۾ پيش ايندڙ معصوم نياڻي کي قتل ڪرڻ وارو واقعو، جوابدار پنھنجي انجام تائين پهچايو ويو...
سڪرنڊ ۾ چار ڏينھن اڳ بي درديءَ سان قتل ڪيل معصوم نياڻي ھير باگڙي جي قتل ۾ ملوث قاتل سندس مامو نڪتو جانچ دوران پوليس جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪئي جنھن دوران ھن کان ڪٽيل ٻانھن، سونيون واليون ھٿ ڪرڻ ۽ کيس جاءِ واردات ٻڌائڻ جو چيو ته جوابدار پوليس کي جاءِ واردات ڏيکارڻ لاءِ اتي پھچڻ بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پوليس سندس پيڇو ڪيو پوليس جي فائرنگ ۾ جوابدار اوم پرڪاش موقعي تي مارجي ويو. ان موقعي تي سڪرنڊ پوليس ايس ايڇ او علي اڪبر چنا ٻڌايو ته اسان واقعي کانپوءِ جانچ جو دائرو وسيع ڪيو ۽ مختلف ھنڌن تي لڳل سي سي ٽي فوٽيجز چيڪ ڪيا ۽ ڪجھ ملندڙ اطلاعن تي گرفتاريون ڪيون جن گرفتار ماڻھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي تہ اوم پرڪاش نالي جوابدار کان ڪجھ شڪ ظاھر ٿيا ۽ جوابدار کي حقيقت ٻڌائڻ جو چيو ۽ سموريون شيون ڏيڻ جاءِ واردات ٻڌائڻ جو چيو جنھن سان گڏ وياسين ته ھو فرار ٿيو ۽ فائرنگ ۾ مارجي ويو ھن معاملي جي وڌيڪ جانچ ھلي رھي تہ ھن معصوم نياڻي کي ڪھڙي حوالي سان وٺي وڃي قتل ڪيو آھي. جڏھن تہ وحشي درندري جو لاش مقامي اسپتال ۾ رکيو ويو آھي.