Amar Raisingh Rajput

Amar Raisingh Rajput صحرا جو سڏُ

24/03/2021

سندم تحرير...خانجي پير جي خوبصورت آواز ۾………

سندم شاعري، پياري سائين خالق درس صاحب جي آواز ۾ ٻُڌڻ نه وسارجو.....!!
05/11/2019

سندم شاعري، پياري سائين خالق درس صاحب جي آواز ۾ ٻُڌڻ نه وسارجو.....!!

Amazing Poetry || Ho Ja Kothe Ty Hiyaaty Kate the Piye || Voice Of Dessert ________________________________ Export - Voice Of Desrot | Voice Rec: Khaliq Dinh...

”ڍولا مارُو ڍٽ“ ۾ شامل ڍولا
02/11/2019

”ڍولا مارُو ڍٽ“ ۾ شامل ڍولا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”لُڙڪن سان لبريز خط“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ...
02/11/2019

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”لُڙڪن سان لبريز خط“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل ادبي ۽ تصوارتي خطن جو مجموعو آهي. عزيز گُل لکي ٿو:
”امر رائيسنگهه راجپوت جهڙي شاندار نثرنگار جا خط به سنڌي ادب کي هميشه جي لاءِ ياد رهجي ويندا جو هي خط امر رائيسنگهه جي نثر جو يادگار آهن... جو هي لازوال خط آهن، جن ۾ ديس جي درد جا سمورا رُخ نهايت ئي دل ڏاري وجهندڙ انداز ۾ لکيا ويا آهن. اهڙا خط لکڻ لاءِ ڪو سنگدل سينو ٿو کپي!
امر رائيسنگهه هڪ بي رحم ليکڪ آهي، هُو هڪڙو اهڙو روئاڙي وجهندڙ نثرنگار آهي، جيڪو ماڻھن جي زندگيءَ جا فيصلا بدلائي سگهي ٿو. هُو صرف خماريل ۽ موهيندڙ نثر نٿو لکي پر کيس ماڻهن جي زندگيءَ جي فيصلن تي به قدرت حاصل آهي.“
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ھن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو يا آنلائين پڙهو:

https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=887

Amar Raisingh Rajput

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل ادبي ۽ تصوارتي خطن جو مجموعو آهي. عزيز گُل لکي ٿو: ”امر رائيسنگهه راجپوت جهڙي شاندار نثرنگار جا خط به سنڌي ادب کي هميشه...

02/11/2019
http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=468منهنجو صحرا سُڏڪي ٿوسنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ويب سائيٽ تان پڙھي ۽ ڊائون ل...
08/05/2017

http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=468

منهنجو صحرا سُڏڪي ٿو
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ويب سائيٽ تان پڙھي ۽ ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا.
سائين محمد سليمان وساڻ ۽ پرڪاش ڪرماڻي اوهان جا لک ٿورا……!!

امر رائيسنگهه راجپوت دردوندي جي ديس جو نوجوان ليکڪ آهي، جنهن جو ڏڪاريل ڏيهه ٿر جي پسمنظر ۾ لکيل پهريون ڪتاب ”منهنجو صحرا سڏڪي ٿو!“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ ٿر ۽ ٿر جي ماروئڙن جي ڏکن، ڏولاون، ڏڪار جي موتمار صورتحال سان گڏ وسڪاري جي اڌورين آشائن جون ڪٿائون آهن، جيڪي مضمونن ۽ تاثر جي روپ ۾ بيان ڪي...

07/05/2017

نظم

امر رائيسنگھ راجپوت

”مٺي“
سُريلي سانجھ جي ٽاڻي
مٺي ۾ موتيا مرڪن
خُماريل نيڻ حياتين جا
چنبيليون چوٽلا مهڪن
وديسيءَ سوم رس جهڙيون
جوانيون جوش ۾ ٻھڪن
ستارن سان ڀرين چولا
ٽڪن جا تجلا اُڏرن
گگن تي رات ڪاري جو
چندرما چاندني اوتي
مٺي جي سينڌ ۾ ڇڙڪي
سندوري رنگ جوڀن جا
ڀرن ٿا مانگ روهيڙا
مٺي آ لاڏلي وينگس
مٺي جي ٻانهن ۾ چُوڙا
وجهن ٿا پاڻ پينجولا
مٺي جي نڪ ۾ ڦُلڙي
وجهي ٿو ڦوڳ ونگڙ جو
مٺي جي ڪن ۾ جهومڪ
وجهن ٿا نم نمورين سان
مٺي جي ٻانهن ۾ ٻاجو
ٻڌن ٿا جهنگ جوڳيئڙا
مٺي جي اک ۾ سرمو
وجهي ٿي سانجھ سانولڙي
مٺي جي پير ۾ جانجهر
ٻڌي ٿو وڻ ڪونڀٽ جو
مٺي جي ڪونج ڳچڙي ۾
سونارو سون جي دهري
وجهي ٿو لاڏ مان لاڏو
چوي ٿو ماٺ ۾ ڇاهي
مٺي ۾ زندگي آھي
مٺي جي سونهن کي سجدو
اسان جي بندگي آھي
مٺي جون مور بازارون
گهمڻ ٿي دل گهڻيون چاهي
مٺي جون موڪريون گهٽيون
سُڳند جون شيشيون ڀريل
وڻن ٿا ويڪرا رستا
هلن ٿيون حرس مان ناريون
مٺي جون هوٽلون ساريون
سوادي طعام جون ساکي
جليبيون روز ٿيون جرڪن
گڊي تي مور ٿو ٻولي
مندر ۾ مورتي مُرڪي
هٿن تي ديپڙا ٻاري
اُتاري آرتي ڪنهن جي
پڪاري روز پوڄارڻ
مٺي ۾ راڳ موهن جو
وڄائي روز پوڄارڻ
مٺي ۾ سُر صادق جو
ٻُري ٿو ٻاٻيهي وانگي
گڊي جي ڀٽ تان ڏسجي
ڏھر ۾ ڏيک حياتي جو
گهڙي سان نار ٿي ڇُلڪي
ڪڏي ٿو ڪڇ ۾ ٻالڪ
مٺي جا جهوپڙا جهرمر
لڳن ٿا ڪهڪشان مِلڪي
گڊي تان شهر دلبر کي
ڏسي ٿي ڇوڪري ڇرڪي
مٺي جو شھر ٿو مُرڪي

06/05/2017

نظم

امر رائيسنگھ راجپوت

تون امير هوندي غريب ڪيڏو
سڪون لئه جو سدا سڪين ٿو
ڏسي تون پنهنجو پليت پاڇو
اڪيلو هوندي ڊڄين ٿو ڪيڏو
نڪي ساھ سورھو کڻي سگهين ٿو
نڪي خدا کي وڻي سگهين ٿو
کلي اڱڻ تي نڪي سمهين ٿو
نڪي تون تارا ڳڻي سگهين ٿو
وسي ٿي بارش ڇٽي کڻين ٿو
مٽيءَ کي بُت تان ڇنڍي ڇڏين ٿو
مٽيءَ جا ماڻھون مٽيءَ نه ڄاڻين
هوا لڳي ٿي چشم ٿو چاڙھين
ڀري ڊڍر کي چڙھين تون گاڏي
بکئي پيٽ سان هلڻ نه ڄاڻين
ڀري تون شيشا شراب پئين ٿو
گهڙي جو پاڻي پلر ڇا ڄاڻين؟
سدا برف سان جگر کي ٺارين
هٿن سان ڪمرا ٿڌا رکين ٿو
کپن جا جهوپا هوا ڇا ڄاڻين؟
ڪِري ٿو اک مان لُڙڪ نه ڄاڻين
تري ٿي مک تي مُرڪ نه ڄاڻين
ڀري تون ڏُک جي سُرڪ نه ڄاڻين
اڃان چوين ٿو امير آھيان
اڙي اياڻا اميرزادا……!!
پکين جون لوليون ڪڏهن نه ڄاتيون
رڳو بدن جي وڳن ۾ پورو
اکين جون ٻوليون ڪڏھن نه ڄاتيون
پرار تان ڪئين پُڪار بڻجي
اچن ٿيون ڪنهن لئه سُڪار بڻجي
اُھي نگاهون سگهين جي سمجهي
ڪرين تون سجدا هزار ڀيرا
جسم فروشي اکين سان ڏسندي
ڪڏهن نه ڄاتو درد اهو تو
لهو لهو ڇو جسم سمورو؟
ٽڪي تي ڇا لئه عزت وڪاڻي؟
اکين مان ٽپڪي اُداس پاڻي
ڪڏھن نه ڄاتي اها تو ڪهاڻي
ٻچا بکايل ڏسي اُڃايل
ذلالتن ۾ ضمير ماري
حوا جي ڌيءَ ڪئين اگن چڙهي ٿي
اهو نه پرکين اڙي اياڻا
غريب جو ڪئين گُذر ٿئي ٿو
ڳڀي جو ٽُڪرو سفر ٿئي ٿو
بُکن جي ڪهاڻي اڃا وڏي آ
ٻُڌي نه سگهندين صفا ڏُکي آ
حياتيءَ ڇاھي، ڪٿا ڊگهي آ
ڪتابِ فطرت اول پڙھي آ
جيئڻ جي چاهين اهو سِکي آ
گلن تي پوپٽ مڙن ٿا ڇا لئه؟
گگن ۾ ٽيڙو ٽڙڻ ٿا ڇا لئه؟
ڏسي چانڊوڪي اُداس ٿيندي
چڪور چنڊ لئه لڇي ٿو ڇا لئه؟
ڪڙھي اُڃن ۾ قرار ماڻي
هرڻ پلر جو پڇي ٿو ڇا لئه ؟
مئل ڦر جي مٽي رکون ٿا
ڍڳيءَ تنهن چم کي چٽي پرانسي
ڏسي گگن ۾ کنوڻ جا کيٽا
مٺي جي ڀٽ تي ملهار ڇيڙي
ڪري ٽھوڪا مور ٿو ڪنهن لئه؟
گلاب وانگي گهٽا کي واسي
هوا اُٺي جي اچي ڪٿان ٿي؟
ڇلر ڇڏي ڇو چِڙي ڪلر ۾
سڄو ڏينهن وهنجي سڏي ٿي ڪنهن کي؟
سمنڊ جو پاڻي صفا ڪڙو آ
مڇي ڇو تنهن ۾ سدا سرهي آ؟
مندن تي موٽي اُڏار بڻجي
پکي ڇو پنهنجي وطن وڃن ٿا؟
اهو جي ڄاڻين اڙي اياڻا
حياتي تنهنجي گُلاب ٿي پئي
ڪرين جي محبت غريب سان تون
گُناھ به تنهنجو ثواب ٿي پئي

20/04/2017

امر رائيسنگھ راجپوت

نظم

او ڏيلھ ڏڪي ڇوڪريءَ
هي چال تنهنجي پوپريءَ
ٿي ٻولي لڳي چين جي
ٿو ڪير وانچي چوپڙيءَ
آ ڏاڍي ڏُکي مام ڪو
هي نيڻ تنهنجا ڄام ڪو
ٿا ٿيڙين روز ڇوڪرا
هي اوپرا هي اوپرا
تون کائي گهڻا ڪوپرا
ٿي ٺاهين روز ونڪي
هي وک تنهنجي مرگھ جي
ٿي ونگ وجهي لمندي
تون وار ڇنڊين وهنجندي
تون خوب جچين کلندي
ٿو موھ وڌي ملندي
تون لوڏ ٻڌي لام ۾
ٿي روز لُڏين گام ۾
ٿو ساھ مُنجهي ڪام ۾
تون ٻول ٻولين مٺڙا
هي چوري چور چپڙا
مان وٺان تنهنجي نام کي
جئين سيتا جپي رام کي
مان تو ۾ ڳوليان پاڻ کي
تون مُور نه پرکين مام کي
ٿي روح ڇيڙي راڳ سان
هي ڇير تنهنجي ڇيگريءَ
او ڏيلھ ڏڪي ڇوڪريءَ
ٿي روز ٻوڙين ڳڀرو
تون گهائي پنهنجي گهور سان
ٿو چنڊ ڏسي دور کان
تون نار پنهنجي نور سان
ٿي روز منڊين منڊ ڪي
هن جوڀن سندي ٻُور سان
تون لڳين ندي ويڪريءَ
او ڏيلھ ڏڪي ڇوڪريءَ
هي پيرون منهنجي ديس جا
ڪي راتڪا ڪي آڇڪا
ٿي چونڊين مون لئه چاھ مان
مان چمان تنهنجا چپڙا
هي هرک جهڙا هٿڙا
تون پائي پيلا ڪپڙا
ٿي وڻين مونکي ائين
جئين عورت وڻي انبڙي
جئين مرد وڻي مرچڙي
جئين ميٽ کائي مورَ ۾
ڪا نار ڀاريءَ پير سان
ٿي وڻي پنهنجي ور کي
جئين سُگهڙ رکي گهر کي
ٿي لڳين مونکي ائين
جئين تري پنهنجي ترنگ سان
ٿي ڊنڍ مٿي نيرڳي
جئين مور مٿي ڪلنگي
جئين ڊيل اچي ڊڪندي
جئين ڪلي ڪُڏي واڇڙي
جئين ٻار کلي ننڊ ۾
جئين مندر گونجي گهنڊ ۾
جئين وسي نور چنڊ ۾
تون منڊين پنهنجي منڊ ۾
جئين ڪويل ٻولي ون ۾
تون وڄين منهنجي من ۾
۽ لڳين مون کي بانسري
او ڏيلھ ڏڪي ڇوڪريءَ

20/04/2017

نظم

امر رائيسنگھ راجپوت

سنڌ ناري
اڙي او سنڌ جي ناري!
گلابي مھڪ جھڙي تون
ڪنواري ٽھڪ جھڙي تون
اُچو آڪاش تون آھين
چٽي ٿي چاندني چمڪي
اُھو پرڪاش تون آھين
وڏو وشواش تون آھين
سدائين سنڌ ڌرتي جو
ڪيو آ ڳاٽ اوچو تو
وطن ۽ ويس ڌرتيءَ جو
کٿوري کيس ڌرتيءَ جو
اُڻين ٿي سُٽ اوني مان
ڪتين ٿي ارٽ آڌيءَ جو
ولوڙين کير ٿي ويھي
ٿڌي ڄڻ ھير ٿي ويھي
جڏھن ڀي جنڊ ٿي جوٽين
لڳي ٿو منڊ ٿي جوٽين
غذب جي سادگي تو ۾
عجب ھي عاشقي تو ۾
رُخن تي رنگ حجابن جو
وطن ڄڻ تون گلابن جو
ورق ڪوتا ڪتابن جو
ھٺيلي ھي ھلڻ تنھنجو
خوابن ۾ کلڻ تنھنجو
لڪي ڇُپي ملڻ تنھنجو
ڇڏي ٿو ڇوڪرا ڇيڙي
وڃين ٿي مرڪ سان ميڙي
ٻُھاري روح ٻاجھارو
نھارڻ ناز مان تنھنجو
اُچي آواز مان تنھنجو
رنگيلو روپ او راڻي
ندي جي لھر جھڙو آ
قسم سان قھر جھڙو آ
سجايل سينڌ ۾ گلڙو
وجھي ڪو چيچ ۾ ڇلڙو
ھلين ٿي ھيل جي کڻيو
وڃن ٿا ھوش مان نڪري
وڻن جا ڏار ويچارا
ڪلھن تي وار ويچارا
سمورا رات جا تارا
وڃائي واٽ ھن ويٺا
پسي تو پير ۾ جانجھر
کڻين ٿي چيلھ تي گاگھر
پون ٿا وقت کي ڏانوڻ
سمائي پاڻ ۾ سانوڻ
جڏھن ڪينجھر اچين ٿي تون
اڇي آڙي لڳين ٿي تون
ڪنڌي تي گل اڇا ڪيئي
اوھان جي آجيان ڪن ٿا
اُڏن ٿا عشق جا پوپٽ
نظارا نينھن جا جھٽ پٽ
گھٽائون ٿي پون ٿا پو
زنجيرون زلف ھي تنھنجا
ڪڙا ۽ ڪلف ھي تنھنجا
چپن جا بند دروازا
کلن ٿا ۽ کڄن ٿا ڄڻ
نياپا نيڻ نينڍون ٿي
سنديسا کوڙ سينڍون ٿي
سڻان ٿو مان سنڌءِ سڏڙا
ڪري واڪا وري وڏڙا
چوان ٿو مان کڻي ھٿڙا
رھين شل روپ ساڳي ۾
سڀاڳي سنڌ جي ناريءَ
ڀٽائي ۾ ۽ ڀاڳي ۾
پسان مان پاڻ ۾ توکي
سچل سامي ۽ حامي جي
ڪويتا ڪوڪ تون آھين
ڪلوئي شھر جي ڀر مان
ڦُٽل ڪا ڦُوڪ تون آھين
بلاول، روپلي جو ڪو
نئون اوتار تون آھين
وڏي ڏاتار تون آھين
پويتر پاڪ دامن سان
لڳين ٿي ورق گيتا جو
سمورو باب سيتا جو
سمايل سُونھن تنھنجي ۾
سُريلي سنڌ جو نقشو
لڳي ٿو لاڙ ۽ ڪاڇو
رھيو آ روح تنھنجي ۾
بسيرو ڀٽ واري جو
ھيو ڄڻ حوصلو ڪوئي
سَٺا ڪي ستم تو آھن
اڃا ڀي جرم ھِن جاري
بنان ڪنھن ڏوھ ويچاري
ڪري ڪاري وڃين ماري
مگر پوءَ ڀي مُڙي ناھين
ڪسي تون ڪا ڪُڙي ناھين
ڪڏھن سسُئي ڪڏھن مومل
ڪڏھن مارئي ڪڏھن ٻاگھل
ڪڏھن جيجا ڪڏھن سيتا
ستي بڻجي نڀايو تو
مگر ھن ديس دلبر جي
نه لوئي کي لڄايو تو...!!
نه لوئي کي لڄايو تو...!!

20/04/2017

نظم

امر رائيسنگھ راجپوت

اڄ چون ٿا ھولي آھي
ڄاڻان ٿي مان جيجل تُنھنجي
ماٺي ڇو ٿي لولي آھي
رات سُتا ھئا بُک ۾ ڀاتي
ننڍڙي گڏڙي ٿڃ لئه آتي
جيجل تنھنجي ڇڻيل ڇاتي
ڏسندي ڏنجھ ۾ ڏُسڪي ڏُسڪي
پنڪي ساري رات رُني پي
رات ته ڇا،پرڀات رُني پي
لنوندي ڪويل لات رُني پي
ڪنھن نه ٻڌيون دانھون آنھون
ڪنهن نه ڄاتو ڏانءَ ڏُکن جو
ڪنھن نه ڄاتو ڀيد بکن جو
ڪئين ٿي وٽ وجھي ھُو ڏائڻ
جيڪا ھڪ پرولي آھي
ھُو چون ٿا ھولي آھي
ڪاش! اھو ڪو ڄاڻي ھا جي
ڏُک ۾ ھرڪا بات مري ٿي
بُک ۾ ڪئين مرجات مري ٿي
هر ڪا ذات صفات مري ٿي
ساڌو کي ڀي چور ڪري ٿي
آنڊن ۾ جا شور ڪري ٿي
ان لئه ڪھڙيون عيدون ھوليون
جنھن لئه جيون لولو آھي
اھڙي پاپڻ ويرڻ بُک جي
ڪنھن نه ڄاتي ٻولي آھي
اڄ چون ٿا ھولي آھي
ڪھڙا طعام تري ھُو ناري
جنھن وٽ ھڪڙو ويلو ناھي
ڪھڙا زيور پائي پدما
جنھن وٽ ڪوئي جھيلو ناھي
ھُو ڪئين وِڌوا سينڌ سنواري
جنھن جو ڳڀرو گھوٽ ڪُساڻون
ھُو ڪئين جيجل جھُڻڪي ڳائي
جنھن جو پُٽ اڻموٽ ڪُساڻون
ڪنھن تان گھوري ھارولا ھُو
ڀيڻ ڏُکاري، ڀاءُ ڪُساڻون
مٺڙو مٺڙو ساءُ ڪُساڻون
ھُو ڪئين ڪاجل پائي ڪومل
جنھن کان ڍولو يار رُساڻون
ڌوڙيلي ڪئين ديس ملھائي
گوڙاڻون آ ڳوٺ وڪاڻون
ڪئين ھُو مچ مچائي مرچو؟
جنھن جي مومل تپ ۾ تڙپي
گوري گھرندي ڪالھ مري وئي
غربت جي اُن گھاوَ وڏي ۾
ھُن جي ھر ڪا ڳالھ مري وئي
ھاڻي ھولي ڪئين ملھائي؟
ھُن وٽ ڪجھ بچيو ئي ناھي
ويس وڳا ھُو ڪھڙا پائي
جنھن وٽ ڦاٽل چولي آھي
اڄ چون ٿا ھولي آھي
ڄام به هلندا طعام به هلندا
رنگ وطن ۾ گيرون ٿيندا
مايا تنهنجي ڇايا ۾ ڪي
لُڏندي ڪُڏندي لهرون ٿيندا
پر سي ڪهڙي ھولي ڪندا
ڳچ ڏينهن کان ڳاراڻي ۾
کاڌي جن هڪ ماني ناهي
تن لئه هولي درد وڏو آ
تهوارن کان فرد وڏو آ
ڪنھن تي رنگ هڻي ھُوءَ ريکا
هن جي قسمت هن سان ناهي
مان ڀي ڪھڙا سانگ سجايان
منهنجي قسمت مونسان ناهي
مون سان ڇا پر توسان ناهي
ڏيھ ڏُکن ۾ گهايل آھي
ماٺي هر ڪا پايل آھي
جيجل هاڻي تون ٻُڌاءَ
ڪهڙو ديس وسايون آخر....؟
هڪڙي عيد ملهايون آخر....؟

Address

Mithi

Telephone

+923463751610

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Amar Raisingh Rajput posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category