18/01/2026
مفت م لون حاصل ڪريو ۽ واپسي به بلڪل ناهي!!!
يورپي يونين جي مالي سهڪار سان
پروگرام: PAIDAR
عملدرآمد: گڏيل قومن جي صنعتي ترقي واري اداري (UNIDO)
نفاذ ڪندڙ ساٿي ادارو: سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (SRSO)
مائيڪرو گرانٽس لاءِ درخواستن جي سڏ (ٽيون مرحلو)
ننڍن ۽ مائيڪرو سطح جي ڪاروبارن جي قيام لاءِ مالي سهائتا
غربت جي خاتمي ۽ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ جامع ترقي لاءِ PAIDAR پروگرام يورپي يونين جي مالي مدد سان پنجن سالن تي ٻڌل منصوبو آهي. هن پروگرام جو مقصد سنڌ حڪومت کي پنجن چونڊ ضلعن (ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ لاڙڪاڻو) ۾ غربت گهٽائڻ واري حڪمتِ عملي تي عملدرآمد ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ آهي، جنهن جو بنيادي مقصد غريب عورتن، مردن ۽ نوجوانن جي روزگار ۽ زندگي جي معيار ۾ بهتري آڻڻ آهي.
PAIDAR پروگرام، جيڪو UNIDO پاران لاڳو ڪيو پيو وڃي، ان تحت فني سهائتا، صلاحيت وڌائڻ واري تربيت ۽ مالي امداد (گرانٽس) مهيا ڪئي وڃي ٿي ته جيئن موجوده ڪاروبار کي هٿي ڏني وڃي ۽ نوان ڪاروبار قائم ڪيا وڃن.
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (SRSO) بدين ضلعي ۾ مائيڪرو گرانٽس واري حصي جو نفاذ ڪندڙ ادارو آهي ۽ اهل ڪاروباري ماڻهن کي نوان ڪاروبار شروع ڪرڻ يا موجوده