
02/07/2025
نيب پاران SPSC جي اعليٰ عهديدارن خلاف ڪارروائي شروع
اسلام آباد: نيب (نيشنل اڪائونٽبليٽي بيورو) پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) جي اڳوڻي چيئرمين نور محمد جنڊماني سميت اعليٰ عهديدارن خلاف غير قانوني ڀرتين، ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، نيب کي اطلاع ملي هئي ته SPSC ۾ ڪيترن ئي ڀرتين دوران قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي ۽ اهم عهدن تي ناجائز طريقي سان ماڻهو مقرر ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ نيب تحقيقات لاءِ ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ وڏيون گرفتارين جو امڪان آهي