Daanh News Nawabshah

Daanh News Nawabshah ھر وقت ھر خبر دانھن نيوز جي نظر

22/09/2026

نواب شاهه ۾ مير عابد بروهي جي اڳواڻي ۾ نوجوانن پاران في سبيل الله غريب، مسڪين ۽ بي سهارا ماڻهن جي مدد لاء ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪي ڪي جتوئي دانھن نيوز نوابشاھ

مير امان الله رند طرفان اظھار ھمدردي اسپيڪٽر ممتاز علي بروهي، سندس ڀائرن ۽ ڀائٽن خلاف داخل ڪيل ڪوڙين ۽ بي بنياد ايف آءِ ...
20/09/2026

مير امان الله رند طرفان اظھار ھمدردي اسپيڪٽر ممتاز علي بروهي، سندس ڀائرن ۽ ڀائٽن خلاف داخل ڪيل ڪوڙين ۽ بي بنياد ايف آءِ آرز جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.

اهڙين ڪاررواين سان ھڪ فرض شناس آفيسر ممتاز علي بروهي ۽ سندس برادري ۾ سخت تشويش ۽ بيچيني پيدا ٿي آهي. اسان ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ۽ ڊي آءِ جي نوابشاهه کان پُرزور مطالبو ڪريون ٿا ته معاملي جي فوري، شفاف ۽ غيرجانبدار انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن ايف آءِ آرز بي بنياد ثابت ٿين ته ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

اسان پنهنجي ڀاءُ ممتاز علي بروهي سان هر ڏکئي وقت ۾ گڏ بيٺل آهي ۽ انصاف جي حاصلات تائين پنهنجو آواز بلند ڪندي رهندي.

20/09/2026

نوابشاهه: هڪ ڏينهن اڳ پراسرار طور گم ٿيل قائدِ عوام يونيورسٽي جي شاگرد عاقب عالماڻي جو لاش هٿ

14/09/2026

نوابشاھ گوٺ جيئندو خاصخيلي ۾ ڌاڙو
ايڊوڪيٽ اميد علي خاصخيلي جي گھر ۾
نامعلوم چورن گھر کي کاٽ ھڻي ٽي تولا سون 6 لک روپيه ڪيش رقم ۽ قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا
ڳوٺاڻن کھوجي ڪتا گھرائي ورتا
بي سيڪشن پوليس جاء واقعي تي موجود
کھوجي ڪتا سرچ شروع ڪري چڏيو

31/08/2026

اٺھٺ موري ڀرسان ڄام لغاري شاخ جي پوڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ڪرم علي جمالي رجب جمالي علي خان جمالي ۽ اياز جمالي جي اڳواڻي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي آبادگارن چيو ت ايريگيشن کاتي جو عملو اسان جو ھٿ سان پاڻي بند ڪيو ويٺا آهن اسان پوڇڙي جا آبادگار ڪافي سالن کان پاڻي ن اچڻ ڪري اسان جا پوکيل فصل ڦٽي جوئر جنتر سڪي رھيا آھن پاڻي جي کوٽ سبب اسان جو چوپايو مال ۽ پکي ب اڃ وگھي تڙپڻ لڳو آهي
آبادگارن چيو ت ڄام لغاري شاخ جي پوڇڙي ۾ پاڻي ن اچڻ ڪري اسان آبادگار سخت پريشان آھيون
اسان غريب مسڪين آبادگار پنھنجون زمينون بنجر ڏسي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون ايريگيشن کاتي جو عملو ھٿ سان اسان جو پاڻي بند ڪيو ويٺو آھي جنھن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي
اسان غريب آبادگار ھتي پاڻي جي ڍڪ لاء تڙپون پيا
پر ڪنھن جي ب مٿي تي جون نٿي چري اسان ڪنھن کي دانھن ڏيون
آبادگارن آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ۽ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ت ڄام لغاري شاخ ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي اسان آبادگارن کي پاڻي ڏياريو وڃي ت جيئن اسان آبادگار فصل پوکي سگھون

*اظهارِ تعزيت* *پي پي يوتھ ونگ ڊويزنل انفارميشن سيڪريٽري فرحان لغاري، امير حيدر زرداري، فوڊ ڊويزنل ڊائريڪٽر جاويد احمد ڀ...
30/08/2026

*اظهارِ تعزيت*

*پي پي يوتھ ونگ ڊويزنل انفارميشن سيڪريٽري فرحان لغاري، امير حيدر زرداري، فوڊ ڊويزنل ڊائريڪٽر جاويد احمد ڀنڀرو، ۽ وڏيرو حاجن پنھور* ڳوٺ جانب خاصخيلي پهچي

*استاد علي نواز خاصخيلي* جي گھر واري، *اياز خاصخيلي* جي امڙ ۽ *پي پي ڪائونسلر خالد خاصخيلي* جي چاچي جي وفات تي اظھارِ تعزيت ڪئي.

هن موقعي تي *مرحومه جي ايصالِ ثواب ۽ درجات جي بلندي* لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.

الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ گھر وارن کي صبرِ جمیل عطا فرمائي. *آمين* 🤲

*اظهارِ تعزيت* *چيئرمين ٽائون ڪميٽي اولڊ نوابشاهه حاجي محمد حيات ڪاڪيپوٽو* ڳوٺ جانب خاصخيلي پهچي*استاد علي نواز خاصخيلي*...
30/08/2026

*اظهارِ تعزيت*

*چيئرمين ٽائون ڪميٽي اولڊ نوابشاهه حاجي محمد حيات ڪاڪيپوٽو* ڳوٺ جانب خاصخيلي پهچي

*استاد علي نواز خاصخيلي* جي گھر واري، *اياز خاصخيلي* جي امڙ ۽ *پي پي ڪائونسلر خالد خاصخيلي* جي چاچي جي وفات تي اظھارِ تعزيت ڪئي.

هن موقعي تي حاجي محمد حيات ڪاڪيپوٽو *مرحومه جي ايصالِ ثواب ۽ درجات جي بلندي* لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.

تعزيت جي موقعي تي *وائس چيئرمين يو سي 3 ظفر آرائين* ۽ ٻيا موجود هئا.

الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ گھر وارن کي صبرِ جمیل عطا فرمائي. *آمين*

اظھار تعزيت*نوابشاهه: پي پي ايم پي اي جاويد اقبال آرائين جو ڳوٺ جانب خاصخيلي ۾ تعزيت لاءِ دورو* *شهيد بينظيرآباد (PS-37)...
30/08/2026

اظھار تعزيت
*نوابشاهه: پي پي ايم پي اي جاويد اقبال آرائين جو ڳوٺ جانب خاصخيلي ۾ تعزيت لاءِ دورو*

*شهيد بينظيرآباد (PS-37)* جو صوبائي اسيمبلي ميمبر *جاويد اقبال آرائين* ڳوٺ جانب خاصخيلي نوابشاهه پهچي *استاد علي نواز خاصخيلي* جي گھر واري، *اياز خاصخيلي* جي امڙ ۽ *پي پي ڪائونسلر خالد خاصخيلي* جي چاچي جي وفات تي اظھار تعزيت ڪئي.

هن موقعي تي جاويد اقبال آرائين صاحب *مرحومه جي ايصالِ ثواب ۽ درجات جي بلندي* لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.

تعزيت جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه نوابشاهه صدر نور نواز زرداري ,سنڌي آرٽسٽ غلام نبي ٻنڊ, حاڪم خاصخيلي سميت پارٽي جي ٻين اڳواڻن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ گھر وارن کي صبرِ جمیل عطا فرمائي آمين

Address

Nawabshah
Nawabshah
67450

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Daanh News Nawabshah posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Daanh News Nawabshah:

Shortcuts

Share