Daanh News Nawabshah

Daanh News Nawabshah ھر وقت ھر خبر دانھن نيوز جي نظر

افسوس ناڪ خبر نواب شاھ سوئي گيس اسٽاپ برسان گوٺ محمود جمالي واسي عنايت جمالي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري ھميشه لاء زندگي ...
08/11/2025

افسوس ناڪ خبر
نواب شاھ سوئي گيس اسٽاپ برسان گوٺ محمود جمالي واسي عنايت جمالي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري ھميشه لاء زندگي جو سفر ختم ڪري چڏيو, 😭😭

25/10/2025

*ڊينگي ۽ مليريا کان بچاءُ جي قدمن بابت ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد عبدالصمد نظاماڻي،طرفان نواب شاهه جي عوام لاءِ پيغام*

19/10/2025

نواب شاھ
علي شير اڪيڊمي ۽ انڊس ھيون اسڪول جي طرفان ڊاؤ ميڊيڪل ٽيسٽنگ سروس جي نالي سان ميڊيڪل جي شاگردن کان علي شير اڪيڊمي جو مالڪ انجنيئر علي شير بروھي ۽ انڊس ھيون اسڪول جي پرنسپال انجنيئر مقبول احمد آرائين جي نگراني ۾ ھڪ موڪ ٽيسٽ ورتي وئي
موڪ ٽيسٽ ضلعي شھيد بينظيرآباد جي جي ٻن تعلقن ۾ ٻن سينٽرن ۽ ضلعي سانگھڙ جي ھڪ تعلقي ۾ ورتي وئي جنھن ۾ سنڌ جي مختلف شھرن مان ٽي سئو کان وڌيڪ ميڊيڪل جا شاگرد ۽ شاگردياڻين حصو ورتو
موڪ ٽيسٽ جي سپروائيزر انجنيئر علي شير بروھي مختلف سينٽرن جو دورو ڪيو❤️❤️
ڪي ڪي جتوئي دانھن نيوز نوابشاھ

05/09/2025

نواب شاھ دوڙ
دوڙ شھر ۾ سيد غازي احمد شاھ جيلاني قادري جي زير سرپرستيء ۾ ھڪ عظيم شان ريلي آمد مصطفیٰ ﷺ ريلي ڪڊي وئي
ريلي ۾ سيد عبدالقادر شاھ جيلاني قادري, سيد محمد حسن علي شاھ جيلاني قادري, سيد محمدپريل شاھ جيلاني قادري خصوصي شرڪت ڪيا,
ريلي کي دوڙ پوليس طرفان ڊي ايس پي حبيب الرحمن لاشاري جي نگراني ۾ تمام بھترين سيڪيورٽي ڏني وئي

28/08/2025

نواب شاھ
تعليم کاتي نوابشاهه ۽ پ ٽ الف تعلقه نوابشاهه پاران تعليمي جاڳرتا ۽ داخلا مھم لاءِ جي بي پي ايس غلام رسول جمالي کان سوئي گئس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي وئي
ريلي جي اڳواڻي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر محمد سليم ڀٽي ، تعلقہ ايجوڪيشن آفيسر نوابشاهه محمد يونس ملاح ۽ پ ٽ الف تعلقه نوابشاهه صدر محمد سومر ڀنگوار ڪئي

ريلي ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي سوئي گئس اسٽاپ تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو سماج ۾ وڌندڙ براين جھڙوڪ منشيات جوا کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻارن ۽ نوجوانن کي تعليم حاصل ڪرڻ گھرجي شعوري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ گھرجي اڳواڻن اسٽاپ تي موجود ھوٽلن ۽ دڪانن تي ويٺل ماڻھن کي پيغام ڏنو پنھنجن پٽن ۽ نياڻين کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪريو جيئن اسان توھان سڀ گڏجي جھالت جو مقابلو ڪريون

ريلي کي سوئي گئس اسٽاپ تي موجود ماڻھن شاندار استقبال ڪيو استادن آفيسرن شاگردن تي گلن جي ورکا
ڪئي گلن جا ھار پارايا ۽ سندن پيغام جي آجيان ڪئي
ڪي ڪي جتوئي دانھن نيوز نوابشاھ

06/08/2025

نواب شاھ
سوئي گيس اسٽاپ برسان درگاھ سخي اميد علي جمالي المعروف ست قبا جي 51 ھون عرس جو سالانو ميلو جاري
ملاکڙي ۾ آيل مھمان خاص حاجي احسان جمالي نظير جتوئي ۽ بئين کي ميلا ڪميٽي طرفان سنڌي اجرڪن جا تعفا پيش ڪيا ويا
جڏھن ته پرويز علي جمالي ميلي بابت دانھن نيوز سان پنھنجا خيالن جو اظھار پڻ ڪيو

04/08/2025

نواب شاھ
درگاھ سخي اميد علي جمالي جي 51ھون عرس جو ميلو وڏي ڌوم ڌام سان جاري
ملھ ملاڪڙي ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙچ مان چوٽي جا پھلوان لٿل
جن ۾ مشھور پھلوان
پھلوان محرم جمالي, پهلوان قربان هوٿيپوٽو, پھلوان جان محمد لنڊ, پھلوان گل حسن هوٿيپوٽو, پھلوان لاسي, پھلوان علي پٽاڻ, پھلوان, روشن شاھ سميت نالي وارا پھلوان شامل

30/07/2025

بريڪنگ نيوز
پاڪستان پيپلز پارٽي جو اھم اڳواڻ ميھان خان رند ۽ الطاف ڀٽي پيپلز پارٽي کي الوداع ڪري جونيئر ذوالفقار ڀٽو سان ملي شھيد ڀٽو پارٽي ۾ اعلان ڪري ڇڏيو

جشن آزادي ڪپ 2025 رند جانباز ۽ جمالي ڊينجرز جي وچ ۾ مقابلو ٿيورندجانباز سخت مقابلي کان پوء فائنل کٽي ٽرافي پنھنجي نالي ڪ...
28/07/2025

جشن آزادي ڪپ 2025
رند جانباز ۽ جمالي ڊينجرز جي وچ ۾ مقابلو ٿيو
رندجانباز سخت مقابلي کان پوء فائنل کٽي ٽرافي پنھنجي نالي ڪئي .
فائنل ميچ ۾ مھمان خاص ڪي ڪي جتوئي طرفان فائنل ميچ کٽيندڙ وسيم رند۽ رنر ٽيم ناصر زرداري کي ڪيش انعام ۽ ٽرافيون ڏنا

نواب شاھ جي عوام لاء خوشخبري درويش ولي ڏاڏا سخي اميد علي جمالي جو 51 ھون ساليانو عرس ۽ ميلو
27/07/2025

نواب شاھ جي عوام لاء خوشخبري
درويش ولي ڏاڏا سخي اميد علي جمالي جو 51 ھون ساليانو عرس ۽ ميلو

26/07/2025

اسڪولن جا موڪل پورا ٿيڻ وارا آھن پر تعليم کاتي وارا اڃان آرامي
گورنمينٽ پرائمري اسڪول ديوان رامچند نواب شاھ جو بلڊنگ زبون حالي جو شڪار
رپورٽ
ڪي ڪي جتوئي دانھن نيوز نوابشاھ

Address

Nawabshah
Nawabshah
67450

Telephone

+923153307196

Website

http://www.facebook.com/, http://www.facebook.com/, http://www.facebook.com/, http://www.faceb

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Daanh News Nawabshah posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Daanh News Nawabshah:

Share